جنھن معاملي ۾ انساني جانيون خطري ۾ ھجن، روز حادثا ٿين ان معاملي تي ٺاهه نٿو ڪري سگھجي. ماتلي ۽ آسپاس ۾ چنگچي رڪشائن جي بي ڊولي ڊرائيونگ، بيشمار ماڻھن جون جانيون ورتيون آھن، اھو سلسلو سالن کان جاري آھي ۽ تيزي سان وڌي رهيو آهي. چنگچي رڪشا جي الڙ ڊرائيور جي غفلت ۽ لاپرواھي جي نتيجي ۾ ماتلي جي غريب آباد محلي جي ھڪ ئي گھر جا 6 ڀاتي فوت ٿيا ھئا، جن جي جنازن جي قطار وارو منظر اڄ به نٿو وسري. لاتعداد نوجوان به چنگچي رڪشائن ۽ ٻارن جي ڊرائيونگ جي ڪري زندگيون وڃائي ويٺا آھن. ماتلي جي وچ مان ٻه ڪئنال وھن ٿا ۽ چوطرف واھ آھن جن جي ڪنارن ۽ مين روڊن تي بي ڊولي ڊرائيونگ ۽ حد کان وڌيڪ ماڻهو ڀرڻ سبب ماڻھن جي زندگين لاءِ خطرا وڌي ويا آھن. ان ڪري مقامي پوليس اختيارين تي لازمي ٿو ٿئي ته ٽريفڪ رولز جي پوري پابندي ڪرائين، ڪوبه چنگچي رڪشا بنا رجسٽريشن جي روڊن تي نه ھلڻ کپي، رڪشائن جي رجسٽريشن لازمي ٿيڻ کپي، شھر ۾ ھلندڙ ۽ شھر ۾ ايندڙ رڪشائن جي مالڪن ۽ ڊرائيورن جي لسٽ ٿاڻي تي به موجود رھڻ کپي، ھلائڻ واري وٽ ڊرائيونگ لائسنس ھجي، گھٽ ۾ گھٽ شناختي ڪارڊ ته ضرور ھجي، رڪشائن تي سيٽ کان وڌيڪ ماڻهو نه ويهڻ ڏجن، رڪشائن جي پويان ۽ اڳيان چمڪ پٽيون ۽ بريڪ بتيون ۽ انڊيڪيٽرز (اشاري واريون بتيون) به لازمي طور تي لڳل ھجڻ کپن. ھن وقت شگر ملون ھلي رھيون آھن، روڊن تي ھيوي ٽريفڪ عام آھي، جنھن جي ڊرائيورن کي سائيڊن کان رات جي اونڌاهي ۾ رڪشا نظر ئي نٿا اچن، ان سان به حادثا وڌيا آھن. رڪشائن ۾ تيز روشني واريون لائيٽون، ٽيپ رڪارڊ به نه ھجڻ کپن. پوليس جي ان سلسلي ۾ خانا پوري ۽ لا پرواھي سبب انساني جانيون داءُ تي لڳل آھن. سمجھون ٿا ته بيروزگاري سبب رڪشائن جو انگ وڌي ويو آھي، پر روزگار جي مقابلي ۾ انساني جانيون اھم آھن، جن جو تحفظ لازمي آھي. جيڪي ٻار رڪشا ھلائين پيا ۽ ٽريفڪ رولز کان بي خبر آھن، انھن جي پنهنجي زندگين جو به سوال آھي، جيڪي والدين اھڙيون غفلتون ڪري رھيا آھن شايد اھي پنھنجن ٻارن کي ڪمائي جي مشين سمجھن ٿا ۽ انھن جي زندگين جو خيال رکڻ بجاءِ انهن کي موت جي منهن ۾ ڌڪو ڏئي ڇڏين ٿا. ان کان علاوه ماتلي ۾ ننڍي عمر جا ٻار به مين روڊن تي موٽرسائيڪلون ڊوڙائيندي نظر اچن ٿا، جنهن سبب اهي ٻار پاڻ به خطري جو شڪار ٿين ٿا ۽ گڏوگڏ ٻين جي لاءِ به خطري جو سبب بڻجن ٿا. اڳوڻي ڊي ايس پي خالد رستماڻي ماتلي جي ھنن معاملن کي سنجيدگيءَ سان ورتو ھو، ماڻھن جي جاڳرتا لاءِ سيمينار به ڪوٺايا ھئا ۽ قانوني ڪارروائيون به ڪيون ھيون، جنھن جا ڪافي بھتر نتيجا به نڪتا ھئا، پر ھاڻ وري ساڳي صورتحال ۾ رڳو بيان بازيون ۽ اشتھار بازيون ٿي رھيون آھن جنھن سان آفيسر شاھي کي شهرت ته ملي رھي آھي، پر ان کانسواءِ ٻيو ڪجھ به نه ٿي رھيو آھيو. شھري تنظيمن کي گھرجي ته روڊ حادثن جي سببن تي سوشل ميڊيا تي لکن، احتجاج به ڪن ته جيئن پوليس جون لوڪل اختياريون سجاڳ ٿين ۽ اھڙا قدم کڻن جنھن سان روڊ حادثن ۾ وڌندر انساني جانين جي نقصانن کي گھٽائي سگھجي.