تاريخي شھر عمرڪوٽ هن وقت رڳو اهو هڪ اهڙي سماجي، ادارتي، انتظامي ۽ رياستي بحران جي علامت بڻجي ويو آهي، جتي انساني جانين جي اهميت گهٽجندي وڃي ٿي، ڏوهه بي خوف ٿيندا وڃن ٿا ۽ ذميوار ادارا يا ته خاموش آهن يا مڪمل طور ناڪام نظر اچن ٿا. شهر ۾ پيش ايندڙ تازا واقعا اهو سوال اٿارين ٿا ته ڇا عمرڪوٽ ۾ قانون جي عملداري واقعي موجود آهي يا رڳو ڪاغذن تائين محدود ٿي چڪي آهي؟
ڳوٺ اڪليون جي نوجوان اسماعيل سميجو جو وحشيانه قتل هن وڌندڙ بدامنيءَ جو سڀ کان دردناڪ مثال آهي. پورھيت اسماعيل جي والد جي بيان موجب، کيس شادي جي تقريب دوران فون ڪال ذريعي شهر گهرايو ويو. اها ڪال ڪنهن ڪئي؟ ڪهڙي مقصد سان ڪئي وئي؟ ۽ ڇو کيس اونداهي گليءَ تائين آندو ويو؟ اهي بنيادي سوال اڄ به جواب طلب آهن، جن جا جواب ئي هن قتل جي اصل حقيقتن تائين پھچائي سگھن ٿا.
اسماعيل سميجو تي ٿيل حملو رڳو هڪ فرد خلاف ڏوهه نه هو، پر اهو سماج جي مجموعي بيحسيءَ جو به عڪس هو. اڌ کان مٿي ڳلو ڪپيل نوجوان ھمت ڪري پوليس چوڪي تائين پھچي ويو، پر پوليس موجود نه ھئي ۽ موجود ماڻھو ھڪ شھزور گاڏي ۾ کيس اسپتال کڻائي ويا.
هن واقعي ۾ ريسڪيو 1122 جهڙي حساس اداري جو ڪردار به سخت سوالن جي ور چڙهيل آهي. اطلاع موجب، واقعي کان پوءِ بار بار ڪالز ڪرڻ باوجود ايمبولينس وقت سر نه پهتي. ويريفڪيشن، ڊاڪٽر سان ڳالهائڻ ۽ غير ضروري سوالن جي نالي تي 20-20 منٽ فون ڪالن تي ضايع ڪيا ويا. ايمرجنسي سروس جو بنيادي مقصد وقت بچائڻ هوندو آهي، پر عمرڪوٽ ۾ وقت ئي ضايع ڪيو ويو. سوال اهو آهي ته جڏهن ايمرجنسي ۾ به اهڙو رويو اختيار ڪيو وڃي، ته پوءِ شهري ڪنهن تي ڀروسو ڪن، انھن وٽ ڪھڙو متبادل حل آھي؟
حيرت انگيز ڳالهه اها به آهي ته جاءِ واردات کان پوليس چوڪي رڳو ڪجهه فوٽن جي فاصلي تي موجود هئي، پر عملي مدد نظر نه آئي. جيڪڏهن پوليس ۽ ايمرجنسي سروسز واقعي وقت سر نه پهچن، ته پوءِ انهن ادارن جو وجود رڳو فائيلن ۽ رپورٽن تائين ڇو محدود آهي؟
هاڻي جڏهن پوليس شڪ جي بنياد تي الھداد سميجو کي گرفتار ڪيو آهي ۽ ذميوار حلقا ٻه کان ٽي وڌيڪ شڪي هجڻ جو ذڪر ڪري رهيا آهن، ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته جاچ کي بنا ڪنهن تڪڙ جي مڪمل ڪيو وڃي. فون ڪالز، رابطن، سي سي ٽي وي فوٽيج ۽ فرانزڪ رپورٽن جي بنياد تي حقيقت سامهون آڻڻ گهرجي، ڇو ته اڌ سچ نه رڳو انصاف کي نقصان پهچائيندو آهي، پر نئين بي اعتمادي کي جنم پڻ ڏيندو آهي.
شھر ۾ ٿيندڙ ھي ڪو پھريون واقعو ناھي پر بدامنيءَ جو دائرو گهڻو اڳ کان وڌندو اچي رهيو آهي. ڪجهه وقت اڳ شهر جي سڀ کان مشغول ۽ محفوظ سمجهي ويندڙ علائقي عائشه مارڪيٽ ۾ سونارن جي دڪان تي کاٽ لڳڻ جو واقعو ان ڳالهه جو کليل ثبوت آهي ته هاڻي نه مارڪيٽون محفوظ آهن، نه واپاري ۽ نه ئي عام شهري.
ان کان علاوه ٻڪرا پڙي جهڙي اهم واپاري مرڪز ۾ هر هفتي ڪيترن ئي واپارين کي بيهوش ڪري لکين روپين جي ڦر جا واقعا پيش اچي چڪا آهن. واپاري طبقو اڄ به عدم تحفظ جو شڪار آهي، پر سندن شڪايتن جو ڪو مؤثر ازالو نظر نٿو اچي. جيڪڏهن شهر جا واپاري، جيڪي معيشت جي ريڙهه جي هڏي آهن، پاڻ کي غير محفوظ سمجهن، ته پوءِ عام شهري جي حالت جو اندازو لڳائڻ مشڪل ناهي.
شهر جي بدامنيءَ جو سڀ کان خطرناڪ پهلو نشي جو کليل واھپو پڻ آهي. عمرڪوٽ ۾ غير قانوني شراب جا گتا سرعام هلي رهيا آهن. آداب، سفينه، گٽڪو ۽ آئيس جهڙيون زهريليون شيون نوجوان نسل کي خاموشيءَ سان تباهه ڪري رهيون آهن. شراب جي عام واهپي سبب روزانه جي بنياد تي ڪيترائي روڊ حادثا معمول بڻجي چڪا آهن، جن ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿي رهيون آهن. اهي سڀ شيون شهر جي ڄاتل سڃاتل علائقن ۾ کليل نموني دستياب آهن، جنهن بابت عوام جو تاثر آهي ته اهو سڀ ڪجهه انتظاميه، خاص ڪري پوليس جي آشيرواد ۽ حصي پتي کان سواءِ ممڪن ئي ناهن.
هاڻي وقت اچي ويو آهي ته رڳو بيانن بدران عملي قدم کنيا وڃن. غير قانوني شراب جا سڀ گتا بند ڪيا وڃن. آداب، سفينه، گٽڪو ۽ آئيس جي استعمال ۽ واپار تي سخت پابندي لڳائي وڃي، ۽ انهن ڪاروبارن ۾ ملوث بااثر ماڻهن خلاف به بنا ڪنهن فرق جي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. جيڪڏهن قانون طاقتور لاءِ نرم ۽ ڪمزور لاءِ سخت هجي، ته پوءِ اهو قانون نه، پر ناانصافي بڻجي وڃي ٿو.
اسماعيل سميجو جي قتل خلاف ڇهه ڪلاڪ جاري رهندڙ ڌرڻو ۽ عوامي دٻاءُ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هاڻي ماڻهو خاموش رهڻ لاءِ تيار ناهن. ايس ايس پي عمرڪوٽ طرفان پنج ڏينهن اندر جوابدار گرفتار ڪرڻ جو اعلان اميد ضرور پيدا ڪري ٿو، پر اها اميد تڏهن ئي زنده رهندي، جڏهن لفظ عملي صورت اختيار ڪندا.
عمرڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني هاڻي رڳو قانوني مسئلو نه رهيو آهي، پر انساني جانين جو سوال بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن اسماعيل سميجو جي ڪيس سميت ٻين واقعن ۾ به روايتي لاپرواهي ورجائي وئي، ته عوام جو قانون ۽ رياستي ادارن تي ويساهه مڪمل طور ٽُٽي پوندو.
هي وقت آزمائش جو آهي. اسماعيل سميجو جي موت کي رڳو هڪ خبر يا انگ نه بڻايو وڃي، پر ان کي انصاف، سڌارن ۽ جوابدهيءَ جي شروعات بڻايو وڃي، ته جيئن عمرڪوٽ جھڙي تاريخي ۽ پرامن شھر جو نالو خوف، نشي ۽ بي حسي سان نه، پر امن، قانون ۽ انساني وقار سان سڃاتو وڃي.