پاڪستانخاصدنيانيو‍‍ز

وڪي ليڪس جو باني جولين اسانج برطانيا ۾ گرفتار

برطانيا جي خابرو ادارن پاران چيو ويو آهي ته وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج  کي برطانيا   ۾ ايڪواڊور جي سفارت خاني مان گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتاري ايڪواڊور طرفان جولين اسانج جي سياسي پناه ختم ڪرڻ بعد ڪئي وئي آهي. جنهن بعد برطانيا جي پوليس جولين اسانج کي گرفتار ڪري سينٽرل لنڊن جي پوليس اسٽيشن منتقل ڪري ڇڏيو آهي.ايڪواڊور حڪومت طرفان بيان ۾ چيو ويو آهي ته جولين اسانج پاران پرڏيهي قانونن جي خلاف ورزين بعد سياسي پناه واپس ورتي وئي آهي. ٻئي طرف برطانيا جي سيڪريٽري داخلا پنهنجي ٽويٽ ۾ چيو آهي ته جولين اسانج هن وقت برطانوي پوليس جي حراست ۾ آهي. ايڪواڊور حڪومت جي تعاون تي شڪر گذار آهيون جڏهن ته قانون کان ڪوبه مٿانهون نه آهي. ياد رهي ته جولين اسانج هڪ ڪمپيوٽر هيڪر آهي. جنهن 2006 ۾ وڪي ليڪس جي ابتدا ڪئي هئي جنهن جو مقصد سياسي اڳواڻن، حڪومتن ۽ فوج جا راز فاش ڪرڻ هيو. جولين اسانج هن ويب سائيٽ ذريعي آمريڪي فوج جا لکن جي تعداد ۾ دستاويز جاري ڪيا هيا. جنهن سان دنيا ۾ هڪ تحلقو مچي ويو هيو.