ذميواري، ڪردار جي نشاني مشتاق ميراڻي Sep 2020
گهڻو وقت اڳ جڏهن چيڪ جمهوريه جي صدر ۽ شاعر ويڪلا هئول جو انٽرويو پڙهيو جنهن ۾ واضح لفظن ۾ هن ٻڌايو هو ته ذميواري هڪ وڏو احساس آهي جنهن سان نڀائڻو پوندو آهي. ان کانپوءِ انهن لفظن جو اڀياس شروع ڪيم ۽ ان نتيجي تي پهتس ته سنڌي سماج ۾ ذميواري جو احساس ٿورن ماڻهن وٽ آهي. مثال طور واعدو پورو نه ڪرڻ ۽ وڏي دعويٰ ڪري ان تي عمل نه ڪرڻ شامل آهن.
اسان جنهن خانداني، سماجي، سياسي ۽ معاشي ماحول ۾ رهون ٿا ان ۾ غير ذميواري جو برتاءُ عام آهي ۽ اسان گهڻو ڪري غير ذميواري جي ماحول کي قبول ڪري ورتو آهي. ان جي خلاف ڪوبه احتجاج نٿا ڪيون، پر غير ذميواري جي قيمت به ادا ڪيون ٿا. جنهن جو ڪاٿو نٿو ڪري سگهجي.
هڪ احساس وارو فرد ان غير ذميواري جي ماحول کان سخت نفرت ڪري ٿو ڪڏهن ڪڏهن سوچيندو آهي ته غير ذميوار ماڻهن کي ان جي سزا ڇو نٿي ڏني وڃي. غير ذميوار فرد، خاندان، دوستن ۽ آفيس جي ساٿين کي سماجي ۽ معاشي نقصان پهچائي رهيا آهن.
ذميواري جي وصف:
ذميواري جي لفظي معنيٰ آهي اها خاصيت يا حالت جنهن ۾ فرد پنهنجي قول ۽ فعل تي عمل ڪرڻ جي ذميواري محسوس ڪري ٿو. مثال طور توهان ڪنهن کان قرض وٺو ٿا. توهان جي قانوني ۽ اخلاقي ذميواري آهي ته قرض واپس ڪيو. ٻي صورت ۾ توهان کي ان جي سزا ملندي. دوست سان واعدو ڪيو ۽ اهو پورو نه ڪيو ته توهان کي شرمساري سان منهن ڏيڻو پوندو. واپار ۾ ڏيتي ليتي ۾ بي ايماني جو مظاهرو ڪرڻ سان مارڪيٽ ۾ توهان جي بدنامي ٿيندي ۽ توهان تي ڪوبه اعتبار نه ڪندو. سياست ۾ جيڪڏهن ووٽرن جي خدمت جو واعدو ڪيو آهي ته انهن جا مسئلا حل نه ڪيا ته سزا طور ٻي چونڊ ۾ توهان کي ووٽ نه ملندو ۽ توهان چونڊ ۾ شڪست کائيندا.
سماج ۾ جيڪي به رشتا آهن اهي لکت ۽ غير لکت ۾ موجود آهن. مثال طور آفيس ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ لکت ۾ معاهدو آهي. ڪار جي هلائڻ جو لکت ۾ معاهدو آهي يا قرض وٺڻ وقت لکت ۾ معاهدو ٿيل هوندو آهي. ان مطابق ٻئي ڌريون هڪٻئي لاءِ ذميوار هونديون آهن. معاهدي مطابق جيڪا هڪ ڌر ان جي ڀڃڪڙي ڪري ٿي ته ان لاءِ سزا به مقرر ٿيل هوندي آهي. مثال طور ڊرائيونگ ۾ غلطي ڪئي ته پئسن جي شڪل ۾ ڏنڊ يا جيل جي سزا يا لائسنس رد به ٿي سگهي ٿو.
لکت جي معاهدي کانسواءِ غير لکت جا به معاهدا ٿيل آهن. جيئن پيءُ ۽ ماءُ جو ٻار سان معاهدو، نڪاح کانپوءِ زال سان گڏ رهڻ جو معاهدو، عوامي نمائندن جو پنهنجي ووٽر سان معاهدو. اهڙن رشتن ۾ سماجي طور هڪٻئي مان اميدون رکيل هونديون آهن. جيڪو ان اميد تي پورو نٿو لهي ته سماجي طور ان جي سزا به رکيل هوندي آهي.
ان لاءِ ته روس جي جڳ مشهور اديب دوستو وسڪي لکيو آهي، “اسان سڀ هڪٻئي ڏانهن ذميوار آهيون” جيئن انسان ۽ فطرت جو غير لکتي معاهدو آهي. فطرت اسان جي زنده لاءِ شيون موجود ڪندي آهي. انسان جيڪڏهن فطرت سان ڪيل معاهدي جي ڀڃڪڙي نه ڪندو ته فطرت تسلسل سان هلندي رهندي، پر جيئن ته انسان فطرت سان معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ته فطرت پنهنجو گرمي جو درجو 1.5 سينٽي گريڊ تي پهچايو. ان جي نتيجي ۾ ماحول ۾ ايڏي ته گرمي پيدا ٿي آهي جو انسان جو وجود ئي خطري ۾ پئجي ويو آهي.
17 صدي جي فلاسافر جان لاڪ جي مطابق، رياست جو عوام سان سماجي معاهدو ٿيل آهي ته رياست عوام جي ضرورتن ۽ خوشحالي لاءِ ڪم ڪندي. جيڪڏهن عوام مخالف ڪم ڪندي ته عوام تي فرض آهي ته ان حڪومت جي خلاف بغاوت ڪن. ايئن نه آهي ته حڪومت پنج سالن لاءِ ووٽ وٺي وري عوام کي وساري ڇڏي ۽ ماڻهون معاشي، سماجي، صحت، تعليم، بيروزگاري جي مسئلن ۾ مبتلا هجن.
ڪووڊ-19 جي وبا جي صورتحال ۾ اسان ڏٺو ته دنيا ۾ جيڪي ذميوار رياستون هيون انهن پنهنجي شهرين کي وبا کان بچائڻ لاءِ صحت جي سارسنڀال به ڪئي ۽ معاشي طور به مدد ڪئي.
ذميواري ۽ فرد جو ڪردار:
سماج ۾ رهندڙ ماڻهن جي ڪردار جي درجا بندي ڪئي ويندي آهي. ان ۾ انتهائي ذميوار ۽ انتهائي غير ذميوار ماڻهو شامل هوندا آهن. ذميوار ماڻهو کي هر جڳھ تي عزت ملندي آهي. انهن تي اعتبار ڪيو ويندو آهي ۽ ذميوار ماڻهن جون ڪجهه هي نشانيون هونديون آهن: هو جيڪو چوندو آهي ان تي عمل ڪندو آهي ان کي جيڪا ذميواري ڏني ويندي آهي ان جا مڪمل نتيجا ڏيندو آهي. اسان جي سماج ۾ جيڪو به غير ذميواري جو مظاهرو ڪندو آهي ان کي گهڻي ڀاڳي اوتري سزا نه ملندي آهي ۽ ايئن ننڍي ٻار کان وٺي اعليٰ عهدي تي ويٺل ماڻهو وڏي واڪي سان غير ذميواري جو عمل ڪندا رهندا آهن.
غير ذميواري جي قيمت:
گهر ۾ جيڪڏهن ڪو فرد ڪم نٿو ڪري ته ان جي قيمت خاندان کي ادا ڪرڻي پوي ٿي. هڪ لاپرواهه ڊرائيور جيڪڏهن روڊ تي ماڻهن جي مٿان گاڏي چاڙهي ته نتيجي ۾ حادثي جو شڪار ٿيل فرد ۽ انهن جو خاندان هن جي لاپرواهي جي قيمت ادا ڪندو. هڪ هوائي جهاز ۾ 200 کان وڌيڪ مسافر سوار هجن ۽ ان جو پائليٽ لاپرواهي ڪري حادثو ٿو ڪري ته 200 فرد ۽ انهن جا خاندان ڪيترو نقصان ڀريندا ان جو اندازو ئي نٿو لڳائي سگهجي. ايئن توهان جي آسپاس ۾ توهان کي تجربو ٿيو هوندو ته ڪنهن جي غير ذميواري ڪري ڪيترن ماڻهن جو نقصان ٿيندو رهي ٿو. اهڙي طريقي سان هڪ حڪمران غير ذميواري سان حڪومت هلائڻ ڪري ڪيترن ماڻهن کان روزگار کسي وٺي ٿو.
غير ذميواري ۽ احتساب:
سڌريل ملڪن ۾ هر نقصان ٿورو هجي يا گهڻو هجي ان جو باقائدي احتساب ڪيو ويندو آهي. جيڪو به غير ذميواري جو مظاهرو ڪري ٿو ته ان کي سزا ڏني ويندي آهي. جنهنڪري سڌريل ملڪن ۾ توهان کي هر شعبي ۾ نهايت ڌيان، ذميواري ۽ سائنسي انداز سان ڪم ٿيندي نظر ايندو آهي. سڌريل ملڪن ۾ غير ذميواري جي تمام گهڻي سزا ملندي آهي. توهان ڏٺو هوندو انهن ملڪن جي شهرن جا رستا، جهاز، آفيسون ۽ ٻيا نظام اعليٰ معيار جا ٺاهيا ويندا آهن.
ذميوار فردن جون نشانيون:
ذميوار فردن جي زندگي جو اڀياس ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته:
- تڪڙ ۾ واعدو، معاهدو يا هام نه ڀريندا.
- سڄي صورتحال جو اڀياس ڪري پوءِ ذميواري قبول ڪندا آهن.
- هنن جي ڪوشش هوندي آهي ته ان ڪم جي ذميواري کڻندا جيڪو پورو ڪري سگهن.
- پنهنجي قول ۽ فعل جو لحاظ ڪندا آهن.
- پنهنجي غلطي کي تسليم ڪندي ان عمل ۾ بهتري آڻيندا آهن.
- هر وقت ٻين جي مدد لاءِ تيار هوندا آهن.
- پنهنجي قول ۽ فعل ۾ ڪڏهن به ٻين کي نقصان جو نه سوچيندا آهن.
غير ذميوار فرد جو خاڪو:
غير ذميوار فرد جي حياتيءَ جي تجزيي کانپوءِ خبر پوي ٿي ته:
- غير ذميوار ماڻهون ڪنهن به معاهدي تي عمل نه ڪندو آهي.
- ٻين جي رکيل امانت ۾ خيانت ڪندو آهي.
- وڏا واڪ، وڏا اعلان ۽ وڏيون دعوائون ڪري ان تي عمل نه ڪندو آهي.
- ٻين جي پرواهه نه ڪندو آهي.
- هن جي قول ۽ فعل ۾ جهول هئڻ جي باوجود به ان تي پڇتاءُ نه ڪندو آهي.
- سماج ۾ پنهنجي عزت جو خيال نه ڪندو آهي.
- پنهنجي قول ۽ فعل جو ذميوار ٻين کي ٺاهيندو آهي ۽ ان جي گفتگو ۾ عذر(excuse) جي ٻولي عام هوندي آهي.
- پنهنجي قول ۽ فعل جي ذميواري بلڪل قبول نه ڪندو آهي.
- هن جي زندگي خود غرضي جي نفسيات تي ٻڌل هوندي آهي.
هن بحث مان معلوم ٿئي ٿو ته انسان هڪٻئي تي انحصار ڪري ٿو ۽ اسان سڀ ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان هڪٻئي سان ڳنڍيل آهيون. اسان جو سٺو ۽ ذميوار عمل ٻين کي فائدو ۽ خوشي پهچائي ٿو، پر اسان جي غير ذميواري جو عمل ٻين کي نقصان پهچائي ٿو ان ڪري اسان کي خود غرضي جي نفسيات ختم ڪري ذميواري جي عادت پيدا ڪرڻ گهرجي، جيئن دوستو وسڪي چيو آهي ته اسان سڀ هڪٻئي جي لاءِ ذميوار آهيون ۽ هڪٻئي کي خوشي ڏيون اهائي انسانيت آهي. ان لاءِ ضروري آهي ته اسان پنهنجي قول ۽ فعل جو جائزو وٺي ذميواري جي ڪلچر کي پکيڙيون.

