خاص

ڪالهه سڄي دنيا ۾ پوليو جو عالمي ڏينهن ملهايو ويو

آصفه ڀٽو چيو آهي ته پوليو ٻن ڏهاڪن کان پاڪستان جي ايندڙ نسل لاءِ خطرو بڻيل آهي. هن خطرناڪ بيماريءَ جي خلاف جنگ ڪافي عرصي کان جاري آهي ۽ سڀني کي گڏجي پنهنجن ٻارن کي باقاعدگيءَ سان ڦڙا پيارڻ کپن. پوليو فري پاڪستان لاءِ اسان سڀني کي ڪم ڪرڻ گهرجي، پاڪستان ۾ 2023 ۾ 53 مثبت ماحولياتي نمونا ۽ پوليو جا 4 ڪيس ٿيا. سڄي دنيا ۾ پوليو جو ڪالهه عالمي ڏينهن ملهايو ويو، پر بدقسمتي سان پاڪستان ۽ افغانستان ئي ٻه ملڪ آهن، جيڪي پوليو وائرس جو خاتمو ڪرڻ ۾ اڄ ڏينهن تائين ناڪام رهيا آهن.