بلاگ

قاتل جي آزادي ۽ مقتولن جي وارثن ۾ ڳڻتي جي لهر مدثر کهاوڙ| مارچ 2022

هڪ انسان جو قتل انسانيت کي قتل ڪرڻ جي برابر آھي، جنهن هڪ انسان کي موت کان بچايو ڄڻ انهيءَ سڄي انسانيت کي بچايو. هونئن به چوندا آھن ته خون جو بدلو خون هوندو آھي ۽ مقتول جي وارثن کي جڏهن شريعه ڪورٽن مان به جڏهن انصاف ناهي ملندو ته اهي پوليس ۽ ڪورٽن تي اعتماد ڪندا آھن ۽ اها اميد لڳائيندا آھن ته اهي ٻئي ادارا کين انصاف فراهم ڪندا، پر هتي مظلومن کي انصاف ملڻ بجاءِ قاتلن کي رليف ملي ٿو ۽ قاتلن کي سزا نه اچڻ ڪري ويتر قاتل طاقتور ٿيندو وڃي ٿو ۽ مقتول جا وارث سخت مايوسي جو شڪار ٿين ٿا ۽ مقتول جي ڌر کي ڌمڪايو وڃي ٿو. ڪو پوليس ڏي دانهن کڻي وڃي ٿو ته مقتول واري ڌر کي ڪوڙو قرار ڏيئي انهن کي موٽايو وڃي ٿو، جنهن تي ادارن مان انصاف ملڻ تي ڪيترائي سوال کڙا ٿين ٿا ۽ قاتل چاهي ڪيترائي خون ڇو نه ڪري يا ڪيترائي ماڻهو ڇو نه ماري، پر اهو گرفتار هوندي ان کي جيل مان به آساني سان ضمانت ملي وڃي ٿي. جنهن ڪري انصاف مقتولن جي وارثن کي ملڻ مشڪل بڻجي وڃي ٿو، ان جو تازو مثال اهو آھي ته محمد اجمل عرف پهاڙي ولد منظور حسين صديقي ڪراچي اورنگي جو رهواسي آهي، جيڪو 100 کان وڌيڪ انسانن جو قاتل ۽ ٽارگيٽ ڪلر آھي، جنهن پنهنجو پاڻ چئنلن تي وڊيو اعترافي بيان جاري ڪيو هو ته مون 100 کان وڌيڪ قتل ڪيا آھن جنهن کي ڪورٽ طرفان سکر واري جيل مان ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آھي ۽ اهو پنهنجي گهر به پهچي چڪو آهي. اجمل پهاڙي سال 2010 کان 2019 تائين ڪراچي جيل ۾ قيد هو، بعد ۾ اجمل پهاڙي کي سال 2019 ۾ سکر سينٽرل جيل منتقل ڪيو ويو هو. جڏھن ته رينجرز سال 2010 ۾ 15 ماڻهن کي قتل ڪرڻ جي الزام ۾ اجمل پهاڙي کي گرفتار ڪيو هو ۽ 15 ڪيسن مان اجمل کي 11 ڪيسن مان بري ڪيو ويو ۽ 4 ڪيسن جي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو آھي. اهو به ٻڌايو پيو وڃي ته ڪراچي ۾ 1992 جي آپريشن ۾ سنگين ڪيس ۾ اجمل پهاڙي ملوث هو. ٻئي طرف پوليس ذريعن جو اهو چوڻ آھي ته اجمل پهاڙي جي 4 ڪيسن ۾ ضمانت منظور ٿيڻ تي کيس آزاد ڪيو ويو آهي. هوڏانهن اجمل پهاڙي مٿان قتلن سان گڏ سندس مٿان دهشتگردي جا به ڪيس داخل هئا، پر ان کي ضمانت جهٽ ۾ ملي وئي ۽ هيڏي وڏي ٽارگيٽ ڪلر ۽ قاتل کي ضمانت ملڻ تي قانوندانن ۾ پڻ تهلڪو مچي ويو آھي، جن ۾ اها پڻ ڳڻتي ڇانيل آھي ته جيڪو قاتل پاڻ اعتراف ڪري ته هن 100 کان وڌيڪ قتل ڪيا آھن جيڪو پاڻ 164 جو بيان ڏئي ان کي ضمانت ملي وئي ته باقي ٻين قاتلن کي ڪهڙي سزا ملندي؟ جڏھن ته اجمل جاچ ٽيم کي ٻڌايو هو ته جڏهن ڪنهن جي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻي هجي ته حڪم ڏيندي وقت ڪوڊ ورڊز استعمال ڪيا وڃن ٿا، جيئن فائل خريد ڪري وٺ يا پئمينٽ وٺ جهڙا لفظ شامل آهن. اجمل پهاڙيءَ 1986ع ۾ ايم ڪيو ايم ۾ شموليت اختيار ڪئي. 1996ع ۾ اجمل پهاڙي تربيت لاءِ ڀارت ويو جتي هڪ جهنگ ۾ قائم آرمي ٽريننگ سينٽر ۾ کيس هٿيار هلائڻ جي خاص سکيا ڏني وئي. اجمل پهاڙيءَ پوليس کي ايم ڪيو ايم حقيقي جي سربراهه آفاق احمد تي قاتلاڻي حملي جي رٿابنديءَ کان آگاهه ڪيو. تنهن کان سواءِ اقبال رعد ايڊووڪيٽ، ن ليگ اڳواڻ بدر اقبال، ايم ڪيو ايم حقيقي، اورنگي ۾ ننڍين چونڊن دوران مارجندڙ بهاري قومي موومينٽ جي سربراهه سميت سياسي ۽ مذهبي پارٽين جي ڪارڪنن ۽ انڊر ورلڊ سان واسطو رکندڙ ماڻهن جي قتل ۾ ملوث هئڻ جو اعتراف ڪيو هو. پهاڙيءَ موجب دهليءَ کان ٽن چئن ڪلاڪن جي پنڌ تي جهنگ ۾ تربيت دوران ساڻس ڪجهه ٻيا به ڪارڪن گڏ هئا. هڪ مهيني جي سکيا کانپوءِ سني نالي هڪ شخص کين وٺڻ آيو ۽ واپس دهلي وٺي آيو، جتي هو ٻيا 6 مهينا ترسيا هئا. پهاڙيءَ موجب کين چيو ويندو هو ته حق نه مليا ته الطاف حسين جي قيادت ۾ هو سنڌ جي وڏن شهرن کي الڳ رياست بڻائيندا. اجمل ميڊيا کي ٻڌايو ته 1996ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچرز سان ڪيل حملي جي لڳ ڀڳ ٻن مهينن کانپوءِ کيس لنڊن مان نديم نصرت حڪم ڏنو ته هو ذيشان پي آءِ بي وارن سان گڏ ايران هليو وڃي ۽ وڃڻ کان اڳ هو نائن زيرو ويو جتان کيس خرچ لاءِ 50 هزار رپيا ڏنا ويا هئا. هاڻي توهان پاڻ ان مان اندازو لڳايو ته هيڏو وڏو ٽارگيٽ ڪلر جيڪو سنڌ سيڪريٽريٽ سنڌ جي وڏي سرڪاري ادارن جي حملي ۾ ملوث هجي، سياسي پارٽين جي مختلف ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي قتل ۾ ملوث هجي ۽ ٻين کوڙ وڳوڙن ۽ قتلن ۾ ملوث هجي ان کي ضمانت تي آزاد ڪرڻ ڄڻ مقتول جي وارثن کي ٻيهر قتل ڪرڻ جي برابر آھي، جنهن جو سوشل ميڊيا تي پڻ ٻڙڌڪ متل آھي. ٻئي طرف شاهه رخ جتوئي جنهن ڪافي سال اڳ شاهزيب کي قتل ڪيو هو، جيڪو هن وقت به جيل ۾ آھي. جڏھن ته شاهه رخ جي وارثن پاران ميڙ منٿ ڪري شاهزيب جي وارثن کي راضي ڪيو هو ۽ راضي نامو به ٿي ويو آھي ۽ کين شريعت جي مطابق ديعت به ڏني وئي هئي ۽ هڪ پوري ڊيل تحت اهو سڄو خاندان آسٽريليا ۾ سيٽل ٿي چڪو آهي، پوءِ به شاهه رخ جتوئي کي آزاد نٿو ڪيو وڃي ۽ ضمانت به نٿي ڏني وڃي. ايئن ناهي ته آئون ڪو قاتلن جو حمايتي آھيان يا قاتلن کي سپورٽ ڪريان ٿو، پر چوڻ جو مقصد اهو آھي ته جيڪو 100 کان وڌيڪ قتلن جو اعتراف پاڻ ڪري ان مٿان دهشتگردي جا ڪيس داخل هجن ان کي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي ٿو ان مان اسان پاڪستاني ڪهڙو نتيجو ڪڍي سگهون ٿا ته آخر ائين ڇو ڪيو ويو آهي ان جا ڪهڙا سبب آهن؟ ۽ جيڪو هڪ قتل ڪيس ۾ قيد هجي ۽ مقتول جي وارثن کي ميڙ منٿ ڪري راضي نامون ڪري چڪو هجي پر پوءِ به ان کي نه آزاد ڪيو وڃي ٿو ۽ نه ئي ان کي ڪا ضمانت ڏني وڃي ٿي، اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو ملڪ هڪڙو هجي ۽ قانون ٻه هجن، جيڪڏھن سزا هجي ته ٻنهي لاءِ هجڻ کپي. هونئن به اسان وٽ ايئن ٿيندو آھي ته غريب لاءِ قانون هڪڙو هوندو آهي جنهن ۾ غريبن کي پيڙهيو ويندو آهي ۽ اميرن لاءِ قانون ٻيو هوندو آھي جنهن ۾ اميرن کي خاص رعايت ڏني وڃي ٿي ۽ وري سياستدانن لاءِ الڳ قانون آھي جنهن ۾ سياستدانن کي خاص سهولتون ڏنيون وينديون آھن جنهن ۾ گرفتار ٿيل سياستدان کي خاص ڪمرن ۾ آسائشون ڏيئي رهايو ويندو آھي ۽ اجمل پهاڙي به ان جو تسلسل آھي جنهن ڪيترائي خاندان اجاڙي ڇڏيا آھن. تنهنڪري پاڪستان جي ادارن کي قانون کي بهتر ڪرڻ گهرجي ان تي نظر ثاني ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙا تڪڙا فيصلا نه ڪرڻ گهرجن جن سان عوام جو عدليا تان ويساهه کڄي وڃي ۽ سوچي سمجهي فيصلا ڪيا وڃن ۽ قانون جي رٽ بحال ڪرائي مقتولن سان انصاف ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو.

***