بلاگ

انگريزي ادب ۾ سنڌي ليکڪ: تبديليءَ جو فانوس ڪڏهن روشن ٿيندو…! شوڪت لوهار June 2021

هاڻي ڳالهه اها آهي ته اسان جون اوليتون ڪهڙيون آهن؟ اسان جي خوابن جي وسعت ڪيتري آهي؟ ڇا اسان جا خواب صرف مصنوعي ڏيکاءُ ۽ ڪن سطحي ۽ ٿڇ شين جا جنگي قيدي ته ڪونه آهن؟ ۽ انهن تي ڀاڙيتا واپاري فاتح، ٿوڪاري ته ڪونه رهيا آهن؟

ماڻهو خواهشن جي ڄار ۾ ڦاٿل هڪ جاندار آهي ۽ انهن خواهشن جو ڄار اهڙو ته عجيب اڻيل آهي جو ان مان جند ڇڏائڻ ناممڪن آهي. ڇا واقعي ادب اسان جي اوليتن ۾ شامل آهي؟ جيڪڏهن اسين ادب جي ڳالهه ڪيون ٿا ته ڇا اسان حقيقي معنيٰ ۾ ادب جي قوت، طاقت ۽ ان ۾ موجود جوهر کي سڃاتو آهي؟ ڇا ادب طاقت رکي ٿو؟ ادب حقيقي دنيا ۾ ڇا ٿو ڪري سگهي؟ ڇا ادب اسان جي مسئلن جو ڪو حل پيش ڪري سگهي ٿو؟ يا ڪرڻ جي طاقت؟ ڇا ادب واقعي اسان لاءِ ڪا راهه هموار ڪري سگهي ٿو؟ ڇا اسان پوري سچائي سان ڪڏهن ادب سان رجوع به ڪيو آهي؟ ڇا ادب سان منهان منهن ٿيا آهيون؟ مڪمل سچائي نه سهي ڇا اسان ڪڏهن وقتي سچائي طور ئي سهي ڪنهن نظم ڪنهن ڪهاڻي ڪنهن ناول کان ڪو حل پڇيو آهي؟

اسان پنهنجي وقت جي ورڇ ۾ ادبي ڪتابن کي ڪيترو جاءِ ڏني آهي؟ ڇا اسان پنهجو پاڻ ۾ پنهنجن ٻارڙن ۾ پنهنجي دوستن مٽن مائٽن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت تي ڪڏهن ڳالهايو آهي؟ ڪڏهن سوچيو آهي؟ ڇا اسان جي اوليت ۾ ريئل اسٽيٽ ۽ نئين ماڊل جون گاڏيون ته ناهن، پيزا ۽ ڪي ايف سي جا برگر ته ناهن؟ ڪٿي اسين کاڌي، آئيڊياز ۽ ثنا سفيناز جي لوٽ سيل جا شڪار ته ناهيون؟ ڇا واقعي اسان جي گهر ۾ هر هفتي، هر مهيني ڪو نئون ڪتاب اچي ٿو؟ ڇا اسان جي شهر ۾ بلڪه ملڪ ۾ ڪتب خانن ۾ ڪتابن جا ڪي وڏا دڪان آهن يا صرف بينڪون ۽ بيوٽي پارلر آهن، جيڪي ماڻهن کي قرضي ۽ مرضي ڪرڻ کانسواءِ ڪجهه به نه ڏيئي رهيا آهن. اهي ڪجهه سوال آهن جن جو پنهنجو پاڻ کان ڪرڻ ضروري آهي؟ اسان طاقت جي هڪ اهڙي ڌڳندڙ لاوي ۾ لڙهي رهيا آهيون، جنهن جو ڪوبه ڇيهه ڪونه آهي؟ طاقت جا ڳيجهو آهيون، طاقت هٿان استحصال ٿيندي ۽ ڪندي خاموش رهون ٿا، بلڪه انهيءَ طاقت جي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي سڄي زندگي تيل ٿا ڪري ڇڏيون.

پنهنجي موٽرسائيڪل، پنهنجي گاڏي، پنهنجي گهر، دڪان تي وڏن وحشت ناڪ سياستدانن جا فوٽو هڻي انهن جي سهاري تي جيئون ٿا. انهن ماڻهن جي پٺيان هلون ٿا، جيڪي خود عقل کان پيادا ۽ دولت جي گند ۾ هلي رهيا آهن. اهڙا ماڻهو اسان جا آئيڊيل آهن. ان جاءِ تي ادب جي اهميت، ادب جو معيار ۽ ان جو واهپو ۽ ان بابت ڳالهائڻ ايئن آهي جيئن اسين پنهنجي درسگاهن ۾ ستين آسمان تي بيٺل اوذون ليئر کي جيڪو خطرو لاحق آهي، ان بابت پريشان هوندا آهيون ۽ ان جي بچائڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ لاءِ سوچيندا آهيون!

ادب جي دنيا هڪ نرالي دنيا آهي. ان جا رنگ، روپ نرالا آهن، پر اهو سڀ ڪجهه چوڻ سان گڏوگڏ ادب معاشري جو عڪاس به ته آهي. معاشري ۾ ٿيندڙ انساني المين جو دستاويز به آهي، جيڪو تمام وڏي مهارت سان لکيو وڃي.

ادب ۾ خاص طور تخليقي ادب جنهن ۾ ڪهاڻي ناول شاعري، ڊرامه اچي وڃن ٿا، ان کانپوءِ تنقيد آهي جيتري سگهاري تنقيد هوندي اوترو ادب جاندار ٿيندو. تنقيد کانپوءِ تاليف، سهيڙ جو ڪم آهي. سٺي ڪم کي گڏ ڪرڻ هڪ اهم ڪم آهي. سهيڙڻ کانپوءِ ترجمي نگاري جو ڪم آهي. ترجمو يا تخليقي ترجمو ادب جي دنيا ۾ تمام وڏو مقام رکي ٿو، مگر افسوس ته اسان وٽ ترجمو نه ٿيڻ جي حد تائين ٿيو آهي. ورهاڱي کان اڳ ڪجهه قدر ڪم ٿيو جنهن ۾ ديوان ڪوڙو مل، پرمانند، ميوا رام، مرزا قليچ بيگ جا نالا آهن. بعد ۾ به ڪجهه ترجما ٿيا، پر بدقسمتي سان ادارتي سرپرستي يا ترجمن جي اجرت نه ملڻ جي ڪارڻ اهي اڌ ۾ رهجي ويا، اهو ئي سبب آهي جو اسان وٽ ادب ان ريت پروان نه چڙهي سگهيو آهي.

سنڌي ادب ۾ ناول کي تمام وڏي حيثيت آهي، هاڻ ته اسان وٽ ڌڙا ڌڙ ناول لکيو پيو وڃي، پر وري به ساڳي ڳالهه ته جيتري تائين معيار جي ڳالهه آهي تي گهڻائي سوال اٿن ٿا.

اسان وٽ ڪتاب پڙهڻ جي ۽ وري معياري ڪتاب پڙهڻ جي عادت ختم ٿي چڪي آهي يا تمام گهٽ آهي. ڪردار، ڪهاڻي، نظريو، مڪالمو، ٻولي جو تسلسل ۽ منظر نگاري گهڻو ڪجهه آهي جنهن تي ڳالهائي سگهجي ٿو. جيتري تائين سنڌي ليکڪن جو انگريزي ٻولي ۾ لکڻ جو تعلق آهي ۽ ڇو اسان وٽ ايترا ٿورڙا آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻهو ملن ٿا جن ڪا هڪ اڌ تخليق انگريزي ٻولي ۾ ڪئي آهي. ان جا ڪيئي ڪارڻ آهن، سڀ کان وڏو ڪارڻ اسان جي تعليمي سطح جو آهي. اسان وٽ تعيلم ڪابه نوڪري وٺڻ ۽ انهيءَ مان رشوت خوري ڪري انهيءَ رشوت ۾ غرق ٿيڻ جو نالو آهي. ابتدائي تعليم ۾ جيڪڏهن ڪنهن ۾ ٿورو گهڻو لکڻ پڙهڻ جو شوق هوندو آهي ته اهو بس وقتي ئي هوندو آهي. ان کي اهو ڪرت يا شغل ڪُل وقتي بڻائيندي ڪونه ڏٺو.

ٻيو وڏو سبب سماجي طور تي سنڌي ليکڪ کي سنڌي کانسواءِ انگريزي ٻولي ۾ لکڻ لاءِ کوڙ رڪاوٽون موجود آهن. مثال اسان پنهنجي نجي ويهڪن ۾ اهو چوندا آهيون ته يار ڇڏ هاڻ وري انگريزي ۾ ٿو لکين؟ يا وري ايئن آهي ته انگريزي ۾ لکڻ، پڙهڻ اچي وڃن کي اسين ايئن سمجهندا آهيون ته هي ڪا مقدس ٻولي آهي جيڪا صرف فرشتا ئي ڳالهائيندا آهن. ٽيون سبب اهو آهي ته انگريزي ادب ۾ لکڻ لاءِ جيڪو اسٽائل جا انداز ۽ ادبيتLiterariness  کپي ان تائين پهچڻ اسان جي وس جي ڳالهه ئي ڪونهي، مثال طور: گارشيا ماڪيز جي جادوئي نگاري کي سمجهڻ ۽ انهي کي پنهنجي لکڻ ۾ آڻڻ لاءِ اسان کي ڪيڏو پاڻي جهاڳڻو پوندو؟ اهو هڪ وڏو بحث آهي. انگريزي ٻولي جي جوڙجڪ Syntax تائين پهچ حاصل ڪرڻ لاءِ اسان کي گهڻا ڪتاب پڙهڻا پوندا ۽ ڇا اسان ۾ ايتري همت آهي جو اسان ايترو مطالعو افورڊ ڪري سگهون. باقي ٿورو گهڻو جيڪو لکيو ويو آهي ان تي ڳالهائي سگهجي ٿو. ادبي ٻولي ۽ اخباري ٻولي ۾ فرق ٿئي ٿو، اخباري لکت ڪلارڪي وارو ادب آهي جيڪو مون سميت گهڻا دوست ڪري رهيا آهن، پر ادبي ٻولي جي پڪڙ ايتري آسان ڪونه آهي. اسان پنهنجي بحث ڏانهن واپس اچون ٿا، پر پهريائين انهن چند دوستن کي ڳڻائي وٺون، جن انگريزي ادب ۽ خاص طور تخليقي ادب ۾ ڪجهه ڪم ڪرڻ جي همت ته ڪئي آهي.

بينا شاهه آهي جنهنSeasons of Martyrs  لکيو آهي. ڊاڪٽر وحيد جتوئي جنهن انگريزي شاعري جا ڀلوڙ ٻه ڪتابSome Times, Evening Shadows نالي ٻه شاعري جا ڪتاب لکيا آهن ۽ مزمل سائر جي شاعريءَ جو هڪڙو مجموعوSILENCE OF THE PIANO SINGS  جنهن کي Author House Publishers, London ۾ 2011 ۾ شايع ڪيو. انهيءَ کان علاوه جي الانا جي شاعري تي تصوفي نگاهه جي نالي سان انگريزي ۾ مقالو به لکيو آهي.

انهيءَ کانپوءِ روهڙي سان تعلق رکندڙ دوست اظهر نوناري آهي جيڪو تمام گهڻ پڙهيو آهي. جنهن پنهنجو هڪ ناولBlack Bird in the white cage لکيو آهي، اهو ناول خاص طور سنڌ ۾ طاقت ۽ ان جي استعمال ۽ طاقت هٿان استحصال ٿيندڙ معاشرتي ڀڃ ڊاهه جي ڪهاڻي آهي. جنهن ۾ ٽي دوست آهن، جيڪي ڪهاڻي کي اڻڻ ۾ تمام اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن ناول جي خوبي اها آهي جو ان جو هر باب هڪڙي ڪوٽيشن سان شروع ٿئي ٿو ۽ ان ۾ موجود هيرو دلدار هڪ ڊائري ۾ پنهنجي لغت جوڙيندو وڃي ٿو، جيڪو هڪ ادبي ڪمال آهي. اظهر نوناري جو ٻيو ناول Story of Lords and Witches پڻ جلد اچڻ وارو آهي. عبدالقادر جوڻيجو جنهنDead River  جي نالي سان هڪ ناول لکيو آهي ۽ اها آکاڻي هاڪڙي درياءِ ۽ انهيءَ سان سلهاڙيل تهذيب جي آهي، پر ان کي پڙهندي ايئن لڳي ٿو ته ناول سنڌي ۾ لکيو ويو هجي ۽ ان جو ترجمو انگريزي ۾ ڪيل هجي. ان جي ٻولي تمام گهڻي مشڪل آهي، پر پوءِ به هڪ وڏي ڪوشش آهي. جي الانا 20 ڪتاب انگريزي ۾ لکيا آهن جن مان 9 ڪتاب انگريزي شاعري ۾ آهن ۽ 11 نثر جا ڪتاب آهن. اهو هڪ بهترين ڪم آهي، علامه آءِ آءِ قاضي جارج باراڊ شاهه جي جواب ۾Brown Girl in Search of God لکيو آهي ۽ سندس وني ايلسا قاضي شاهه لطيف کي ترجمو ڪيو آهي. پروفيسر محمد اسحاق ابڙو جو انگريزيءَ ۾ لکيل ڪتاب In Search of Allah آهي. پروفيسر امينا خميساڻي پڻ لطيف سائين کي انگريزي ۾ ترجمو ڪيو آهي. عبدالغفور الستي، آغا سليم پڻ لطيف سائين جا انگريزي ٻولي ۾ ترجما ڪيا آهن، پر اسان وٽ اڃان تائين لطيف سائين انگريزي سوانح حيات يا ان جي رسالي جي انگريزي ٻولي ۾ Interpretation ڪونه لکي ويئي آهي.

امر جليل انگريزي اخبارن ۾ تخليقي ڪالمن سان هڪ ڪتابLonging and Death Love پڻ لکيو آهي. اهڙي نموني جاويد جسڪاڻي به هڪ ناول لکيو آهي. اهڙيءَ طرح اسان ذوالفقار علي ڀٽو جي پوٽي فاطمه ڀٽو کي سنڌي ليکڪن جي حيثيت ۾ ڳڻي سگهون ٿا. حليم بروهي به انگريزي ٻولي ۾ لکيو آهي، انهيءَ کان علاوه گهڻا دوست آهن جيڪي منظر تي ڪونه آهن، پر انگريزي ۾ لکي رهيا آهن، اسان وري پنهنجي بحث ڏانهن واپس ٿا اچون. اسان وٽ انگريزي ۾ لکي وري ڪتاب ڇپائڻ به هڪ وڏي اذيت وارو ڪم آهي، ڪوبه قومي سطح يا بين الاقوامي سطح جو پبلشر نه آهي جيڪو اوهان جي ڪم کي ڇپي سگهي؟ پنهنجا ڪتاب پاڻ ڇپرايو پئسا به ڏيو ۽ ڪتاب مٿي تي کڻي در در تي هوڪا ڏيو انهيءَ کان وڌيڪ اديب لاءِ ٻي ڪا خواري ٿي سگهي ٿي؟ اسان وٽ معاوضو Royalty وغيره جو رواج ئي ڪونه آهي. اها هڪڙي بيگر آهي جيڪا اوهان صرف پنهنجي نالي ۽ شهرت لاءِ ڪيو ٿا، پر ڳالهه اها آهي ته رڳو نالي ۽ شهرت سان پيٽ جي بک ختم ڪونه ٿي سگهندي.. آخرڪار اهڙا اديب پوءِ ويچارگي جي زندگي گذاري هي دنيا ڇڏي هليا وڃن ٿا ۽ سندن اولاد کي ڪهڙي کُٽي کنيو آهي جو هو پنهنجي پيءُ جي ڏنل واٽ تي هلن. جڏهن ته پوري دنيا ۾ ڪتاب لکڻ ۽ ان کي بيسٽ سيلر بڻائڻ جو جيڪو معاوضو ملي ٿو اهو ليکڪ ست پيڙهيون به نه کٽائي سگهن. گارشيا مارڪيز، ميلان ڪنڊيرا، اورهان پاموڪ ۽ ڊان برائون، نيڪولس اسپارڪس، نينسي فرائڊي انهن ماڻهن ڪتاب مان ايڏو ڪمايو آهي جو ان کي ڪوبه ٻيو ڪم ڪرڻ جي ضرورت ڪونه آهي. پالوڪوئلو، ايلف شفق توڙي جو انگريزي ۾ ڪونه ٿا لکن، پر انهن کي ترجمي نگار مليو وڃي ۽ اهي راتو رات شاهوڪار بڻجي ٿا وڃن. مان سمجهان ٿو ته رسول ميمڻ جو قالو بلا ناول جيڪڏهن انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ته ماڻهو پالو ڪوئلو کي وساري ڇڏيندا. انهيءَ کان علاوه جيڪڏهن اڪبر سومري جو ناول شهر جي ڳالهه ۽ انهيءَ کان علاوه تازو آيل ناول “کماچ” جيڪڏهن انگريزي ۾ ترجمو ٿئي ته دنيا کي خبر پئجي ويندي ته ڊرٽي ريئلزم صرف آمريڪا ۽ يورپ جي ناولن ۾ موجود ڪونه آهي، پر انهي کي سنڌي ٻولي جا هي مڻيادار ناول نگار به پيش ڪري سگهن ٿا. مسئلو وري به انهيءَ تجارتي ڏيوالپڻي جو آهي، جنهن تي اسين سڀئي پٽڪو ڪري رهيا آهيون.

ادارتي طور تي اديبن ليکڪن ۽ ترجمي نگارن لاءِ ڪجهه به ڪونه آهي جيڪڏهن ڪو ماڻهو بيمار ٿئي ٿو ته ان کي هڪڙو چيڪ ڏئي سئو اخبارن ۾ ان جي تشهير ڪئي ويندي آهي. ڪو ادارو ڪونه آهي جيڪو لکڻ لاءِ ان جو معاوضو ڏيڻ لاءِ تيار هجي. ٻيو ته انگريزي ميڊيم جا پنهنجا مخصوص ماڻهو آهن، اهي ئي ماڻهو پيا هلن ڪنهن نئين ليکڪ کي انگريزي اخبار، انگريزي ڇاپ خاني تائين رسائي آسان ڪونه آهي.

سرڪاري ۽ خانگي سطح تي سنڌ ۾ تعليم سان جيڪا ويڌن ڪئي ويئي آهي، اها پچارڻ کان گهڻي آهي. خانگي اسڪولن وري انگريزي جو به ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ٻار ۾ جيڪا سگهه هجي ٿي، جنهن عمر ۾ فطرت ان جي استاد هجڻ گهرجي ان وقت ۾ ان کي انگلش ميڊيم جي وڏن وڏن پڃرن ۾ ڦاسايو وڃي ٿو. نتيجي ۾ ٻار ۾ مطالعي لاءِ نفرت پيدا ٿي وڃي ٿي. اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽي ۾ تخليقيت کي اڀارڻ لاءِ ڪي به سرگرميون نه ٿي سگهڻ به تخليقي سگهه کي مارڻ لاءِ سٺو هٿيار آهن، تعلقي، يونين سطح تائين لائبريريون هجڻ وارو خواب ۽ انهن لائبريرين ۾ ماڻهو پڙهڻ، پڙهائڻ وارو سوال صرف سوال ئي آهي. اسان جو سماج مقابلتي ئي هجي ها جيڪڏهن مددي نه آهي، پر مڪمل مرده خانو(Dead Society) آهي. اسان وٽ موضوعن جي کوٽ ڪونه آهي، اسان وٽ ماحولياتي گدلاڻ استحصالي قوتن جو اڀار، مثال ٿر جي ڪوئلي تي ڌرتي ڌڻين کي ڌڪي ڪمپني سرڪار جون سونڊ واريون مشينون انهن جي اباڻن پٽن کي تباهه ڪرڻ هڪ وڏو موضوع آهي ۽ ڳوٺن ۽ شهرن ۾ ٿيندڙ تبديليون ماڻهن جا معاشي ۽ نفسياتي مسئلا به اهڙا نوان موضوع آهن جن کي انگريزي ۾ لکي سگهجي ٿو. ڪتاب پڙهڻ ۽ انگريزي ۾ لکڻ واقعي هڪ نئون ڪم هوندو، جيڪڏهن ايئن ٿي پئي، آئون پر اميد آهيان ته نوجوان انهيءَ سڄي ڪايا پلٽ جو حصو ٿين ۽ اسان وٽ پراڻ پسندي ۽ پراڻ پرستي لاءِ ڪي نوان فانوس بڻجي چوڏس سوجهرو ڦهلائين جيڪڏهن ايئن ٿي پوي ته… ٻيو ڀلا ڇا گهرجي؟