خاص

ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، لڳي ٿو اسڪولن کي بند ڪرڻو پوندو

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني خبردار ڪندي چيو آهي ته اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، جنهن سان ائين لڳي رهيو آهي ته اسڪولن کي بند ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن محسوس ٿيو ته شيون صحيح رخ ۾ نه وڃي رهيون آهن ته پوءِ اسڪول بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين. تعليم واري وزير سعيد غني ايگرو ٽيڪنيڪل گورنمينٽ بوائز سيڪنڊري اسڪول نيو ڪراچي جو دورو ڪيو ۽ ان موقعي تي ڳالهائيندي هن چيو ته نالن تي قبضن سبب صورتحال انتهائي خراب آهي. قبضن جي خاتمي ۽ سيوريج سسٽم کي فعال بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويا آهن. ماضيءَ ۾ هتي قبضا قائم ڪرائي پوري نالي کي بند ڪيو ويو هو. ڪورونا متعلق ايس او پيز تي ڳالهائيندي تعليم واري صوبائي وزير چيو ته افسوس جوڳي ڳالهه اها آهي ته اڃان به اسڪولن ۾ ايس او پيز تي عمل نه ٿي رهيو آهي، ڪالهه به اورنگي ٽائون ۾ چار اسڪول سيل ڪيا ويا آهن، ائين لڳي رهيو آهي ته اسڪولن کي بند ڪرائڻو پوندو. سعيد غني وڌيڪ چيو ته اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ ڪورونا ٽيسٽ ڪرايون ويون آهن جتي 13 هزار شاگردن جي ٽيسٽ ڪرائي جن مان 88 شاگردن ۾ ڪورونا جي تصديق ٿي، جيڪڏهن محسوس ٿيو ته شيون درست رخ ۾ نه وڃي رهيون آهن ته پوءِ اسڪول بند ڪرڻ ۾ دير نه ڪنداسين، ٻارن جي صحت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين.