خاص

سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران مختلف شهرن ۾ احتجاج ڪيا ويا

غير آئيني صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ جي ٻيٽن تي قبضي خلاف سنڌ پروگريسو ڪميٽي پاران اعلانيل 24 ۽ 25 آڪٽوبر تي سنڌ جي ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن تي احتجاج جي سلسلي ۾ اڄ ڪراچي ۾ سنڌ پروگريسو ڪميٽي جي ڪنوينر ۽ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي صدر وشنو مل، جيئي سنڌ محاذ جنرل سيڪريٽري امداد چاچڙ، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي اڳواڻ ڪامريڊ عبدالرشيد ۽ عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ جي ڪامريڊ خرم جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي پريس ڪلب ڪراچي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. حيدرآباد ۾ سنڌ يونيورسٽي اولڊ ڪئمپس کان پريس ڪلب حيدرآباد تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪنوينر پارٽي عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور نبي راهوجي، جيئي سنڌ محاذ جي جنرل سيڪريٽري هاشم کوسي، عوامي ورڪرز پارٽي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري جاويد راڄپر، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ڪامريڊ امداد قاضي، سنڌي عورت تنظيم جي مرڪزي صدر ادي نظير قريشي جي اڳواڻي ۾ سوين ڪارڪنن شرڪت ڪئي ۽ پريس ڪلب حيدرآباد جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. لاڙڪاڻي ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي سينيئر نائب صدر سيد لال شاهه، جيئي سنڌ محاذ جي نور سولنگي، پ پ (ش ڀ) جي حبيب پتوجو، عوامي ورڪرز پارٽي جي اثر امام، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان گلاب پيرزادو جي اڳواڻي ۾ المرتضيٰ چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. نوابشاهه ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي مرڪزي پريس ترجمان قربان پنهور، لال انور ڀٽي، فيض ڪيريو، ارشاد خاصخيلي، منظور جلباڻي جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ميرپورخاص ۾ عوامي جمهوري پارٽي جي نائب صدر خادم ٽالپر، ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي ڏارو مل، جيئي سنڌ محاذ جي ظهور لغاري، عوامي ورڪرز پارٽي جي اڳواڻ رمضان دل جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته موجوده وفاقي حڪومت جنهن ريت صدارتي آرڊيننس ذريعي سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضو ڪرڻ چاهي ٿي ان مان لڳي ٿو ته وفاق، سنڌ کي ملڪ ۾ برابري جي بنياد تي شامل ٿيندڙ آزاد ۽ خودمختيار قوم سمجهڻ بدران فتح ڪيل علائقو سمجهي ٿي ۽ هن ايڪويهين صدي ۾ به نادرشاهي طرز جا شهنشاهي حڪم هلائڻ چاهي ٿي. حڪمران طبقي کي ياد رکڻ گهرجي ته سنڌ ڪو فتح ڪيل علائقو ناهي جو سندس تاريخي ورثن کي مال غنيمت سمجهي لٽيو ۽ ڦريو وڃي ٿو. سنڌ جا حلالي پٽ ڪنهن به ريت وفاقي حڪومت جي ناپاڪ مقصدن کي پورو ٿيڻ نه ڏيندا. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي عوام پ پ پ جي صوبائي سرڪار کي ان لاءِ ووٽ ناهي ڏنو ته اهي مفاهمت جي نالي ۾ ڪرپشن ڪن ۽ سنڌ جي وسيلن ۽ ٻيٽن تي مجرماڻي خاموشي اختيار ڪن ۽ جڏهن سنڌ جون گهڻ گهريون ڌريون احتجاج ڪن ته رڳو قرارداد پاس ڪري پاڻ کي بادو بي ميار سمجهن. سنڌ حڪومت کي کلي طرح صدارتي آرڊيننس جي خلاف ميدان تي اچڻ گھرجي.