حڪومت کي ڪيرائي جمهوريت کي بحال ڪري ڏيکارينداسين: آصف علي زرداري
اڳوڻي صدر آصف علي زرداري آل پارٽيز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته موجوده حڪومت کي ڪڍي جمهوريت بحال ڪنداسين. اي پي سي ۾ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري ابتدائي نوٽ سان خطاب شروع ڪندي سڀني حاضر شريڪ مهمانن کي ڀليڪار چئي ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صحت لاءِ دعا ڪرڻ جي درخواست ڪئي ۽ چيو ته منهنجي خيال ۾ هيءَ اي پي سي گهڻو اڳ ٿي وڃڻ گهرجي ها. هن جو چوڻ هو ته جڏهن کان اسين سياست ۾ آهيون ميڊيا تي ان طرح جون پابنديون نه ڏٺيون، چاهي ڪيتريون به پابنديون لڳايون وڃن، ماڻهو اسان کي ٻڌي رهيا آهن، حڪومت اي پي سي جي خلاف حربا استعمال ڪري رهي آهي اها اسان جي ڪاميابي آهي. اڳوڻي صدر چيو ته بينظير ڀٽو نواز شريف سان گڏجي ميثاق جمهوريت تي صحيحون ڪيون ۽ پوءِ هم آهنگي ذريعي مشرف کي موڪليو، 18 هين ترميم جي ارد گرد هڪ مضبوط ديوار آهي جنهن سان ڪير به آئين کي ميري اک کڻي نٿو ڏسي سگهي. هن چيو ته ٻهروپين کان پاڪستان کي بچائڻو آهي، سياسي بوني، سليڪٽڊ وزيراعظم جي اها سوچ آهي ته هو 73 جو آئين ٺاهڻ وارن کان به وڌيڪ هوشيار آهي، هن اي پي سي ۾ اهڙي حڪمت عملي ڏينداسين جنهن سان جمهوريت مضبوط ٿي سگهي. اڳوڻي صدر جو چوڻ هو ته اسان صرف هن حڪومت کي ٻاهر ڌڪڻ لاءِ نه آيا آهيون، پر هن حڪومت کي ڪڍي جمهوريت کي بحال ڪري رهنداسين، اسان کي پاڪستان کي بچائڻو آهي ۽ ضرور کٽينداسين. هن چيو ته هن اي پي سي کانپوءِ جيل وڃڻ وارو هو پهريون شخص هوندو، مولانا فضل الرحمان کان به جيل ۾ ملاقات ڪرڻ جي فرمائش ڪئي اٿم. اڳوڻي صدر پنهنجي تقرير جو اختتام هن مصرعي تي ڪيو: “مجهي آزماني والي مجهي آزماڪي روئي”

