بلاگنئون

تيرنهن مهينن کانپوءِ (سفر نامو)

زندگي هڪ سفر آهي جيڪو ماءُ جي پيٽ کان شروع ٿي لحد جي ساميءَ تي ختم ٿئي ٿو، پر قبر به عارضي آهي. ڇو ته جڏهن قيامت ايندي ته حساب ڪتاب خاطر اتان به اٿاريو ويندو، سو انهيءَ زندگيءَ منجھ انسان سفر ئي ڪندو ٿو رهي. ڪڏهن روزيءَ روزگار خاطر ته وري ڪڏهن سير ۽ تفريح لاءِ مطلب ته جيون ۾ انسان کي ڪٿي به ٽڪاءُ ڪونهي ڪو، ها بيشڪ انسان سدائين لڏپلاڻ ۾ رهي ٿو ۽ اها لڏپلاڻ انسان کي ڪيترائي سبق ٿي سيکاري. ڇو ته وقت وڏو استاد آهي، جنهن ۾ دنيا جا ڌڪا ٿاٻا کيس نت نوان سبق ٿا سيکارين. خير پنهنجو ڪهڙو ڪم ڪو سکي يا نه سکي اها سندس مرضي باقي پنهنجو ڪم آهي سٺو لکڻ ۽ چڱيون ڳالهيون لکي اڳتي وڌائڻ، پوءِ به جي ڪير عمل نه ڪري ته ان کي هٿ کان وٺي ته ڪونه سيکاربو، پر جي ڪنهن کي هٿ کان به وٺبو ته اهو ايئن ٿيندو جو پنهنجو ئي هٿ ڪٽرائبو. ڇو ته هتي چڱائي چوڻ به دشمني ڪرڻ آهي. سو دشمنيءَ کي ڪفن پارائي دفن ٿا ڪريون ۽ هلون ٿا اصل مقصد طرف.

جيئن ئي ڊسمبر 2024ع شروع ٿيو ته نمره ڳوٺ وڃڻ جي سنبت ڪرڻ ۾ لڳي وئي، چيائين ٿي ته ڊسمبر جي وئڪيشن ڳوٺ گذارينديس، ايئن وئڪيشن ٿيڻ کان ٻه ڏينهن پهريان ئي هوءَ ڳوٺ رواني ٿي وئي ۽ مٽن مائٽن (کاهي ۽ ٻانڀيهڙ) سان ملي نئين تازي ٿي اڱاري 31.12.2024 تي ڳوٺ کان واپسي ڪري اربع 01.01.2025 تي ڪراچيءَ پهتي هئي. ڇو ته وئڪيشن ختم ٿيڻ سبب سندس اسڪول کلي ويا هئا. نمره ڪراچي ۾ پرائيويٽ اسڪول ۾ ڏهين ڪلاس جي شاگردياڻي آهي.

نمره جيئن ئي ڳوٺ وئي ته اسان (زال مڙس) به فيصلو ڪيو ته جيئن ئي نمره واپس ايندي ته پاڻ به ڳوٺ هلنداسون. ڇو ته اسان آخري ڀيرو ڳوٺ تڏهن ويا هئاسون جڏهن سومر 04.12.2023 تي ڳڙهي ياسين جي ڀرسان ڳوٺ کاهيءَ ۾ شفقت پيٽرول پمپ وٽ منهنجي ماروٽ شاهد علي مهر جو جوان پٽ علي شاد مهر ۽ مهتاب علي مهر جو جوان پٽ مُحۡمّد عاصم مهر (ٻئي ڏهين ڪلاس جا شاگرد هئا) نه کٽندڙ قبيلائي جهيڙن جي ور چڙهي بيگناهه شهيد ڪيا ويا ۽ انهن ئي ڏينهن ۾ منهنجي نوڪري به ڪشمور ضلعي جي شهر ڪرمپور بجاراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪيڊٽ ڪاليج ڪرمپور جي ڀرسان بيگاري ڪئنال واري پل تي هئي، جتي ڪشمور ۽ شڪارپور ضلعن جون حدون ملن ٿيون ۽ اتان اسان پنهنجو ٽائيم پيرڊ پورو ڪري اربع 20.12.2023 تي ڪرمپور کان ڪراچيءَ واپس ٿيا هئاسون، انهيءَ جي ڪري وري ڳوٺ جا سانباها ڪندي تياري ۾ لڳي ويا هئاسين، پر ڪجھ سببن جي ڪري موڪل جو شيڊيول 31.12.2024 بجاءِ اڱارو 07.01.2025 تي ٿيو هو ۽ موڪل جي شروعات اربع 08.01.2025 کان ٿي هئي، ان ڪري 07 تاريخ تي موٽرسائيڪل جي ٽيونگ به ڪرايم. مان هونئن به هر مهيني پابندي سان بائيڪ کي ان جو گهربل حق ڏيندو آهيان سچ ته 2017ع ۾ ورتل بائيڪ سان منهنجو وڏو پيار آهي. ڪافي مفت جا مشورا ڏيندڙ دوست چوندا آهن ته فقير آفيسر ماڻهو آهين سو فلاڻي ٽيري مٽيري بائيڪ وٺ يا مهراڻ ڪار وٺ، پر کين چوندو آهيان ته نه ادا جهڙي تهڙي اها ئي بهتر آهي.

اربع 08.01.2025: اسان رات جو ئي مختصر سامان تيار ڪري ڇڏيو هو، صبح جو نمره کي اسڪول ڇڏي پوءِ 9 وڳي کن الله کي ياد ڪري نڪري پياسين ۽ ڪڪڙ جي ڀاڄي به کنئي سون ته ڪٿان هوٽل تان ماني وٺي هاءِ وي تي ڪنهن وڻ هيٺان يا جبل جي ٽڪريءَ تي ويهي کائينداسين، اڪثر ڪري ڪٿي به سفر تي ويندا آهيون ته ماني روڊ جي ڪناري تي ڪنهن وڻ يا ڪنهن واهه جي ڪڙ تي ويهي کائيندا آهيون جيئن ڪو هاري يا مزدور پٽ تي ويهي پلٿي ماري ماني کائيندو آهي، ها اسان به عام ماڻهو ۽ مزدور آهيون انهيءَ ڪري آڪڙ ڦوڪڙ انا وغيره ڪڏهن به نه ڪندا آهيون. ايئن گهر کان نڪري ڪورنگي، لانڍي، قائد آباد، پورٽ قاسم چورنگي، اسٽيل ٽائون کان اڳتي گلشن حديد کان وڌي PSO پمپ تان بائيڪ ۾ 1500 جو پئٽرول ڀرائي ڪاٺوڙ وارو رستو ڏئي وڃي سپر هاءِ وي تي چڙهياسين جتان مڪئي ۽ صوفي ٻير وٺي هلندي ئي کائيندا رهياسين اهو ايئن ته مان بائيڪ هلائي رهيو هئس ۽ منهنجي گهر واري مون کي ٻير کارائي رهي هئي. موسم ٿڌي هجڻ سبب اسان خود کي گرم ڪپڙن سان محفوظ ڪيو هو، اڳتي هلندا کاٻي ساڄي طرف جا نظارا ڏسندا، روڊ تي هلندڙ مختلف تيز رفتار گاڏين جي تيز رفتاري کان پاڻ کي بچائيندي اڳتي وڌندا هڪ هوٽل تي چانهن پيتي سين ۽ اتان ٽي چار مانيون به خريد ڪيون سين، سپر هاءِ وي هجي يا سنڌ جو ڪهڙو به شاهراهه هجي اتي اوهان کي خاص ڪري پٺاڻن جا هوٽل ئي ملندا ۽ ايئن پيو محسوس ٿيندو ته ڄڻ اوهان سنڌ ۾ نه بلڪهKPK  يا افغانستان ۾ گهمي رهيا هجو جيڪو هڪ ڏکوئيندڙ عمل آهي.

چانهن جون چسڪيون ڀري ۽ ماني وٺي بل ادا ڪري اڳتي هلندي سدا بهار هوٽل تي وڃي بيٺاسين جتي نهايت ئي خوبصورت ننڍڙو پارڪ ٺهيل آهي، اتي اسٽاپ ڪيوسين ۽ اتي ئي ماني کاڌي سين جڏهن ته پاڻيءَ جي بوتل به هميشه وانگر ساڻ هئي ۽ ٻيو ته اسان کي ڪا تڪڙ به نه هئي. ڇو ته اسان کي رات ڄامشوري ۾ رهڻو هو، ماني کائي اتان وري اڳتي هلندا دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري (هتان هڪ رستو مول ۽ سري طرف وڃي ٿو) نوري آباد (هتان هڪ رستو ٺٽو، جنگشاهي، مڪلي، جهمپير، جهرڪ، ڪينجهر، ٽنڊو محمد خان ۽ ٻين شهرن طرف وڃي ٿو.

نوري آباد صنعتي ايريا آهي جيڪو ڄام تماچي جي نوريءَ سان منسوب آهي ۽ اڳتي ٿاڻو بولا خان واري اسٽاپ هتان هڪ رستو ٿاڻو بولا خان، ٿاڻو احمد خان، کيرٿر نيشنل پارڪ، دريجي ۽ لاهوت طرف وڃي ٿو ۽ اهو سڄو علائقو جابلو آهي، پر گهمڻ جهڙو آهي، کان وڌي لوڻي ڪوٽ جي ڀرسان هڪ غريب مطلب سادي سودي هوٽل تي چانهن پيتي سين، وڏن ۽ مهانگن هوٽلن تي ويهڻ ۽ کائڻ پيئڻ جي طاقت هوندي به اسان عام ۽ سادن هوٽلن کي ان جي ڪري ترجيح ڏيندا آهيون جو اتي چانهن اصل ۽ نج کير جي ملندي آهي، ڪراچي کان سفر ڪندي ڪافي هنڌن تي روڊ سان بيٺل ٻيرين منجهان ڌوڻو ڏئي ٻير به کاڌاسين. لوڻي ڪوٽ کان وڌندا منظرن جا نظارا ڪندي ٽول پلازه ڪراس ڪري سپر هاءِ وي کي الوداع ڪري ڄامشوري ڏانهن مڙياسين جتي تعليم جا وڏا ادارا جهڙوڪ: مهراڻ، سنڌ ۽ لياقت يونيورسٽي کان علاوه سنڌي ادبي بورڊ ۽ سنڌ الاجي موجود آهن (هتي جي ريلوي اسٽيشن جو نالو ڄامشورو بجاءِ سنڌ يونيورسٽي آهي. چون ٿا ته ريلوي اسٽيشن جي ان نالي خاطر ماضيءَ ۾ يونيورسٽي جي شاگردن وڏي تحريڪ هلائي هئي ۽ ڪاميابي حاصل ڪئي هئي)، هتان ڄامشوري ڦاٽڪ وٽان هڪ رستو سيوهڻ شريف، دادو، لاڙڪاڻو ۽ شڪارپور ۽ ٻيو رستو المنظر هوٽل ۽ سنڌو درياءَ جي هن پار حيدرآباد شهر طرف وڃي ٿو، ايئن اسان سيوهڻ طرف ويندڙ روڊ تي ٿورو اڳڀرو وڃي عابد حسين چنا جي گهر پوري 3:00 وڳي پهتاسين.

عابد وٽ ڪجھ ترسي ٿڪ ڀڃي پوءِ عابد کي چيم ته هل ته هلي ڄامشوري واري پل تان درياءَ بادشاهه جو ديدار ڪري سلامي ڀري اچون، ايئن ٻئي ڄڻا بائيڪ تي هلندا وڃي درياءَ تي پهتاسين جتي درياءَ مان نڪندڙ ڪلري عرف ڪراچي واهه کي نئين سر سيمينٽ جي بلاڪن سان ٺاهيو ٿي ويو، جنهن سبب واهه خالي هو ۽ علائقي واسين کي پيئڻ جي پاڻي جي ڪافي تڪليف هئي. ڇو ته ڪراچي واهه منجهان هتان جو عوام پاڻي ڪتب آڻيندو آهي، ايتري قدر جو هتان جون وڏيون علمي درسگاهون به ڪراچي واهه منجهان پاڻي استعمال ڪنديون آهن، سو جي درياءَ جي مهڙ تي ٺهندڙ 06 ڪئنال جڏهن تعمير ٿيڻ بعد پاڻي کڻندا ته شايد پوءِ هتان جي عوام کي گهربل پاڻي مشڪل سان ملي يا نه به ملي، ڪراچي واهه جي تعمير سبب درياءَ جا دروازه مڪمل طور تي مٿي کنيل هئا جنهن ڪري پاڻي درن کان نڪري هڪ ننڍڙي تلاءُ جو ڏيک ڏئي رهيو هو، جتي ميربحرن جي ٻيڙين ۾ تفريح خاطر آيل خاندان تفريح ڪري رهيا هئا، پر جي ان وقت درياءَ جا در بند هجن ها ته اهو تلاءُ به نه هجي ها، مان ۽ عابد اتان چڻن جي چاٽ کائي وري گهر واپسي ڪئي ۽ ڦاٽڪ تي پهچي پنهنجي پراڻي دوست مختيار برفت کي ڪال ڪيم جنهن چيو ته مٽياري ۾ آهيان. وري لياقت علي خشڪ جو نمبر ملايم ان چيو ته ڪراچي آهيان ۽ اتان لياقت جي پٽ کان ذوالفقار خشڪ جو نمبر وٺي پنهنجو تعارف ڪرايم جنهن چيو ته دڪان تي ويهو مان اچان ٿو، هتي لياقت خشڪ جو جانورن جي دوائن جو اسٽور آهي، جتي هن جا پٽ به ويهندا آهن، ڇو ته لياقت جانورن جو ڊاڪٽر آهي ۽ ذوالفقار جو وڏو ڀاءُ آهي. هنن ۽ مختيار برفت سان منهنجو واسطو 1990ع کان آهي. جڏهن مان بطور پوليس وارو سنڌ يونيورسٽي ۾ نوڪري ڪندو هئس، ايئن ذوالفقار سان ماضي ۽ حال بابت ڪچهري ڪري چانهن پي وري موڪلائي اسان گهر روانا ٿياسين، جتي ماني کائي آرام ڪيوسين، ڇو ته صبح جو هتان اڳتي ڳڙهي ياسين طرف روانو ٿيڻو هو.

خميس 09.01.2025: سردي هجڻ سبب گهر واريءَ چيو ته ڄامشوري کان سدائين وانگر 5:00 وڳي نه، پر 6:00 وڳي نڪرنداسين، ان ڪري تسليءَ سان چانهن ۽ بسڪوٽن سان ناشتو ڪري پوري 6:00 وڳي ڳڙهي ياسين لاءِ روانگي ڪئي سون ۽ بائيڪ ۾ پمپ تان 600 جو تيل ڀرائي ڄامشورو بجلي گهر ڪراس ڪري سلو اسپيڊ سان هلندا وڃي پيٽارو ٽول پلازه تي بيٺاسين جتي سگريٽ جا ڪش هنيم، روڊ تي ٽريفڪ مختصر هئي، سج اڃان تائين نه اڀريو هو، سيءُ جسم کي ٿڌ بخشي رهيو هو ۽ اسان جو سفر ڪراچي ۽ ڄامشوري جي نسبت سوايو هو، تنهنڪري وقت جو ذيان ڪرڻ مناسب نه هو ان ڪري هلندا داد شهيد، خاڻوٺ (هتي ماهوار مئگزين سويرا جو چيف ايڊيٽر ۽ بهترين شاعر ۽ ليکڪ سائين سجاد علي شورو رهندو آهي) لاکڙا پاور هائوس، ٽوڙهي ڦاٽڪ (هتي جيئي سنڌ اسٽوڊنٽ فيڊريشن جي ڪارڪنن کي شهيد ڪيو ويو هو) کان اڳتي هلي مانجهند ۾ بريڪ ڏئي چانهن ۽ ڪيڪن جو آرڊر ڏنم. ان مهل سج اوڀر کان اڀري هن ستل قوم کي جاڳائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو هو، جنهن پنهنجو سڀ ڪجھ ختم ڪري ڇڏيو آهي، خبر ناهي ته هن قوم ۾ ايڪتا ۽ سجاڳي ڪڏهن جنم وٺندا. ڇو ته اسان وٽ قومي سوچ بجاءِ قبيلائيت جي پرچار سوائي آهي ۽ ان تحت ئي هتي قبيلائي ويڙھ به عام جام آهي، جيڪا قومي ڪاز کي وڏو ڇيهو رسائي ٿي. هاءِ ڙي سنڌ تنهنجا نصيب، ٻيو ته وري اسان پيري مريدي جي ڪوڙڪيءَ ۾ اهڙا ته ڦاٿل آهيون جو ڪوڙڪي منجهان ڪو پير آزاد نٿو ڪرڻ چاهي. ڇو ته پيرن کي مريدي ۽ ڏن گهرجي، سو جي مريدي ختم ٿيندي ته گاديون به ختم ٿي وينديون. مانجهند کان اڳتي سن (سن سائين جي ايم سيد جو شهر آهي ۽ هتان هڪ رستو اولھ طرف وڃي ٿو جتي 35 ڪلو ميٽرن جي فاصلي تي رني ڪوٽ جو تاريخي ۽ قديمي ڪوٽ آهي) ۽ آمري (آمري هڪ قديم شهر آهي، ھتي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي، هتان هڪ رستو قاضي احمد طرف وڃي ٿو، ڇو ته هتان جي عوام جي سهولت خاطر سنڌو درياءَ تي ماضيءَ جي حاڪمن پل تعمير ڪرائي هئي، جيڪا آمري ۽ قاضي احمد ۽ ٻين شهرن کي پاڻ ۾ ملائي آساني پيدا ڪري ٿي) ۽ اسان بنا بريڪ هلندا لڪي شاهه صدر ۽ ڀڳو ٺوڙهو (هتي مٿي جبل تي ريلوي اسٽيشن پڻ آهي جيڪا هاڻ مالڪي نه هجڻ سبب تباهه ٿي وئي آهي ۽ هتي ئي قلندري غار به آهي جنهن کي قدرتي ايئر ڪنڊيشن به چون ٿا. ڇو ته گرمين ۾ هيءَ غار ڏاڍي ٿڌي هوندي آهي) کان وڌي سيوھڻ شريف ۾ داخل ٿي باءِ پاس کان ٿيندا سيوهڻ ٽول پلازه تي بيٺاسين.

ڄامشوري کان سيوهڻ تائين سفر دوران گهر واريءَ جا ڀاڪر سچ ته سڪون بخشڻ سان گڏ جسم کي گرم رکڻ ۾ به ڪارآمد ثابت ٿي رهيا هئا، رستي ۾ ڪڻڪ جو فصل نسري رهيو هو چڻا، سرنهن ۽ بصر عام هئا، رستو اڃان مڪمل نه ٿيو هو. ڇو ته ڪم صفا ڍرائپ سان ٿي رهيو هو جنهن سبب هتي اڪثر ڪري وڏا وڏا حادثا پڻ ٿيندا آهن ۽ ٽريفڪ کي ڪراسنگ ۾ ڪافي پريشاني ٿيندي آهي. جڏهن ته پري کان نظر ايندڙ درياءَ به سڪل هو.

سيوهڻ ٽول کان اڳتي آراضيءَ منجهان گاڏي ۾ 1000 جو تيل ڀرايم، ڀان سيد آباد، خدا آباد (خدا آباد کان اڳتي ٽيوب پنڪچر ٿي پيو ان ڪري نئون ٽيوب وجهرائي سفر جاري رکيوسين). دادو کان وڌي شهر جي ٻاهران باءِ پاس جي هڪ هوٽل تي دال ماني کائي چانهن پي 450 جو بل ادا ڪري مخدوم بلاول، ڪڪڙ، خيرپور ناٿن شاهه، ميهڙ، نصيرآباد ۽ وڳڻ ڪراس ڪري وڃي پکي ۾ پهتاسين جتي هڪ هوٽل تي خاص ڪري بريڪ ڏنم ته جيئن چانهن پيئجي. اسان اڪثر ڪري ڪراچي کان ڳوٺ ويندي پکي جي مشهور چانهن سان گڏ ڪيڪ به ضرور کائيندا آهيون، اوهان به جڏهن هن رستي ۾ سفر تي نڪرو ته هتي بريڪ ضرور ڏيندا ڪريو.

سياري جو سج ڊڪندو پئي ويو ڄڻ ته ڪوئي ڪڍ پيو هجيس ان ڪري اسان جي به اها ئي ڪوشش هئي ته سج لٿي کان پهريان ڳوٺ رسجي ڇو ته رتيديري کان اڳتي شڪارپور تائين روڊ ڊبل ٿي رهيو آهي جنهن ڪري اهو به سوچ ويچار ۾ هو، مٿان وري ڊکڻن کان اڳتي ڦرلٽ جا واقعا به عام جام ٿيندا آهن، ان ڪري پکي کي الوداع چئي ڪٿي به بريڪ ڏيڻ کانسواءِ هلندا لاڙڪاڻي باءِ پاس کان ٿيندا ڌامراهه، بنگل ديرو، رتوديرو، ڊکڻ ۽ سونواهه کان ٿيندا وڃي کيرٿر جي پل تان ٽپي ڳڙهي ياسين واري باءِ پاس تي چڙهياسين، جتي رب جو شڪرانو ادا ڪيم. ڇو ته هتي هن علائقي ۾ مختلف قسمن جا ڏوهه بي پاڙي ول وانگر آهن، مگر افسوس جو هيل تائين سرڪار انهن ڏوهن ۽ جهيڙن تي ڪنٽرول ڪري ختم نه ڪرائي سگهي آهي. جنهن ڪري امن تعليم ۽ روزگار تباهه ٿيڻ سبب عام ماڻهو متاثر ٿي رهيو آهي ۽ تعمير ٿيندڙ رستي سان آهستي آهستي هلندو اچي مصري واهڻ کان وڌي ڳوٺ کاهيءَ ۾ شاهد علي مهر جي گهر گاڏيءَ کي بريڪ ڏئي بند ڪيم، جتي گهر جي ڀاتين آجيان ڪئي ۽ ان وقت بک به سوائي لڳي هئي، سو اتي ئي ماني کاڌيسين انهيءَ ويل ڳوٺ واري مسجد منجهان ملان شام يعني سج لٿي جي ٻانگ ڏيڻ شروع ڪئي، منهنجي گهر واري اتي ڀاءُ جي گهر رهي ۽ مان وري پنهنجي ڀائرن محمد نواز،  شاهنواز ۽ علي نواز جي گهر ويس. مان جڏهن به ڳوٺ ويندو آهيان ته ڀائرن جي گهر رهندو آهي. ڇو ته مون کي پنهنجو گهر ۽ زمين ناهي (انهيءَ جو تفصيل نٿو لکان ڇو ته اها هڪ ڊگهي ڪهاڻي آهي). …(هلندڙ)…

جمعو 10.01.2025: مٿي ڄاڻايل تاريخ تي ٻانڀيهڙ منجهان ڪال آئي ته اسان ماني تيار ڪئي آهي سو جلدي اچو، پر جي اهڙي ڪال نه به اچي ها تڏهن به لازمي وڃون ها. ڇو ته اتي منهنجا ماسات، منهنجي گهر واريءَ جون ڀينر ۽ نمره جا به ماسات ۽ ماساتيون رهن ٿا. هونئن به ان ڳوٺ ۾ ڪيئن به ڪري ويندا رهندا آهيون سو ڪال بعد بيگم صاحبه کي چيم ته اٿ ته هلي مائٽن کان چڪر ڏئي اچون نت نمره مهڻا ته ڏيندي ئي ڏيندي، پر ڏک به ڪندي سو تيار ٿي کاهيءَ کان ٻانڀيهڙ پهتاسين جتي خوب آڌر ڀاءُ ٿي، زماني جي ڏکن سورن جا حال احوال ٿيا، سفر جون ڪٿائون ٿيون، مانيءَ جي دور بعد چانهن جو دور ٿيو. سج کي به ڀڄ ڀڄان لڳل هئي، سو محترمه کي چيم ته هاڻي کاهيءَ هلجي، ايئن بيٺي سج کاهيءَ موٽي آياسين، ڇو ته هتي ڪافي سالن کان مختلف قبيلن جا بي بنياد مسئلن تي خوني تڪرار هلندڙ آهن، جنهن ۾ هيل تائين نه ڄاڻ ڪيترا بيگناهه ڳڀرو ڳڀا ڳڀا ٿي چڪا آهن. افسوس جو انتظاميه خاموش تماشائي وانگر تماشا ڏسڻ ۾ پوري آهي.

ڇنڇر 11.01.2025: جمعي واري ڏينهن تي ڀائيٽن شڪارپور جو پروگرام ٺاهيو ان ڪري فيصلو ٿيو ته شاهزيب شاديءَ جي خوشيءَ ۾ شڪارپور ۾ برياني ۽ ديوان جو فالودو کارائيندو، ان ڪري ان پروگرام تحت سجاد حسين، آغا افضل حسين، جهانزيب، شاهزيب ۽ وسيم علي مهر سان گڏ ڳوٺ کاهي کان شڪارپور وياسين، جتي لکيدر تي برياني کاڌيسين ان کان بعد ديوان جو مشهور فالودو کاڌوسين سچ ته جنهن ديوان جو فالودو نه کاڌو ڄڻ ته ان ڪجھ نه کاڌو. تنهن بعد اتان نڪري سڌو شڪارپور جي قديمي ۽ تاريخي شاهي باغ جو سير ڪيوسين، جتي يادگيري خاطر تصويرون ۽ ڪلپس ٽچ موبائيلن ۾ محفوظ ڪيونسين. ڪافي وقت گهمڻ ۽ کل مذاق بعد وري ڳوٺ جو رخ رکيوسين جتي هرڪو پنهنجي گهر راهي ٿيو ۽ رات جي ماني کائي سرديءَ سبب سوڙ پائي سمهي رهيو.

آچر 12.01.2025: جيئن ته اسان کي چئن ڏينهن بعد ڪراچي واپس ورڻو هو ۽ نمره به اڪيلڙي هئي ته وري ڪال تي ڪال ڪري رهي هئي ته جلدي ورڻ جي ڪريو ڏاڍي سڪ لڳي آهي. سچ ته اولاد خاص ڪري نياڻي ڏاڍي حساس ۽ پياري ٿيندي آهي. انهيءَ ڪري بائيڪ جي آئل چينج ڪرايم. ڇو ته ڪراچي ۾ ٽيونگ ڪرائي هئم سو ڊگهي سفر سبب گاڏي جي آئل چينج مناسب ڄاتم ڇا لاءِ ته وري ڪراچي واپس وڃڻو هو ته جيئن موٽرسائيڪل فٽ رهي ۽ هونئن به حقدار کي ان جو جائز حق ملڻ گهرجي ته بهتر ۽ اهو ڏينهن ايترو مصروف نه گذريو بس سڄو ڏينهن بخت علي مهر جي مرغي فارم تي جتي هاڻي سولر سسٽم تي اٽي جي پيسائي واري مشين به آهي. جڏهن ته ڪافي سالن کان برف جو ڪارخانو به هلندڙ آهي ۽ هن ئي ڏينهن تي قبرستان وڃي عزيزن قريبن کي قل بخشي دعا گهري آيس.

سومر 13.01.2025: صبح جو سرديءَ سبب ڪوهيڙو ايترو ته هو جو نظر ڪم ئي نٿي ڪيو. جڏهن ته سرديءَ ۾ نلڪي جي پاڻيءَ سان وهنجڻ جو به هڪ الڳ ئي مزو آهي. ڇو ته سرديءَ ۾ نلڪو گرم پاڻي ڏيندو آهي ۽ گرمين ۾ وري ٿڌو پاڻي ڏيندو آهي. واهه قدرت رب ڪريم ۽ صبح جو سج اڀرندي ويل ماستر ادا علي نواز مهر جي ڳئون کي گابڙي ڄائي جنهن ڪري سڄي گهر ۾ خوشيءَ ڪئي وئي. ٻئي طرف ماسات ڪوڙا خان مهر جي پٽ طاهر علي جي شاديءَ جي دعوت به هئي سو چئين وڳي شاديءَ ۾ شرڪت ڪري خوب ماني ۽ ٻوٽيون کاڌم، پر ڪجھ ڳوٺاڻن نڪاح بعد هوائي فائر به ڪيا جيڪو عمل نهايت ئي غلط آهي. ڇو ته اڪثر ڪري اهڙن موقعن تي فائرنگ سبب موت به واقع ٿيندا آهن، پر افسوس جو ماڻهو نه سمجهن ٿا ۽ نه وري سڌرن ٿا جڏهن ته پوليس به ڪو خاص ايڪشن نٿي وٺي، اسان جي سماج ۾ اهو عمل به بيهوده رسم وانگر پير پختا ڪري چڪو آهي جنهن کي هر صورت ۾ ختم ٿيڻ گهرجي. نڪاح ۽ ماني کائڻ بعد سڀ ڪو پنهنجي گهر ڀيڙو ٿيو ۽ اسان صبح جو ڪراچيءَ وڃڻ خاطر سامان پيڪ ڪيو ۽ بعد ۾ مان ادا علي نواز جي گهر وڃي کٽ تي آهلي پيس.

اڱارو 14.01.2025: گذريل ڏينهن وانگر هن ڏينهن تي به ڪوهيڙي جي ڪرفيو نما حڪومت هئي ان ڪري اڳي وانگر 05 يا 06 وڳي روانا ٿيڻ بجاءِ 08 وڳي روانا ٿياسين ۽ رواني ٿيڻ کان اڳ فل ناشتو ڪرڻ بعد مٺل مهر جي گهران ماني ٻوڙ به کنئي سين ته جڏهن جتي بک لڳي اتي کائينداسين. ايئن ڪوهيڙي ۽ پٿريلي روڊ سان آهستي آهستي هلندا رتيديري پهتاسين جتي هاڻي ڪوهيڙو ختم ٿي چڪو هو ۽ اڳتي وارو رستو به لاجواب هو ۽ ٽريفڪ به ڪا خاص نه هئي سو هلندا پکي پهتاسين، جتي دل چيو ته چانهن جو ڪپ پيئجي، پر وري دل فيصلو ڪيو ته اڳتي هلي ٿا پيئون ايئن ڌامراهه واهه جتي دادو ۽ قمبر شهدادڪوٽ جون حدون ملن ٿيون کان ڪراس ڪري وڃي هڪ عام هوٽل تي بريڪ ڏئي ڳڙ واري چانهن پيتي سين. اتان وري ميهڙ، ڪي اين شاهه ۽ ٻين ننڍن ننڍن شهرن کان گذرندا دادو شهر ۾ جوهي موڙ وٽان پاڻيءَ جي بوتل ان ڪري خريد ڪئي سين ته اڳتي ماني کائڻ ويل ڪم ايندي سو خدا آباد ۽ ڀانن کان اڳتي آراضيءَ ۾ بيگم صاحبه جي فرمائش تي سرنهن جي فصل ۾ رلي وڇائي ماني کاڌيسين سچ ته اهڙي عمل سان ڏاڍو مزو ۽ قرار ٿي آيو واهه واهه دل خوش ٿي وئي، جنهن بعد سيوهڻ شريف منجهان نمره ۽ ٻين پاڙي وارن لاءِ مختلف گفٽ ۽ سڪل توت خريد ڪري ۽ اتان ئي 1000 جو تيل ڀرائي وري سفر کي ڄامشوري طرف روان رکيوسين. جيئن ته وقت گهٽ ۽ سفر سوايو هو، تنهنڪري پنهنجي مقرر رفتار سان هلندا، ٻنيون ٻارا ڏسندا، ڪٿي ڪٿي بغير چانهن پيئڻ جي اسٽاپ ڪندا آمري، سن ۽ مانجهند کان ٿورو اڳتي ربنواز کوسو واري هوٽل تي چانهن پي وري اڳتي هلياسين. سج لهي چڪو هو، گاڏين جون اڳيون ۽ پويون بتيون ٻري چڪيون هيون، اسان جي بائيڪ جو رخ ڄامشوري ڏانهن ھو ايئن تيز رفتاري سان گاڏي هلائيندڙ بي سرن ڊرائيورن جي ڊرائيوري کان خيال ڪندي ۽ بچندي، ڇو ته هيوي گاڏين وارا ڊرائيور اڪثر ڪري لائيٽ گاڏين کي ڪول ۽ ماڪوڙو سمجهندا آهن. ايئن 08 وڳي ڄامشوري ۾ پهچي عابد حسين چنا جي گهر جي در تي ٺڪ ٺڪ ڪئي سين ۽ رات جي ماني کائي حال احوال ڪرڻ بعد آرام ڪيوسين.

اربع 15.01.2025: صبح جو چانهن بسڪوٽن سان ناشتو ڪري سڀني کان موڪلائي ۽ دعائون وٺي ڪراچي لاءِ ڄامشورو کان 08 وڳي روانا ٿياسين. جنوري سبب هوا ٿڌي هئي، پر سيءُ خاص نه هو. اسان کي ڪا تڪڙ به نه هئي، ڇو ته ڪراچي تائين جو فاصلو ايترو وڏو ڪونهي ڪو ان ڪري مزي مزي سان هلندي ٽول پلازه ڪراس ڪري وڃي ٿاڻي بولا خان کان پهريان ايندڙ چاڙهي تي ساهي پٽي وري اڳتي هلياسين. نوري آباد کان وڌي دادا ڀائي سيمينٽ فيڪٽري وٽ جتي ڪافي تعداد ۾ غازي عباس جا علم پاڪ آهن جي سامهون واري هوٽل تي چانهن ۽ پراٺن سان پيٽ جي ضرورت پوري ڪري وري منزل طرف روانا ٿياسين. ايئنASF City, DHA  ڪاٺوڙ پل ۽ بحريا ٽائون کان وڌي گاڏيءَ ۾ 600 جو تيل وجهرائي سفر کي جاري رکندا ايئرپورٽ طرف ويندڙ روڊ سان هلندا ملير ڪينٽ کان ٿيندا وڃي شاهراهه فيصل کان شاهه فيصل ڪالوني وارو رستو اختيار ڪري ڪورنگي 05 کان نڪري چڪرا ڳوٺ ۾ پوري 02 وڳي پهچي هارن وڄايم ته نمره در کوليو ۽ ڀاڪر پاتو جنهن کي حسب معمول ڳلڙن تي چميون ڏئي سڪون سان فريش ٿيس ۽ رات جو وري شادي جي دعوت هئي ان ڪري اوڏانهن وڃڻ لاءِ به تياري ڪرڻ لڳي وياسين.

ماسات ڪوڙا خان مهر جي ٻئي پٽ عبدالماجد جي شادي ڪراچي ۾ هئي انهيءَ لاءِ اسان ٽئي ڀاتي تيار ٿي بائيڪ تي گهر کان 07 وڳي روانا ٿياسين. شهر ۾ شام جي وقت هر روڊ تي ٽريفڪ جي پيھ هجڻ سان گڏ روڊ تي پارڪنگ ۽ ريڙهن وارا به ٽريفڪ جي رواني کي متاثر ڪرڻ جو وڏو ۽ ختم نه ٿيندڙ سبب آهن، سو اسان به “ڍڳو پير پيران ڍڳي جو ملھ هزار ڍڳو هر نه هلي” تحت هلندا وڃي مين راشد منهاس روڊ تي ملينيم مال جي سامهون دي وينيو بينڪيوٽ ۾ پهتاسين، جتي نڪاح ۾ نڪاح نامي تي گواهه/شاهد جي حيثيت ۾ صحيح پڻ ڪيم. مان اڳي ڪنهن جي به شادي ۾ ڪڏهن گواهه نه ٿيو آهيان، اتي آيل ٻين مٽن مائٽن سان ملي مختلف قسمن جا کاڌا کائي ۽ سياري ۾ به ڪولڊ ڊرنڪ پي رات جو 11.45 تي گهر پهتاسين.