بلاگنئون

عصمت فروشي جي تاريخ…

سرمائيداراڻي سماج کي سڀ کان وڌيڪ جنهن شيءِ جي ضرورت هوندي آهي سا آهي منافقت. هڪ پاسي پاڪيزگي جا نعرا ته ٻئي پاسي منڊيءَ جي ڪشادگي. جارج رائلي اسڪاٽ جي ڪتاب History of Prostitution انهيءَ منافقت جو تاريخي دستاويز آهي، جيڪو اهو ثابت ڪري ٿو ته عصمت فروشي طبقاتي سماج جي هڪ مستقل پيداوار آهي. مارڪسي نقطهءِ نظر کان ڏٺو وڃي ته عصمت فروشي عورت جي جسم وڪرو ڪرڻ جي اها اجرت آهي، جيڪا رسمي ليبر مارڪيٽ کان ٻاهر رکي وڃي ٿي، مگر هوءَ انهيءَ معيشت جي خدمت ڪري ٿي. جڏهن عورت کي پيداواري وسيلن کان ڪٽيو وڃي. جڏهن هن جي محنت گهريلو قيد ۾ بنا معاوضي جي رکي وڃي ته هن وٽ زنده رهڻ جي لاءِ جسم کانسواءِ ڪجھه به نٿو رهي. سرمائيداري عورت جي جسم کي هڪ ئي وقت وڪري جي قابل به بڻائي ٿي ۽ نفرت جي قابل به ته جيئن نفعو به جاري رهي ۽ اخلاقي بالادستي به. اسڪاٽ چٽو ڪري ٿو ته هر دور جي رياست عصمت فروشي کي ختم نه ڪيو بلڪه منظم ڪيو. اها تنظيم اصل ۾ مرداڻي گراهڪ ۽ سرمائيدار مفاد جي تحفظ جي لاءِ هئي نه ڪي عورت جي ڇوٽڪاري جي لاءِ.

عورت کي رجسٽر ڪيو ويو، طبي پڙتال کان گذاريو ويو، سزا ڏني وئي، پر خريدار سدائين قانون کان ٻاهر رهيو، اهو قانون طبقاتي فطرت آهي ته سزا سدائين محنت وڪرو ڪرڻ واري کي ملي ٿي. جڏهن ته خريدڻ واري کي نه،  روايتون ان نظام ۾ نظرياتي اوزار بڻجن ٿيون، اهي عصمت فروشي کي گناهه قرار ڏئي ڪري عورت کي ڏوهاري ته بڻائين ٿيون، مگر انهيءَ گناهه کي سماج جي مردانگي واري ضرورت چئي ڪري برداشت به ڪن ٿيون. ائين روايت عورت جي جسم تي مرد جي ملڪيت کي فطري ۽ مقدس بڻائي ڇڏين ٿا. اها روايت  ئي آهي جيڪا زنا تي واعظ ته ڪري ٿي، مگر معاشي ڏاڍ تي خاموش رهي ٿي. مارڪس چيو هو ته سرمائيداري هر شيءِ کي جنس بڻائي ڇڏي ٿي. عورت جو جسم ان منڊي جو سڀ کان قديم ۽ سڀ کان سستي جنس آهي. فرق صرف ايترو آهي ته ان تي قيمت به عورت ئي ادا ڪري ٿي. صحت، عزت ۽ زندگي جي صورت ۾ ۽ سرمائيدار کي نفعو ملي ٿو. رياست کي نظم ملي ٿو، مرد کي لطف ملي ٿو ۽ عورت کي بدنامي پلئه پوي ٿي. اهو چوڻ ته عصمت فروشي عورت جي مرضي آهي. سرمائيداراڻي ڏاڍ کي فطرت بڻائي ڇڏڻ جي برابر آهي. بکيئي جو راضپو به ڏاڍ هوندو آهي. جڏهن چونڊ ماني ۽ جسم جي وچ ۾ هجي ته انهيءَ کي آزادي چوڻ بيوقوفي آهي.  اسڪاٽ جو ڪتاب اسان کي انهيءَ نتيجي تي پهچائي ٿو ته عصمت فروشي جو خاتمو اخلاقي واعظ سان نه بلڪه معاشي رشتن جي تبديلي سان ممڪن آهي.  جيستائين طبقاتي سماج موجود آهي. جيستائين عورت جي محنت بنا معاوضي جي آهي ۽ جيستائين منڊي آهي. عصمت فروشي هڪ سماجي حقيقت رهندي. اهو مسئلو عورت جو ناهي بلڪه نظام جو آهي ۽ نظام جو حل سڌارو نه بلڪه تبديلي آهي.