خاص

اڄ کان ڪراچي سميت پوري سنڌ ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ طوفاني برسات جي اڳڪٿيءَ کانپوءِ پي ڊي ايم اي لاڳاپيل ادارن کي اهم هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن، برسات مسلسل ٻن ڏينهن تائين جاري رهندي. تفصيل موجب ڪراچي ۾ بادل هڪ ڀيرو ٻيهر وسڻ لاءِ تيار آهن ۽ موسميات کاتي اڄ رات کان ڪراچي سميت سڄي صوبي ۾ تيز هوائن ۽ طوفان سان گڏ تيز برسات جي اڳڪٿي ڪئي آهي.