بلاگنئون

اسرائيل ۽ فلسطين جو تاريخي پسمنظر

اسرائيل لفظ جي لغوي معنيٰ آهي “اللہ جو بندو” ۽ اھو حضرت يعقوب عليه السلام جو لقب آھي، جيڪو عبراني ٻولي کان ورتل آھي. ان جي اولاد کي بني اسرائيل سڏيو وڃي ٿو. يعني “اللہ جي بندي جو اولاد” جڏھن ته فلسطين جنھن کي عام طور تي رومي سمنڊ ۽ اردن سمنڊ جتي اسرائيل ۽ فلسطين به موجود آھي ۽ مختلف لاڳاپيل زمينن جي وچ ۾ واقع ڏکڻ جاگرافيائي پرڳڻي ۾ اولھ ۾ سينا جي رڻ ۽ وچ سمنڊ ابيض ۽ اوڀر ۾ اردن ندي جي وچ ۾ ھڪ ننڍڙو علائقو آھي. ھولو ڪاسٽ کانپوءِ زنده بچي وڃڻ وارن يهودين اھو محسوس ڪيو ته يورپ ۾ سندن مستقبل ناھي. اھي ھڪ اھڙي وطن جا خواهشمند ھئا جتي يهودين کي ڪمزور اقليت تصور نه ڪيو وڃي. پھرين جنگ عظيم ۾ سلطنت عثمانيه جي شڪست کانپوءِ برطانيه فلسطين پرڳڻي جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. ان وقت ھتي عرب اڪثريت ۾ جڏھن ته يھودي اقليت ۾ ھئا. ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ ان وقت وڌندي وئي. جڏھن عالمي برادريءَ برطانيه جي ذميواري لڳائي ته اھا فلسطين ۾ يھودي ڪميونٽي جي لاءِ فلسطين ۾“قومي گھر” جي جوڙجڪ ڪري ۽ ائين اھي اميدون ان وقت پوريون ڪيون ويون جڏھن جديد اسرائيلي رياست جو قيام عمل ۾ آيو. 15 مئي 1948 تي يھودين اسرائيل جي قيام جو اعلان ڪيو ۽ فلسطين ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. آمريڪا ۽ روس ڪجھ ڪلاڪن جي اندر اسرائيل کي تسليم ڪري ورتو.

جنگ بندي تائين فلسطين ۾ 78 سيڪڙو يھودين جو قبضو 1949ع ۾ ٿي ويو، يعني فلسطيني عربن جي لاءِ سندن ملڪ جو 22 سيڪڙو حصو بچيو. ان باقي بچيل فلسطين جي ھڪ حصي تي اولهه واري ڪناري جنهن ۾ بيت المقدس به شامل هو ان تي اردن قبضو ڪري ورتو ۽ ٻئي حصي (غزہ) تي مصر قبضو ڪري ورتو. 5 جولاءِ 1978 تي اسرائيل حملو ڪري باقي بچيل 22 سيڪڙو فلسطين سان گڏ مصر جي سينا رڻ ۽ شام جي گولان پھاڙن(Golan Heights)  تي به قبضو ڪري ورتو. چون ٿا ته سندن اسرائيل جي سر زمين سان ھزارين سالن کان تاريخي ۽ مذھبي تعلق آھي. اسرائيل سموري بيت المقدس کي پنھنجي گادي جو ھنڌ مڃي ٿو. جڏھن ته فلسطيني اوڀر واري بيت المقدس کي مستقبل جي رياست جي گادي جو ھنڌ مڃين ٿا. يھودين جي ذھنن ۾ عالمگيريت جو ھڪ نقشو آھي، جنھن جو صدين کان خواب ڏسندا ايندا رھيا آھن. انھن جي مذھبي اڳڪٿين جي مطابق يھودا (خدا) جي واعدي جو زمانو ويجھو اچي رھيو آھي، جنھن ۾ ٻيا مذھب ختم ڪيو ويندا ۽ صرف ھڪ مذھب رھجي ويندو جنھن ۾ سڀني کي ضم ٿيڻو پوندو. ھر يھودي اھڙي بادشاھت جون اميدون گڏ کڻي پنھنجي زندگي گھاري رھيو آهي. ارڙھين صدي ۾ منظر عام تي اچڻ وارا صيھوني دستاويز “پروٽوڪولز” ۾ ان بادشاھت جو ذڪر چٽي نموني موجود آھي. اھي مذھبي جذبي سان “يھودا” جي اچڻ کان اڳ عالمي بادشاھت قائم ٿيڻ کان اڳ ان جي لاءِ رستو صاف ڪرڻ چاھين ٿا. پروٽوڪول نمبر 6 ۾ ان جو ذڪر ھيئن ڪيو ويو آھي. “اسان کي ھر ممڪن طريقي سان پنھنجي سپر گورنمينٽ جي اھميت کي چٽو ڪرڻو پوندو ته جيئن اچڻ واريون قومون اسان کي پاڻھي پنھنجو محافظ ۽ محسن سمجھي سگھن.”

پاڪستان ۽ ٻين مسلم ملڪن جي سڀ کان وڏي ڪمزوري بلڪه انھن جو الميو اھو آھي ته اھي پنھنجي سڀ کان وڏي ۽ ازلي دشمن جي ارادن، وسيلن ۽ طور طريقن بلڪه ان جي سڃاڻپ کان ئي اڻڄاڻ آھن؟ مختلف ڪتابن جي مجموعي مطالعي کانپوءِ لڳي ٿو ته فلسطين اسرائيل جي وچ ۾ سالن کان جاري جنگ جي حقيقتن، ماضي، حال، مستقبل ۽ ان جنگ ۾ پنھنجن ۽ پراون جي ڪردار جي بيشمار لڪل سببن جي منظر ڪشي ڪئي وئي آھي. ان کانسواءِ سوال اھو آهي ته صيھونيت ڇا آھي؟ صيھونيت جا پنج مشھور ارادا آھن جن ۾: (1) فلسطين جي سر زمين تي سموري دنيا جي يھودين جي لاءِ ھڪ قومي وطن ٺاھڻ. (2) يروشلم کي صيھوني رياست جي گادي جو ھنڌ بنائڻ. (3) سمورن مسلمان ملڪن جي نالي لساني گروھي ٽڪرائڻ جي نتيجي ۾ کين ٽوڙي مسلم ۽ غير مسلم رهواسين کي گڏ ڪري ننڍين ننڍين رياستن ۾ ورھائڻ. (4) مسجد اقصيٰ کي شھيد ڪري ھيڪل سليماني تعمير ڪرڻ. (5) گريٽر اسرائيل جو قيام يعني فلسطين کانپوءِ شام، لبنان، اردن، ڪوويت، عراق، سعودي عرب، مصر ۽ ترڪي جي ڪجھ حصن تي مشتمل عظيم صيھوني رياست جي جوڙجڪ “اي اسرائيل! تنھنجون سرحدون نيل کان فرات تائين” شامل آھن. صيھونيت اھا ڪٿان کان آئي؟ يھودين ان جي واڌاري جي لاءِ ڇا ڪيو؟ مغربي سياستدانن مڪر ۽ فريب جا ڪھڙا ڪھڙا ڄار وڇايا؟ نالي ماتر لبرل دانشورن، ناول نگارن، شاعرن، سفرنامن جي مصنفن ۽ صيھونيت جي ٻين ھمدردن ڪيئن ماحول تيار ڪيو؟ پاڻ صيھوني فلسطين ۾ آباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ڪھڙا ڪھڙا جتن ڪيا ۽ پنھنجين دعوائن کي سچو ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪهڙن بهانن جو سھارو ورتو؟ جڏھن اسرائيل قائم ڪيو ويو ته فلسطينين کي ڪيئن ملڪ بدر ڪيو ويو؟ ۽ سڀني دعوائن جي باوجود فلسطينين کي ٻين درجي جو شھري بڻائي رکيو؟

فسطينين آزادي جي تحريڪ ڪيئن شروع ٿي ۽ فلسطيني شاعرن، ڪھاڻيڪارن، ٻين اديبن، مصنفن ۽ دانشورن ڪيئن ان تحريڪ جي لاءِ رستو ڪڍيو ۽ ان جي آبياري ڪئي؟ پي ايل او ۽ ٻيون تحريڪون ڪيئن وجود ۾ آيون؟ 67ع جي جنگ ڪھڙا نتيجا مرتب ڪيا؟ ڪيمپ ڊيوڊ جي معاهدي ڪھڙا رنگ ڏيکاريا؟

فلسطينين جي نقطهءِ نظر کان فلسطين جي مسئلي جو حل ڇا آھي؟ انھن ڪتابن ۾ صيھونيت جي اصل چھري تان پردو سرڪائڻ ۽ ان ڀيٽ ۾ اولهه ۽ اوڀر جي نالي ماتر لبرل دانشورن ۽ سياستدانن جيڪو مڪروهه ڪردار ادا ڪيو آھي ان جو احوال به موجود آھي. ھر انصاف پسند ۽ زنده ضمير رکڻ وارو شخص غمگين آھي. فلسطين جو مسئلو حل ڪرڻ بنا دنيا ۾ امن قائم نٿو ٿي سگھي. دنيا تي ٽين عالمي جنگ جون ڳجھيون لامارا ڏئي رھيون آھن، جيستائين انصاف قائم نه ڪيو ويندو. امن به قائم نٿو ٿي سگھي.

انصاف يھودين سان به ۽ مسلمانن سان به ٿيڻ گھرجي. ٻنھي پاسن کان ھن حقيقت جو اعتراف ڪرڻو پوندو ته ڪافي رت وھي چڪو آھي. تاريخ ھر وڏي جنگ ۽ رتوڇاڻ کانپوءِ حل نيٺ ڳالھين جي وسيلي ڪرڻ وارن معاهدن ۾ ئي ھوندو آھي. ھاڻي اھو فلسطينين ۽ اسرائيلن تي دارومدار رکي ٿو ته ڪڏھن ان قسم جي معاهدي تي پھچن ٿا؟ اسرائيل ۽ فلسطين جھڳڙي جو خاتمو ۽ ٻه رياستي حل جو نفاذ ئي اڪيلو رستو آھي، جنھن جي وسيلي ٻنھي ڌرين جي جائز خواھشن کي بين الاقوامي قانون جي مطابق پورو ڪري سگھجي ٿو. ان جھيڙي جي حل جي لاءِ ھڪ فلسطيني عرب رياست ۽ ھڪ يھودي رياست قائم ڪئي وڃي ته امن ممڪن آھي. جڏھن ته يھودين، مسيحن ۽ مسلمانن جي وچ ۾ بيت المقدس ھڪ مقدس شھر آھي، جنھن جي اھميت ٽنھي مذھبن جي لاءِ تاريخي، مذھبي يا روحاني آھي. يھودي انھيءَ کي تخليق ڪائنات جو مقام ۽ حضرت ابراھيم عليه السلام سان منسوب ڪن ٿا. مسيحي ان جي حضرت عيسيٰ عليه السلام سان منسوب ڪن ٿا. جڏھن ته مسلمان ان کي معراج جو سفر ۽ مسجد اقصيٰ سان منسوب ڪن ٿا. ان ڪري ھن شھر کي بين الاقوامي حيثيت ڏيڻ گھرجي. ڇو ته دنيا ۾ سدائين طاقت جو اصول رائج رھيو آھي. جنھن وٽ طاقت آھي انھيءَ جو ورلد آرڊر ھلي ٿو. اتحاد طاقتور سان ڪيو ويندو آھي ۽ پڇاڙي ۾ طاقتور سان ئي امن جي ڳالھ ڪئي ويندي آھي. جڏھن ته طاقت ملندي آھي تعليم، سائنس، عقل، شعور ۽ سوچ، ڪاروبار، دولت، معاشي ترقي، مضبوط دفاع، اتحاد، اتفاق سان، پر مسلمانن وٽ ڇا آھي؟ جنھن سان اھي اسرائيل کي گوڏا کوڙڻ تي مجبور ڪري سگھن؟ افسوس ڪجھ به ناھي سڀ خوف وچان پنھنجي ئي واري جو انتظار ڪري رهيا آھن.