خاص

فضائي ميزبانن جي انڊر گارمينٽس بدران انهن جي سيفٽي تي ڌيان ڏنو وڃي

پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين انتظاميه طرفان فضائي ميزبانن کي يونيفارم پهرڻ دوران انڊر گارمينٽس لازمي پهرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. جنهن تي شوبز شخصيتن رد عمل ڏيندي چيو آهي ته قومي فضائي ڪمپني کي انڊر گارمينٽس بدران سيفٽي ۽ سروس تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. ان حوالي سان شرمين عبيد چناءِ اهڙي خبر جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪندي لکيو ته جڏهن اهڙن ماڻهن کي ترقي ڏني ويندي ته ايئن ٿيندو. هن لکيو ته هنن کي رڳو انڊر گارمينٽس ئي مسئلو نظر اچي ٿو. ان کانسواءِ انوشي اشرف چيو ته هدايتن ۾ مڪمل ڊريسنگ چئجي ها ۽ ٻيا احتياطي اپاءُ وٺڻ جي هدايت ڪجي ها ته ڀلو هو. هن لکيو ته مرد آفيسر اهو گهورڻ ۽ ڏسڻ بند ڪن ته عورت ميزبانن جا انڊر گارمينٽس ڪٿي آهن؟ هن لکيو ته انتظاميا کي مجموعي طور تي قومي فضائي ڪمپني کي بهتر بڻائڻ گهرجي. اهڙي ريت عدنان صديقي به لکيو ته انتظاميه سروس بهتر بنائڻ تي توانائي خرچ ڪري.