سياست ڪجي ته اصولن جي ڪجي، هڪ ڳالھه تي بيهي رهجي، جيڪا ڳالھه اڄ هجي اها سڀاڻي به هجي، پر پي ٽي آءِ پنهنجي يوٽرن واري سياست زنده رکيو پئي آئي آهي. هنن اهو نه سوچيو ته سياست ۾ مستقل مزاجي جي به ڪا معنيٰ آهي. ڀلا جي هي مهڙ ۾ ئي فوج جي ڪلهن تي سوار ٿي نه اچن ها ته به هنن جي دال ڳري وڃي ها، پر هنن به روايتي سياست جو سهارو ورتو ۽ اسٽيبلشمينٽ جي گهوڙي تي سوار ٿي وزيراعظم جي آفيس سنڀالي. وري ان ڳالھه جي به تصديق ڪين ته اسٽيبلشمينٽ ئي ڪُل ڪائنات آهي ۽ سڀني شين جو حل به اهائي آهي، ان ۾ ڪرسي جي حاصلات به اچي وئي. هنن اها ڳالھه ڪئي به هئي ته وري اسٽيبلشمينٽ کي پٺي نه ڏين ها، جو هنن وري پنهنجي مرضي هلائي ۽ اسٽيبلشمينٽ کي اکيون ڏيکارڻ شروع ڪيون ۽ پنهنجي پير تي پاڻ ڪهاڙو هڻي ويٺا.
هاڻي ته پي ٽي آءِ وارا ٻه واٽي تي اچي بيٺا آهن، جو عمران خان کي جيل مان ڇڏائين يا حڪومت سان ڳالهيون ڪري سيٽن تي مخالف بڻجي ويهن، ڳالھه ته نبرين ئي نٿي. ان ڪري ته هنن جي “ون پوانٽ” ايجنڊا ناهي. هنن جي ڳالھه به اها ٿي بيهي جو “گهڻين مردين هر نه هلي ۽ گهڻين زالين گهر نه هلي” هنن جو هڪ اڳواڻ ناهي رهيو، ڪڏهن بشريٰ بيبي کي سامهون ٿا آڻين، جيڪا ملڪي سياست کي سمجهي ناهي سگهي، اها اڃان ستن پردن ۾ ٿي رهي. وري ڪڏهن ڪڏهن عليمه بيبي سياست جون واڳون ٿي سنڀالي جو اهي ٻئي عورتون پاڻ ۾ ٺهن ئي نه ٿيون. وري ڳالھه اها به ڪجي ته پي ٽي آءِ وٽ سواءِ عمران خان جي ڪو مضبوط پارٽي اڳواڻ نه هو (۽ نه ئي آهي). شاھ محمود قريشي پارٽي ۾ هوندي به اٽي ۾ لوڻ برابر هو، جو پارٽي ذري گهٽ پٺاڻن جي ٿي سڏجي، جيڪا به تحريڪ اڀري ٿي اها ڪي پي مان ٿي اڀري، پوءِ اها لانگ مارچ هجي يا عمران خان جي آزادي جي تحريڪ. بدقسمتي سان هيل تائين ڪا طاقتور تحريڪ ناهي اڀري، جيڪا عمران خان جو دفاع ڪري سگهي. ملڪي ۽ غير ملڪي ماڻهو اهو سمجهن ته هاڻي عمران خان آزاد ٿي نه سگهندو. ڇو ته ڪيسن جي آسري هيل تائين رڳو ڌٻڻ ۾ ئي ڦاٿا آهن جو هڪ ڪيس مان جان ٿي ڇٽين ته ٻئي ڪيس ۾ ڦاٿا پيا آهن. 9 مئي هنن جي پارٽي جي تابوت ۾ آخري ڪوڪو ٿي لڳو جو جان نٿا ڇڏائي سگهن. عدت ۾ نڪاح واري ڪيس مان ته جان ڇٽي وين، پر مني لانڊرنگ، القادر يونيورسٽي ڪيس، فارين فنڊنگ، توشاخانا ۽ وري مٿان 9 مئي واري مصيبت. ان ڪري اهڙو ڪو لائحه عمل آڻي ناهن سگهيا جنهن مان اها ڳالھه سمجهي سگهون ته اهي هاڻي اصولي سياست به ڪري سگهندا.
سڀ ڳالهيون پنهنجي جاءِ تي، پر موروثي سياست اسان وٽ پارٽي جي زنده هجڻ ۽ رهڻ جون ضامن ضرور آهن، ڇو ته پارٽي کان ٻاهر ماڻهو ان پارٽي جي اثر ۽ زور کي محسوس نٿا ڪن، اهي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن پارٽي اندر عمران خان جو پٽ، زال، ڀيڻ يا ڀاءُ ڪنهن صورت اچن ها ته پارٽي زنده جاويد هجي ها، پر هنن ته پارٽي کي به ڪرڪيٽ ٽيم سمجهيو جو ڪڏهن هڪڙي کي واڳ ملي ته ڪڏهن وري ٻئي کي. ان سان پارٽي جي ساک ۽ پت وڃائجي وئي ۽ پارٽي ۾ اهو مزو نه رهيو، جيڪو عمران خان پاڻ هلائي ويو. هاڻي به ساڳي مونجهاري واري ڳالھه لڳي پئي آهي، پارٽي جون واڳون ڪنهن جي هٿ وس ناهن، ڪير ٿو “پارٽي آپريٽ” ڪري يا ڪنهن جي حصي ۾ ڪيتري حيثيت آهي سو سوال اڃان به باقي آهي.
علي امين گنڊاپور ته پارٽي کي يرغمال ڪيو ويٺو آهي، هر ڏينهن نئين ڌمڪي چاڙهي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت کي به بليڪ ميل ڪيو ويٺو آهي. ڳالهين لاءِ نه حڪومت تيار آهي ۽ نه اسٽيبلشمينٽ. هاڻي ڳالهيون ڪن ته ڪنهن سان ڪن ۽ ڳالهين جو منڍ ۽ پڇاڙي ڇا هوندو؟، توشاخانا تي ڳالهيون ڪندا، فارين فنڊنگ تي ڳالهائيندا، مني لانڊرنگ واري ڪيس جي پوئواري ڪندا، القادر يونيورسٽي تي ڪي ڳالهيون ٿينديون، عمران خان پهرين پاڻ ٻاهر اچي پوءِ ڳالهيون ٿينديون يا اڳ ۾ ڳالهيون طئي ڪندا ته جيئن عمران خان ٻاهر اچي يا آخر ڇا؟ هنن جي ايجنڊا به سمجھه کان بالاتر آهي، ان ڪري پارٽي ۾ جيترا وات آهن اوتريون ڳالهيون ڪيون ٿيون وڃن. هڪ ايجنڊا يا هڪ ڳالھه ناهي رهي، ڪڏهن سياسي پارٽين سان دشمني وجهي ٿا ويهن جو ڪنهن به پارٽي سان ڳالهين لاءِ تيار ناهن. نون ليگ سان ته نانگ ۽ نور واري ويڙھ لايو ويٺا آهن، پ پ سان ته ڳالهين لاءِ تيار ناهن يا ڪنهن ٻي پارٽي سان اتحاد هنن جو ٺهي نٿو (پر جڏهن اقتداري ڪرسي جي آڇ هئن تڏهن ايم ڪيو ايم به صحيح هئي، جنهن ڪراچي جي گهٽي گهٽي ۽ ڀت ڀت تي 12 مئي 2007 دوران عمران زاني جا نعرا لکي هن کي واپس موٽڻ تي آماده ڪيو هو ۽ ڪراچي ۾ پير پائڻ نه ڏنو هئنس، پر ان ٽائيم تي سڀ ڪجھه صحيح هو، رڳو پ پ ۽ نون ليگ سان جهيڙو هو. بس زرداري ۽ نواز شريف صحيح ناهن باقي پورو ملڪ هنن پي ٽي آءِ وارن جي لاءِ صحيح هو. سياست ۾ ڪا به ڳالھه حرفِ آخر ناهي هوندي سياست ۾ ڊائيلاگ ڪري هلڻو پوندو آهي، جيڪا ڳالھه پي ٽي آءِ وارن جي دماغ ۾ نٿي ويهي، هي سمجهن ٿا ته هاڻي به 2018 واري اليڪشن ٿيندي يا هاڻي به هنن جي مٿان اسٽيبلشمينٽ اڪن ڇڪن لڳي پئي هوندي، پر حالتون سدائين هڪ جهڙيون ناهن هونديون ان ڪري سياست ۾ مفاهمت ۽ مصلحت کان ڪم وٺجي ته بهتر آهي.
پي ٽي آءِ جي اندر اختلاف وڏا آهن، هڪڙو هڪڙي ڳالھه ٿو چئي ته ٻيو وري ٻي ڳالھه ٿو چئي، ڇو جو اڳواڻيءَ جو فقدان آهي، ڪو ڪنهن جي ڳالھه ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هر ڪنهن کي پنهنجي سياسي فلاسافي لڳي پئي آهي، هر ماڻهو پنهنجي ٿو هلائي ان ڪري وري ساڳي ڳالھه چئون ته عمران خان جي آزادي جي لاءِ ڪا ڀلي طاقتور تحريڪ ناهي هلي، جنهن مان عوام اهو سمجهي ها ته هاڻي عمران خان جيل مان ضمانت تي به آجو ٿي سگهي ٿو، پر هاڻي ته ڪا اميد ئي ناهي ته ڪجھه ٿيندو به. پنجاب جي پي ٽي آءِ وارن جي ڪي پي ڪي جي پي ٽي آءِ وارن سان يا سنڌ جي پارٽي اڳواڻن جي بلوچستان جي پي ٽي آءِ جي اميدوارن سان به نٿي پئي، ڇو ته پارٽي جي اندر ايترا اختلاف آهن جو عوام کي ڪجهه سمجهه ۾ ئي نٿو اچي ته ڪهڙي صوبي جي پويان لڳي پئي ۽ آخر پارٽي ڪٿي وڃي دنگ ڪندي.
عمران آزاد کپي يا ڪي پي وارن کي پارٽي آزاد کپي جنهن ۾ هي پنهنجي مرضي جا فيصلا ڪري سگهن، ان ڪري هاڻي عمران خان جا ”ڪيبورڊ واريير“ به ڪا تحريڪ نه هلائي سگهيا. عمران خان جي لاءِ سوشل ميڊيا به هاڻي ٺَپ لڳي پئي آهي، ڪا ڪوڪ دانهن ناهي رهي جنهن مان اهو سمجهون ته هاڻي ڪو انقلاب برپا ٿيندو. ”سوشل ميڊيا“ تي ”ڪيبورڊ واريير“ جي ڦشري جو ڪو آواز باقي ناهي رهيو، جيڪو مهم بازي هلائي سگهن يا ڪجھه ڪري به سگهن. ان ڪري عوام به هاڻي سمجهي ٿو ته جيڪو ٿئي ٿو اهو صحيح آهي ۽ نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي گڏيل حڪومت کي حق آهي ته هو جيڪو ڪن ڪري سگهن ٿا ڪو به مخالف پارٽي ۾ ناهي رهيو، جنهن کي عوام جو درد ويڙهي وڃي، ڪوبه آواز نه اٿندو، ان ڪري ته پي ٽي آءِ جهڙي پارٽي به اختلافن جي ورِ چڙهيل آهي، جن کي پنهنجي لڳي پئي آهي پوءِ گوءِ ۽ ميدان، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي کي نيبھه هجي ته هو پنهنجي مرضي جي حڪومت هلائي پنهنجا ڏينهن پورا ڪن.
مڃون ٿا ته 2023 واري اليڪشن ۾ سمورو مينڊيٽ پي ٽي آءِ وارن جو هو ۽ هڪ خاص حرفت سان هنن کان اهو مينڊيٽ کسي ورتو ويو، پر ان جي لاءِ به ڪا تحريڪ نه هلي سگهي نه ڪا اهڙي مهم بازي جنهن مان اهو سمجهون ها ته هاڻي پي ٽي آءِ وارا گهر ويهڻ وارا ناهن، پر ليڊرشپ جي فقدان پي ٽي آءِ جا ترا ڪڍي ڇڏيا ۽ ملڪ جي وڏي پارٽي هاڻي ڪي پي ڪي جي پارٽي ٿي رهجي وئي آهي. ان ڪري ته ڪنهن به ڳالھه لاءِ ملڪ جي ڪنهن به ڪنڊ مان ڪو آواز نٿو اڀري سواءِ ڪي پي جي ۽ علي امين گنڊاپور جي، جو اهو ٿا سمجهن ته هاڻي پارٽي ڄڻ رڳو ڪي پي ٿي وئي آهي ۽ هر تحريڪ ڪي پي جي حصي ۾ اچي وئي آهي ۽ شاھ محمود قريشي به لاوارث بڻجي جيل جي سلاخن پويان ويٺو ٿو ڏينهن ڳڻي. هو اها ڳالھه به سمجهي ٿو ته جيستائين 2028 نٿو اچي تيستائين هنن جي دال به نه ڳرندي ۽ اهي پي ٽي آءِ وارا اجايا گوڙ ڪري ڪري ويهي رهندا ۽ نون ليگ پ پ سان گڏ اتحادي حڪومت ائين ئي هلائيندي رهندي. اها ڳالھه هنن کي ان وقت سمجهڻ گهربي هئي جڏهن پيپلزپارٽي وارن هنن ڏي اتحادي جي حيثيت سان هٿ وڌايو هو ۽ 2023 جي اليڪشن ۾ جي هي اتحادي سرڪاري جوڙي وجهن ها (جيڪا کڻي ممڪن ته هئي) ته عمران خان جو ڀلو ٿي وڃي ها، پر هاڻي ته هي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهن جنهن مان نڪرڻ مشڪل ٿو لڳي.