سڄي ملڪ ۾ اڄ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي
ڏينهن جو آغاز وفاقي گاديءَ جي هنڌ ۾ 31 جڏهن ته صوبائي گادين جي هنڌن ۾ 21، 21 توپن جي سلامي سان ٿيو. لاهور جي محفوظ شهيد گيريزن ۾ 21 توپن جي سلامي ڏني وئي جڏهن ته مزار اقبال تي محافظن جي تبديلي جي پروقار تقريب ٿي گذري. پاڪستان ايئرفورس جي مستعد دستي محافظن جون ذميواريون سنڀاليون. لاهور ۾ واهگه بارڊر تي جهنڊو لاهڻ جي خاص تقريب ٿيندي جنهن ۾ سموري ملڪ مان شوقين شريڪ ٿيندا.