واٽس اپ پاران گروپ وڊيو ۽ آڊيو ڪال جو فيچر متعارف
واٽس اپ پاران پنهنجي صارفين لاءِ هڪ اهم فيچر آندو ويو آهي جنهن ۾ صارف هڪ گروپ جي صورت ۾ وڊيو ۽ آڊيو ڪال ڪري سگهن ٿا. واضح رهي ته هن فيچر لاءِ واٽس اپ جو نئون ورزن ڊائون لوڊ ڪرڻو پوندو پر في الحال موجوده ورزن تي به اهو فيچر هلي سگهي ٿو. ان نئين فيچر لاءِ بيٽا ورزن ڊائون لوڊ ڪرڻ جي ضرورت آهي. جنهن جو اصل ورزن ڪجهه وقت جي آزمائش بعد اچي ويندو. هن وقت بيٽا ورزن جي مدد سان چار ڄڻا هڪ وقت ۾ ڪال ڪري سگهن ٿا. ڪال ڪرڻ وارو صارف وڌيڪ ٽن ڄڻن کي شامل ڪري سگهي ٿو. بعد ۾ انهن ۾ وڌيڪ صارفين جو اضافو به ممڪن ٿي ويندو. هن فيچر کي استعمال ڪرڻ جو طريقو واٽس اپ گروپ ڪال ملائڻ کان پهرين ان جو ورزن اپ ڊيٽ ڪريو ان کانپوءِ ڪال ملايو ۽ مٿي سڌي هٿ تي Add participant آئڪن تي ڪلڪ ڪريو ۽ هڪ دوست کي ڪال ۾ آڻيو ان طرح ئي ٽيون ۽ چوٿون دوست به شامل ڪريو. هاڻي نه صرف توهان تمام دوستن کي ڏسي سگهندا پر انهن سان ڳالهائي به سگهندا.

