رڳو کاڌي پچائڻ وقت گيس ڏيڻ جي تجويز
توانائي واري وزارت سياري جي موسم ۾ گهريلو واهپيدارن کي رڳو کاڌو پچائڻ جي وقت ڏينهن ۾ ٽي ڀيرا گيس ڏيڻ جي تجويز ڏيئي ڇڏي. ڪابينا جي توانائي ڪميٽي طرفان ايندڙ هفتن ۾ سياري جي لاءِ گيس لوڊ مئنيجمينٽ پلان جي منظوري ڏني ويندي. جڏهن ته منظوري جي لاءِ توانائي واري وزارت جي پيٽروليم ڊويزن تجويزون تيار ڪري ورتيون آهن. پيٽروليم ڊويزن طرفان سياري ۾ گهريلو واهپيدارن جي لاءِ ڏينهن ۾ رڳو ٽي ڀيرا کاڌو پچائڻ لاءِ گيس فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي. مطلب ته کاڌي کائڻ جي طئي ٿيل وقت کانپوءِ گيس موجود نه هوندي. ذريعن موجب اها تجويز ڪميٽي جي اجلاس ۾ پهرين به پيش ڪئي وئي هئي، پر عمل ڪرڻ جوڳي نه لڳي ۽ فيصلو رد ڪيو ويو.

