آئيني تحفظ تي گاريون ملنديون آهن، پر پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين: چيف جسٽس
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته 10 کان 15 هزار ماڻهو گڏ ڪري عدالتي فيصلي تي تنقيد ڪيو ته پوءِ اسان ڇو فيصلا ڏيون. چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ 63 اي، جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي ٻڌڻي ڪئي. ايڊيشنل اٽارني جنرل عامر رحمان درخواست ڪئي ته نئين اٽارني جنرل جي مقرري جو انتظار ڪيو. چيف جسٽس چيو ته اٽارني جنرل جا دليل مڪمل ٿي ويا هئا، منهنجي خيال ۾ اسان کي صدارتي ريفرنس کي هلائڻ گهرجي. قومي ليڊرن کي عدالتي فيصلن جو بچاءُ ڪرڻ گهرجي. آئيني تحفظ تي گاريون ملنديون آهن، پر پنهنجو ڪم ڪندا رهنداسين، عدالت ڇو توهان جي سياسي معاملن ۾ پئي. جسٽس جمال مندوخيل ريمارڪس ڏنا ته ڪجهه ماڻهو چاهين ٿا ڦرڻ جي اجازت هجي ڪجهه چاهين نٿا، اڄڪلهه سولو طريقو آهي ته 10 هزار ماڻهو گڏ ڪريو ۽ چئو ته مان نٿو مڃان، پارليامينٽ تاحيات نااهلي جو واضح ناهي لکيو، پارليامينٽ ڄاڻي واڻي نه لکيو يا غلطي سان نه لکيو ويو، پارليامينٽ موجود آهي، ٻيهر معاملو ان جي سامهون پيش ڪيو، عدالت جي مٿي ۾ ڇو وڌو پيو وڃي، پارليامينٽ کي پاڻ ترميم ڪرڻ ڏيو. چيف جسٽس چيو ته سياسي جماعتن کي چئن صورتن ۾ آرٽيڪل 63 ۾ تحفظ ڏنو ويو آهي، ضياءُالحق پارٽي کان ڦرڻ تي پابندي جي شق آئين مان ڪڍي ڇڏي هئي، 2010 ۾ 18 هين ترميم ذريعي آرٽيڪل 63 اي شامل ڪيو ويو، آئين جي ڀڃڪڙي ننڍي ڳالهه ناهي، ڪيترائي ماڻهو آئين جي ڀڃڪڙي تي آرٽيڪل 6 تي هليا ويندا آهن، آرٽيڪل 63 اي، جي ڀڃڪري آرٽيڪل 6 جو ڪيس نٿو ٺهي، عدالت پتو لڳائيندي آئين کي پٺي ڏيڻ جو ڪهڙو نتيجو هوندو، آئين جي ڀڃڪڙي ڪندڙ پنهنجي خوشي تي ويندو يا قيمت ادا ڪرڻي پوندي. عدالت پڇاڻو ڪيو ته ڇا پنهنجي طرفان تاحيات نااهلي شامل ڪري سگهجي ٿي؟ ايڊووڪيٽ جنرل اسلام آباد دليل مڪمل ڪندي چيو ته آرٽيڪل 62 ون ايف جي تشريح ۾ عدالت تاحيات نااهلي قرار ڏئي چڪي آهي. سپريم ڪورٽ ٻڌڻي سڀاڻي هڪ وڳي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

