خاص

آفتاب لاشاري ڇهين سالگره جي موقعي تي ميگزين بابت تاثرات

همسري: ايندڙ وقت ۾ اِي-مئگزينن جي حيثيت ڪهڙي هوندي؟

آفتاب لاشاري: ايندڙ وقت ۾ حقيقي اهميت اِي-مگئزينن جي ئي هوندي. هن وقت دنيا ۾ فيس بُڪ، ٽوئيٽر ۽ ٻيون ڪيتريون ئي شيون اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ويب سائيٽن تي اچي ويون آهن. هر وڏي ننڍي اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ پرنٽ ميڊيا جو فيس بُڪ اڪائونٽ ۽ ٽوئيٽر اڪائونٽ موجود آهي.

همسري: ڇا همسري اِي-مئگزين طور پنهنجي جاءِ ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿيندو؟

آفتاب لاشاري: همسري جديديت ۽ قدامت جو حسين امتزاج آهي، جيڪو سنڌ جي بنيادي مسئلن، حالات حاضره ۽ ٻين موضوئن بابت پنهنجن پڙهندڙن کي آگاهه ڪري رهيو آهي. مون کي پورو يقين آهي ته بهترين طريقي سان همسري ڪم ڪري رهيو آهي، يقينن هڪ ڏينهن همسري سوشل ميڊيا ۾ پنهنجو مثبت مقام حاصل ڪندو.

همسري: همسري جي ڇهن سالن جي سفر کي هڪ پڙهندڙ جي حيثيت سان ڪيئن ٿا ڏسو؟

آفتاب لاشاري: همسري اهڙين ڏکين حالتن ۾ به پنهنجو سفر جاري رکيو. ڏينهن هجي يا رات، طوفان هجي يا برسات، مشڪل کان مشڪل حالتن ۾ به بغير ڪنهن مالي مدد جي مئگزين هلندو رهيو آهي، مئگزين هلائڻ ايترو سولو ڪم ناهي، پر ان جي باوجود به پنهنجي مدد پاڻ تحت همسري مئگزين ۽ اداري کي دليري سان اهو ڪم ڪرڻ تي داد ڏيڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهجي. باشعور قومون، بين الاقوامي ۽ ملڪي حالتن تي نظر رکنديون آهن، پنهنجي ٻولي ۽ ثقافت سان محبت رکنديون آهن ۽ انهن کي زنده رکڻ لاءِ جتن به ڪنديون آهن. همسري مئگزين به ان قسم جي تقريبن سڀني سٺن مضمونن کي جاءِ ڏيندو رهي ٿو. پڙهندڙن جي لاءِ هي مئگزين ڏاڍو ڪارائتو آهي انهن کي اها گذارش آهي ته هو هن مئگزين کي پنهنجو سمجهي مڪمل تعاون ڪندا رهن، چاهي اهو عملي هجي يا فڪري. همسري پاڻ به پڙهن ۽ پنهنجن دوستن کي به پڙهڻ لاءِ رغبت ڏيارين.