جيءُ جهوريندڙ منظر…! | عبدالغني شر | مارچ 2022
ڪجھ منظر من کي موهيندا آھن، انهن جي شاهڪار فطري نمونن کي وري وري دل ڏسڻ چاهيندي آھي. اهڙن منظرن ۾ لڪل آرٽ جون معنائون بلڪل منفرد ملنديون. جڏھن اوهان جي سوچ اهڙو سفر ڪندي. سڄي سنڌ ۾ ڀُريل ڀڙا، ڊٺل مقبرا، محبتن جي لازوال ڪردارن جون مزارون، وک وک تي موجود آھن! جيڪي موجوده دور ۾ من جي مرادن جون محور بڻجي ويون آھن..!
اهي سڀ منظر اسان جهڙي عام ماڻھو کي روز ڏسڻ لاءِ ملن ٿا، پر رواجي سستي، بي ڌياني، جياپي جي جستجو، پٺيان ڊوڙندي ڪڏهن انهيءَ پاسي سوچيو ئي ناهي! نه وري ڪنهن هم خيال دوستن سان ڪا اهڙي ڪچهري ڪئي، نه ئي وري شعوري طور سگهارن ۽ فڪري طور مضبوط، دوستن اجتماعي سگهاري سوچ اهڙي ماضي جي خوبصورت تاريخ جي اکين ڏٺن گواهن جهڙين، ڀُري ڀڄي ويل ڀڙن ۽ گهايل عمارتن تي ڪو جوڳو ڪم ڪيو ئي ناهي. اها الڳ آھي ته انفرادي طور آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻھن پنهنجي وسان ڪونه گهٽايو آھي. اسان ترقي پسند سوچ سينن ۾ سمائي سچ جي پرچار ڪندي بار بار پنهنجي ڪچهرين ۾ فڪري ويهڪن ادبي صنفن ۾ مظلوميت جي صدا جو ساٿ ڏيندي، پنهنجي ڳالهين جي پيش گوئي ۾ واهه واهه ڪرائڻ ۾ ڪنهن کي وٺ نه ڏيندا آھيون. مگر عملي طرح انهيءَ پيش منظر ۾ ذري برابر مشڪل بيٺل هوندا آھيون. کنڊرات بڻجي ويل ماضي جي مضبوط نمونن کي ڏسندي اسان جو حال افسرده ضرور ٿيندو آھي. مگر ”تحرڪ ۾ بلڪل ڪونهي“ اهو سوچ جي پنڌ ۾ سڀ ميارون شڪايتون حال جي حڪمران کان ڪري ٿو. پنهنجي لکڻين ۾ ڇوھ ڇنڊيندي پنهنجا هٿ ٺاري ٿو. انتظامي ميار جي ناڪامي جي تسلسل تي ڪا واضح حڪومت جوڙڻ بدران ڪنهن تقريب ۾ جذباتي جذبي سان ست سريون ٻڌائي جاڳ جي ننڊ ۾ سمهي پوي ٿو، پر ڇا ڪجي؟ سماج ۾ سچو ماڻھو اڪيلائي جي پنڌ ۾ ايترو ئي ڪري سگهي ٿو. هن وقت سنڌ جي موجوده صورتحال جو منظر، اڃان به عجيب آھي. جنهن جو لقاءُ صنعتي شعبي جي بي مثال ترقي ڏسڻ وٽان ملندي. لوھ، سيمينٽ ۽ سريي جي غير معمولي اضافي، وري خريداري جي توازن ۾ تيزي، سوچڻ تي مجبور ڪري ٿي ته هي سڀ ڇا ٿي رهيو آھي؟ اسان جون اڪثر زمينون پاڻي جي شديد کوٽ جي ڪري بنجر بڻجي ويون آهن. سنڌ جون باقي آباد زمينون جڏھن ڳوڙھي خرچ کانپوءِ فصل ڏين ٿيون ته زرعي، توڙي مائڪرو بينڪن ۾ وڌنڌڙ وياج جي شرح، زرعي بازاري بليڪ ميلنگ، واپاري هڪ هٽي، زراعت کي زوال پذيري طرف ڌڪي رهي آھي. عام ماڻھو توڙي آبادگار فورم ۾ اهڙا اڇلايل ڪاروباري ڄار اڃان اڇڙي ڪبوتر وانگي ڦاٿل آھن! اها هڪ جدا ويچار جي ڳالهه آھي. اسان جا ماڻھو زراعت کي ضرورت سمجهي فصل پوکين ٿا. مگر هن وقت دنيا جي ترقي پذير ملڪن جي زراعت جي نمونن کي جاچڻ وقت جي اهم ضرورت آھي. زراعت جي نت نون ايجادن مان گهڻو لاڀ حاصل ڪرڻ بجاءِ، اسان مڪمل ماٺار جو شڪار ٿي، اهي ئي اباڻا ڏاڏاڻا فصل پوکي رهيا آھيون! جن جي ورڇ اسان کي وڏڙن کان ملي آھي. انهن سڀني حالتن کي ڏسندي زرعي زمينون هائوسنگ اسڪيمن ۾ تبديل ٿي رهيون آهن. ماڻھو پنهنجي زمين جي ٽڪر کي تمام گهٽ اگهن تي ڌارين کي وڪڻي پنهنجي زمين تان پنهنجي مالڪي کي وڃائي رهيا آهن ۽ زراعت کان پاسيرا ٿيندا وڃن.
سنڌ ۾ سڀني وڏن توڙي ننڍن شھرن ڏانهن سفر ڪندي وک وک تي عاليشان هوٽلون ڏسڻ لاءِ ملنديون، آرامده ريسٽورينٽ ملندا، خالي پلاٽ، آسان ادائگين واريون آفيسون ملنديون، بنا روڪ ٽوڪ جي ڪير به ڪنهن به هنڌان اچي زرعي زمينون خريد ڪري سنڌ جي زرعي زمينن تي پنهنجا خوبصورت گهر اڏي، فارم هائوس ٺاهي سک سان جيون ڪاٽي سگهي ٿو! مجال ڪير توهان کي مالڪي ڪرڻ کان روڪي سگهي، پر ڀرپاسي بيٺل سوڪهڙي جو شڪار فصلن بابت ڪنهن کي ڪا ڳڻتي ناهي. اسان جو پاڻي ڪيڏانهن ويو؟ اسان جون آباد زمينون لاڀ ڇو نه پيون ڏين! ڪير به سوچي نٿو؟ مگر سڀ انفردايت جو شڪار ٿي، پنهنجي سکن جو متلاشي بڻجي محنت ڪري ڪو فصل پوکي لاڀ حاصل ڪرڻ بجاءِ آباد زمينون، صنعتي دلالن جي حوالي ڪري اتان لڏي شھري زندگيءَ جو سک ٿا ڳوليون، مگر اهو نٿا سوچيون ته صنعتي دلال تنهنجي اباڻي زمين تي هن کان وڌيڪ خوبصورت شھر اڏي رهيا آھن. سنڌ جو ثقافتي قدامت پسند وڏيرو، جنهن جو اولاد انهيءَ ڪم ۾ سڀ کان اڳڀرو آھي! اها هڪ انتهائي ڳنڀريتا واري ڳالهه آھي. جيڪڏھن اهو سلسلو ساڳئي انداز سان هليو ته سنڌ جو وڏيرو به ناياب بڻجي ويندو، جنهن جو ته اسان کي افسوس ڪونهي، پر اسان جو زرعي نظام سرمائيدار جي هٿ چڙهي ويندو جنهن جا نتيجا تمام خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا، جنهن جو شايد اسان کي اندازو ئي ناهي. اهڙي جڙيل لقاءُ کي ڏسندي هر ساڃاهه وند معصوم ٻار وانگي سُڏڪڻ لڳي ٿو.
***

