ماتلي ضلعي ٿيڻ نه ٿيڻ جي ڪوڙي سچي اڻپوري ڪٿا صالح ميمڻ Sep 2020
ماتلي جا جوڌا تاريخدان ۽ دانشور ماتلي ضلعي جي تاريخ کي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي چيل يا نه چيل لفظن ۽ دور سان جوڙيندا پيا اچن، ماتلي جا جوڌا تاريخدان بغير ڪنھن مستند حوالي ۽ زنده عيني گواھن جي اھو ٿا چون ته شھيد ذوالفقار علي ڀٽو، 1975ع ۾ بدين بجاءِ نئين ضلعي جو ھيڊڪوارٽر ماتلي ۾ پئي رکيو يا وري اھو چيو ويو آھي ته ذوالفقار علي ڀٽو ان وقت اھو واعدو ڪيو ھو ته ھو “ماتلي کي به ضلعي جو درجو ڏياريندو” اھي ٻئي ڳالھيون ڪتابن ۾ ڪٿي لکيل آھن؟ اسان جي نظر مان نه گذريون آھن. جڏھن ذوالفقار علي ڀٽو وزيراعظم جي حيثيت ۾ ماتلي آيو ھو تڏھن اسان واري ٽھي وارا پرائمري ۾ پڙھندا ھئا، چون ٿا ته ذوالفقار علي ڀٽو ماتلي لڳ ھاڻي ٺھيل اڍيجا پيٽرول پمپ جي بلڪل سامھون واري پلاٽ تي جلسو ڪيو ھو ۽ اتي تقرير ڪئي ھئي. ان جلسي جي رپورٽنگ يا ڪو رڪارڊ موجود نٿو ملي جنھن مان معلوم ڪري سگھجي ته شھيد ڀٽو ماتلي بابت ڇا ڇا چيو ھو؟ نه ئي اسان کان وڏي عمر وارا ڪجھ ٻيا انھن مٿي ذڪر ڪيل ٻنھين ڳالھين جي ڪا تصديق ڪن ٿا. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو 45 سال اڳ، جنھن “بدين” کي ضلعي جو درجو ڏنو يا ڏياريو اھو ضلعو اڄ به تقريبن انھن ئي حدن تي قائم آھي، جيڪي حدون 1975ع ۾ طئي ڪيون ويون ھيون، بدين شھر ان وقت به ضلعي جو مناسب مرڪزي شھر ھو ۽ اڄ به مناسب مرڪز آھي، ماتلي ان وقت به ان ضلعي جو مرڪز نه ھو نه ئي اڄ آھي، ان ڪري منطقي طور تي به اھا ڳالھ درست ناھي ته ڀٽي صاحب ماتلي کي ضلعو ٺاھڻ جي ڪا ڳالھ ڪئي ھوندي، پر جوڌا تاريخدان ۽ وڏيرا دانشور ماتلي ضلعي جي تاريخ کي اڌ صدي اڳ سان جوڙيو پيا اچن اھا ڳالھ سمجھ ۾ نٿي اچي، جيڪڏهن اھا ڪنھن پراڻي ڪتاب ۾ ڪٿي لکي پئي آھي ته اسان نه پڙھي آھي، جيڪڏهن ڪنھن وٽ ڪو تاريخي حوالو آھي يا ڪو اڌ صدي اڳ جو ان وقت جو بالغ عيني گواھ آھي ته ان جي ڳالھ تي اعتبار ڪري سگھجي ٿو، پر ان باوجود ماتلي ضلعي بابت ان وقت جي ڳالھ جو ھاڻي امڪاني طور ٺھندڙ ماتلي ضلعي واري ڳالھ سان ڪھڙو ڪنيڪشن آھي؟ اھا ڳالھ به سمجھ کان مٿي جي آھي، اسان جا روايتي تاريخدان جڏھن مارئي جي ساراھ ۾ لکندا آھن ته ان جي بڻ بنياد جي ساراھ کان شروعات ڪندا آھن، جيئن اسڪولي شاگرد چانڊوڪي رات جي سير تي مضمون لکڻ لاءِ لکڻ جي شروعات صبح کان ڪندا.
جيستائين ڪو مستند حوالو ملي يا ڀٽي جي ماتلي واري جلسي ۾ شريڪ ان وقت جو بالغ تصديق ڪري ته ڀٽي ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ جي ڳالھ ڪئي يا ڪو واعدو ڪيو ھو تيستائين انھن ڳالھ کي رد ڪندي اسان چئون ٿا ته ماتلي ضلعي جي پختي تصور جي تاريخ 2005ع کان اڳ جي ناھي ۽ ان تصور تحت ماتلي ضلعي لاءِ جدوجھد يا ڪا تحريڪ به ان کان اڳ جي ناھي، سنڌ ۾ ارباب شاھيءَ ۾ جڏھن حيدرآباد ايم ڪيو ايم جي خواھش تي ٽٽي رھيو ھو، تڏھن ماتلي، تلھار ۽ ٽنڊو محمد خان تعلقن جا مختيارڪار سي ايم ھائوس گھرايا ويا ھئا. ايم ڪيو ايم حڪومت ۾ سڌي طرح شامل ھئي ان ڪري ان جو اثر رسوخ گھڻو ھو، بلڪه مشرف جي موجودگي ۾ سنڌ ۾ حڪومت ئي تقريبن ايم ڪيو ايم جي ھئي، رڳو وڏو وزير سنڌي ٻولي وارو ھو. ايم ڪيو ايم حيدرآباد ضلعي جي ٽنڊو محمد خان طرف حد کي سيري شگر ملز تائين آندو، ان طرح ٽنڊو محمد خان جو باقي بچيل حصو ايڏي وڏي آبادي وارو حصو نه ھو جو ان کي ھڪ نئين ضلعي جو درجو ڏئي سگھجي، ان ڪري ماتلي، تلھار ۽ ٽنڊو محمد خان تعلقن کي گڏائي جيڪو ھن طرف نئون ضلعو ٺاھيو پئي ويو ان جو ھيڊڪوارٽر “ماتلي” تجويز ھيٺ آيو ھو، ان موقعي تي وڏي وزير ارباب غلام رحيم صاحب ھي نرالو سوال اٿاريو ھو ته ماتلي کي ضلعو ٺاھي اھڙو تحفو ڪنھن کي ڏجي؟ ان وقت ماتلي ضلعي وارو تحفو ماتلي مان سردار بشير احمد ھاليپوٽو صاحب ئي وصول ڪري سگھيو ٿي يا پوءِ پ پ ڇڏي ويل عبدالستار سريوال يا پوءِ پ پ مخالف رئيس علي اڪبر نظاماڻي صاحب گڏجي سڏجي اھو تحفو وصول ڪري پئي سگھيا. چون ٿا نامعلوم مجبورين سبب بشير يا علي اڪبر صاحبن اھو اھم تحفو وصول نه ڪيو ھو، جنھن بعد بدين ضلعي جون 39 يا 38 ديھون بدين مان ٽوڙي ٽنڊو غلام حيدر کي تعلقي جو درجو ڏئي ٽنڊو محمد خان ضلعو ٺاھيو ويو. بدين جون اھي 39 ديھون جن تي ان وقت ٽنڊو غلام حيدر، نظرپور ۽ ڏندو يوسيز مشمتل ھيون سي ان کان 6 سال اڳ يعني 1999ع ۾ حيدرآباد ضلعي مان ٽوڙي بدين ضلعي ۾ آنديون ويون ھيون سي ئي بدين ضلعي مان واپس کنيون ويون ھيون، اھڙي عمل سان ماتلي شھر انتھائي بري طرح ٽوڙيو ويو ھو. ماتلي جي اڪيلي عيدگاھ ۽ ماتلي وارن جو وڏو قبرستان انھن جي تعلقي ۽ ضلعي مان نڪري ويو ھو. انصاري شگر ملز جنھن جو پورو نالو اڄ به “انصاري شگر ملز ماتلي” آھي ماتلي مان نڪري وئي ھئي، انھن معاملن تي اسان تفصيلن سان لکندا به رھياسين، پر ماتلي وارن سميت سڀ خاموش رھيا ھئا. ماتلي کي ضلعي ٺاھڻ واريون يا ماتلي کي ٽنڊي محمد خان ضلعي ۾ تعلقي طور شامل ڪرائڻ واريون تحريڪون بعد جا معاملا ٿيا. ماتلي مان پ پ ٽڪيٽ تي چونڊيل اڳوڻي ايم اين اي عبدالستار سريوال ماتلي کي ڌار ضلعي ٺاھڻ لاءِ منظم تحريڪ جي بعد ۾ تڏھن اڳواڻي ڪئي جڏھن ريل گاڏي ڇٽي چڪي ھئي، مڃبو ته عبدالستار سريوال واري ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري اھا تحريڪ پوري ھوم ورڪ سان ڪئي ھئي، جنھن کان اڳ ماتلي ضلعي جو نقشو به تيار ڪيو ويو ھو. ستار سريوال ان وقت پ پ کان پري ۽ ارباب غلام رحيم کي ويجھو ھو ان ڪري اميد پيدا ٿي ھئي ته ماتلي به ضلعو ٿي سگھي ٿو، پر جلد ئي خاموشي ڇانئجي وئي، عبدالستار سريوال به غائب ٿي ويو، عبدالستار نھايت حساس، سچو، ايماندار ۽ خانداني ماڻھو واري نرالي طبيعت رکندڙ آھي ان کي جڏھن ماتلي مٿان کان ضلعو ٺھندي نظر نه آيو ھوندو تڏھن ان اھو پاسو ڇڏي ڏنو ھوندو. ان بعد ماتلي جي وڪيلن، عبدالستار سريوال جي خواھش ۽ خيال جي ابتڙ اھا تحريڪ شروع ڪئي ته ارباب اختياريون ماتلي تعلقي کي بدين ضلعي مان ٽوڙي ٽنڊي محمد خان ضلعي جو حصو بڻائي ماتلي وارن تي ڪا مھرباني ڪن، پر اھو به ممڪن نه بڻجي سگھيو، وڪيلن جي ان تحريڪ جي ماتلي جي ڪجھ سياسي ڌرين شاھي مخالفت به ڪئي. شايد ان ڪري به ارباب غلام رحيم ان مطالبي تي غور ئي نه ڪيو، وڪيلن ۽ انھن سان شامل ڪجھ آبادگارن جو خيال ھو ته ماتلي ٽنڊي محمد خان ضلعي جو حصو ٿيو ته انصاف ويجھو ۽ سستو ٿيندو ۽ پوکي جو پاڻي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، ھيءَ ڳالھ نھايت عام رھي آھي ته ھر طبقي يا شعبي جي ماڻھن جي ضلعي لاءِ تحريڪ يا تصور جا پسمنظر انھن جي ذاتي ننڍڙن مفادن وارا رھيا آھن، صحافين جي ماتلي ضلعي لاءِ خواھش جو پسمنظر ھميشه ان حد تائين سطحي رھيو آھي ته ماتلي ضلعو ٿيو ته اھي اخبارن ۽ ٽي وي چئنلز جا ضلعي رپورٽر بڻجي ويندا. پلاٽن جي سوداگرن جو خيال ھو ته انھن جي ورتل پلاٽن جون قيمتون چڙھي وينديون. ھڪ دوست صحافي جي ايس ايم ايس ذريعي ھن تحريڪ ۾ شراڪت رڪارڊ ٽوڙيا، جنھن ان تحريڪ کان پھرين پنھنجا ٻه قيمتي پلاٽ سستي اگھ تي وڪرو ڪري پوءِ ماتلي ضلعي لاءِ تحريڪ ھلائي جيئن اسان جي فيملي شھر ۾ 3 ذاتي وڏيون جايون وڪرو ڪرڻ بعد ٻھراڙي کان لڏي آئي ۽ 25 سالن کان مسواڙ وارين جاين ۾ رھي پئي.
ھن ڳالھ ۾ ڪوبه وڌاءُ نه آھي ته ماتلي ضلعو ٿيندو، ڇو ته ان جا پسمنظر ۽ پيش منظر پڪا، پختا، اڻٽر دائمي معاشي مفادن وارا آھن، ڪڏھن به تبديل ٿيڻ جھڙا نه آھن.
آصف علي زرداري صدرِ مملڪت واري حيثيت ۾ جڏھن بدين آيو ھو تڏھن ان اھا پھريون ڀيرو بدين شھر ۾ نئين ڳالھ ڪئي ھئي ته “بدين ضلعي کي انڊسٽريل زون بڻايو ويندو” اھو جملو پھرين ته سمجھ ۾ ئي نه آيو ھو ۽ عجيب به لڳو ھو، بعد ۾ انصاري ملز کان انصاري فارم تائين ھڪ نئين روڊ جو منصوبو سامھون آيو جيڪو انتھائي تڪڙن بنيادن تي مڪمل به ٿي ويو. جنھن مان لڳو ته جنھن انڊسٽريل زون جي آصف علي زرداري ڳالھ ڪئي ھئي، اھو انڊسٽريل زون ماتلي ڀرسان ھو ۽ ماتلي تعلقي مان گذري رھيو آھي ۽ بدين ضلعي ۾ اچي رھيو آھي، امڪاني ماتلي ضلعي ٺھڻ جو سڀ کان وڏو سبب اھو ھڪڙو ئي آھي ته انصاري شگر ملز ۽ زرداري روڊ کي ھڪڙي ضلعي ۾ آندو وڃي، اتفاق سان ان ضلعي جو نالو ماتلي ھوندو، پر وڏو امڪان آھي ته ماتلي نالي وارو اھو ضلعو ٽيڪنيڪل بنيادن تي ايٽ ٽنڊو غلام حيدر ٿي سگھي ٿو. ماتلي ضلعي ٿيڻ سان نه رڳو پلاٽ، گھر، دڪان ۽ آسپاس جون زمينون قيمتي ٿينديون، پر روزگار جا موقعا به وڌندا ۽ ترقياتي ڪمن ۾ به اضافو ايندو اهڙيءَ طرح سان ماڻھن کي سڌي ۽ اڻ سڌي طرح فائدا رسندا، پوءِ ڀلي ضلعي ٺھڻ جا اندروني مقصد ڪھڙا به ھجن ۽ ان ۾ وڏو ڪو فائدو ڪنھن جو به ھجي.
19 مئي 2014ع تي بلاول ھائوس ۾ پ پ جي اعليٰ سطحي اجلاس ۾ پ پ جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ماتلي مان پ پ ٽڪيٽ تي چونڊيل ايم پي اي بشير ھاليپوٽو کان سوال پڇيو ھو ته توھان کي ماتلي لاءِ ڇا گھرجي؟ بشير ھاليپوٽو گهر ڪئي ته اسان کي “ماتلي ضلعو ٺاھي ڏنو وڃي” جنھن تي آصف علي زرداري ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ کي ھدايت ڪئي ھئي ته بدين ضلعي کي ٻن حصن ۾ ورھائي ماتلي کي ڌار ضلعي جو درجو ڏنو وڃي. ان خبر جو ذريعو شايد ايم پي اي سردار بشير احمد ھاليپوٽو ئي ٿيو ھو، جنھن اجلاس مان فارغ ٿي ماتلي وارن کي اطلاع ڏنو ھوندو ته آصف علي زرداري جي ھدايتن سان ماتلي کي ضلعي جو درجو ملي رھيو آھي. زرداري صاحب وڏي وزير کي ماتلي کي ضلعو ٺاھڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آھي، اھڙي خبر ماتلي ۾ پکڙجڻ تي ماتلي ۾ جشن ٿيا، خوشين ۾ ريليون ڪڍي مٺايون به ورھايون ويون ھيون، اخبارن ۾ ماتلي ضلعي بابت مبارڪن جا شاھي اشتھار به لڳا، ماتلي ۾ ماڻھن ھڪٻئي کي ضلعي جون مبارڪون به ڏنيون، ٽي وي ٽاڪ شو به ٿيا، پر ماتلي ضلعي بابت نه بلاول ھائوس مان ڪا پڌرائي جاري ٿي نه سنڌ سرڪار ڪو اھڙو اعلان ڪيو، نه آصف علي زرداري جي ڪنھن ترجمان جو بيان سامھون آيو، جيڪو اڃان تائين نه ٿيو آھي. ماتلي مان چونڊيل ايم اين اي سردار ڪمال خان چانگ ماتلي ضلعي لاءِ جائز طور تي اھڙيون سرگرميون به ڪيون جن مان لڳو ته ان سلسلي ۾ ڪمال خان چانگ کي باقاعده ڪو ٽاسڪ مليل آھي، ڪمال ھڪ طرف انھن 39 (ھاڻ 38) ديھن کي به امڪاني ماتلي ضلعي ۾ آڻڻ جي ڳالھ گھڻو زور ڏيئي ڪئي ۽ ٻئي طرف ٽنڊو باگو تعلقي ۽ صوبائي تڪ پي ايس 57 کي به ٻن حصن ۾ ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪئي. بعد ۾ اھي ٻئي معاملا پ پ جا اندروني اختلافي معاملا ٿي اڀريا نتيجي ۾ نئين ضلعي ۾ شاھي رڪاوٽون به بڻيا، جيڪڏهن آصف علي زرداري جي اجلاس واري ڳالھ کي سيريس ورتو وڃي ھا ته ماتلي، بدين ضلعي کي ٻن حصن ۾ ٽوڙي ماتلي ضلعو ٺاھي سگھجي ھا، پر ان جي بدران ٽنڊو محمد خان ضلعي جي ٽنڊو غلام حيدر تعلقي کي ماتلي ۾ آڻڻ ۽ ٽنڊو باگو وارو تعلقو ۽ صوبائي تڪ کي ٽوڙڻ تي گھڻو زور ڏنو ويو جنھن سان پ پ جا اندروني اختلاف وڌيا ۽ ضلعي وارو معاملو رڪجي ويو.
ڀنڀور ڊويزن جي اعلان کانپوءِ ماتلي ضلعي جي لاءِ ھڪ فطري گنجائش به نڪتي، بدين ضلعي کي ڀنڀور ڊويزن ۾ ڏنو پئي ويو، جنھن جي بدين ۽ گولاڙچي وارن گڏجي مخالفت ڪئي. ان وقت (ن) ليگ سنڌ جي صدر اسماعيل راھو، (جيڪو ھاڻ پ پ جوائن ڪري چڪو آھي) “بدين ضلعو بچايو تحريڪ” شروع ڪري ڇڏي ھئي، ان تحريڪ جي سڏ تي سڄي بدين ضلعي ۾ ھڪ ڏينھن احتجاجي طور تي شٽر ڊائون ھڙتال به ڪرائي وئي ۽ اھا ھڙتال ماتلي ۾ به ڪرائي وئي. ان طرح تاثر ڏنو ويو ته ماتلي وارا به بدين ضلعي ٽٽڻ جي حق ۾ نه آھن يا ماتلي وارا ماتلي کي ڌار ضلعو ڏسڻ نٿا چاھين. چون ٿا ته بدين بچايو تحريڪ جي سلسلي ۾ ماتلي ۾ به ھڙتال جو بلاول ھائوس ۾ به اھو تاثر ورتو ويو ھو ته ماتلي وارا ماتلي ضلعي جي حق ۾ نه آھن اھي گڏيل بدين ضلعي ۾ رھڻ چاھين ٿا. ھيءَ ڳالھ حيران ڪندڙ رھي ته ماتلي اتحاد جو اڳواڻ رفيق ميمڻ (جنھن ماتلي جي مسئلن، ڪرپشن ۽ انساني حقن لاءِ وڏيون ويڙھون ڪيون آھن، انھن ويڙھن جي نتيجي ۾ ھو ڪيئي ڀيرا جيل به ويو آھي ۽ 34 -35 ڪيسن کي به منھن ڏئي چڪو آھي) سو ساڳئي وقت ۾ ھڪ طرف ماتلي ضلعي لاءِ ماتلي ۾ تحريڪ ھلائي رھيو ھو ته ٻئي طرف “بدين ضلعو بچايو تحريڪ“ جو ماتلي ۾ ڪنوينر به مقرر ٿي ويو ھو. بدين بچايو تحريڪ جي سڏ تي ماتلي ۾ احتجاجي ھڙتال جو رفيق ميمڻ مڪمل طور تي حامي ھو، اسماعيل راھو ان وقت ان ڳالھ کي دٻائي رکيو ھو ته بدين بچايو تحريڪ جو مقصد بدين کي ٽٽڻ کان بچائڻ آھي يا بدين کي ڀنڀور کان بچائڻ آھي؟ جڏھن بدين بچايو تحريڪ ڪامياب ٿي ڀنڀور ڊويزن وارو کيل في الحال ختم ٿيو، تڏھن اسماعيل راھو ماتلي ۾ خطاب ڪندي چيو ھو ته “پ پ قيادت جيڪڏهن ماتلي وارن سان ماتلي کي ضلعو ٺاھي ڏيڻ جو واعدو ڪيو آھي ته اھو واعدو پورو ٿيڻ کپي”، ماتلي ضلعو ٿيو ته ھنن کي ان تي ڪو به اعتراض نه ھوندو، ھاڻ پ پ ۾ ھجڻ ڪري اسماعيل راھو ان ڳالھ تي يقينن قائم رھندو، پر ماتلي جي ڪجھ دوستن جي ان ڪردار تي سڄي تاريخ ۾ افسوس رھندو جن ھڪ طرف ماتلي ضلعي لاءِ تحريڪ ھلائي ۽ ٻئي طرف بدين ضلعي کي ٽٽڻ کان بچائڻ واري تحريڪ ۾ به شامل ٿيا، ماتلي ۾ ان ڏس ۾ ٿيل ھڙتال جي حمايت به ڪئي، جيڪا گھٽ ۾ گھٽ ماتلي ۾ غير مناسب ھڙتال ھئي. صحافي گلزار “ڦول” ڪشميري جي ضلعي بابت ڪوششن کي ھميشه سٺن لفظن ۾ ياد رکيو ويندو، جنھن کوجنا ڪري ماتلي واسين کي ضلعي ٺھڻ نه ٺھڻ بابت معلومات مھيا ڪئي ۽ موبائل فون تان ڊگھا ڊگھا ايس ايم ايس ڪري آگاھيون ڏنيون ته ماتلي ضلعو ٺھي رھيو آھي، پر گلزار صاحب جا سمورا انداز ھيل تائين صحيح ثابت نه ٿي سگھيا آھن، ان باوجود گلزار جي امڪاني ماتلي ضلعي ٿيڻ بابت نيڪ نيتي تي ڪوبه شڪ نٿو ڪري سگھجي.
ماتلي ۾ ماتلي ضلعي جي قيام لاءِ جنھن طرح جي ڊگھي گھڻ رخي تحريڪ گھربل ھئي ان طرح جي تحريڪ لاءِ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ھڪ ڪميٽي به تشڪيل ڏني وئي ھئي، پر ڪجھ وقت گذرڻ کانپوءِ اھا ڪميٽي چيئرمين جي استعيفيٰ کانپوءِ اھڙن تڪرارن جو شڪار ٿي جو ڪابه سرگرمي نه ڪري سگھي. ضلعي بابت ٿيل اي پي سي جي ڳالھين ۽ فيصلن کي ھڪ ھفتيوار اخبار ھڪ لوڪل پ پ اڳواڻ جي ڪائونٽر ۾ ھلايل بيان سان ڌوئي لاٿو، جنھن کانپوءِ ماتلي جا ماڻھو سمجھڻ لڳا ته ماتلي ضلعو ٺھي ويو آھي يا ٺھي رھيو آھي، ان ڪري به شھري خاموش ٿي اعلان جو انتظار ڪرڻ لڳا، جيڪو اعلان اڃان نه ٿيو آھي. جڏھن به ماتلي ضلعي جي ڪا چرپر ٿيندي آھي ته ڪجھ صحافي وڌي چڙھي اھڙيون خبرون ھلائي ڇڏيندا آھن جن مان تاثر ملندو آھي ته ماتلي ضلعو ٺھي ويو آھي، ھاڻ رڳو اعلان جي ضرورت آھي، اھڙين خبرن کانپوءِ ماڻھو وري ماٺ ڪري ويھي رھندا آھن، ڪابه چرپر نه ڪندا آھن. اصل ۾ اھڙي ئي صحافت کي زرد صحافت به چئبو آھي، جيڪا ماڻھن کي يا ته اجايو مشتعل ڪري يا وري آفيم جو ڊوز ڏيئي ماٺ ڪرائي ڇڏيندي آھي. ماتلي ۾ ضلعي جي معاملي تي بار بار ايئن ٿيندو رھيو آھي، اھو ٿيندي سڀني اکين سان ڏٺو ۽ ڪنن سان ٻڌو آھي، ماتلي جي مجموعي صحافت به ڪا منظم ۽ موثر تحريڪ نه ھلائي آھي، نه ته صحافي به آزادي سان ضلعي ٿيڻ جي فائدن تي لکي پئي سگھيا. جيئن ٽنڊي محمد خان جي صحافين ٽنڊي محمد خان ضلعي ٿيڻ لاءِ لکڻ ذريعي به ماحول ٺاھيو ھو، ماتلي ۾ گھڻائي رڳو ماڻھن جي بيانن ۽ افواھن تي ٻڌل خبرن تي زور ڏنو جنھن سان درد ۽ بيماري ۾ اضافي کانسواءِ ٻيو ڪجھ به حاصل نه ٿيو آھي. ڪجھ مھينا پھرين چيو ويو هو ته ماتلي ضلعو جلد کان جلد ٿي رھيو آھي، سڀاڻي ٿو اعلان ٿئي، پر ڪوبه اعلان اڃان نه ٿيو آھي. ھاڻ ماتلي کي مليل 2 سئو ڪروڙن جو بيوٽيفڪيشن وارو پئڪيج به ماتلي ضلعي واري معاملي سان جوڙيو پيو وڃي ۽ چيو پيو وڃي ته پ پ ماتلي تي ان ڪري مھربان ٿي رھي آھي جو ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏنو پيو وڃي. اسان ڏسون پيا ته 19 مئي 2014ع کان ھيل ڇهه سال گذري ويا آھن پ پ جي قيادت، وڏن وزيرن ماتلي ضلعي بابت ڪو سياسي اعلان به نه ڪيو آھي، پوءِ به اسان چئون پيا ته ماتلي ضلعو مٿي ڄاڻايل متوقع انڊسٽريل زون کي ھڪڙي ضلعي ۾ آڻڻ واري خاص مقصد لاءِ ضرور به ضرور ۽ ڪڏھن نه ڪڏھن ضرور ٺھندو. ان لاءِ ٽنڊي غلام حيدر ٽائون جي جوڙجڪ به اھڙي رکي وئي آھي جو ان سڄي ٽائون کي ماتلي ضلعي ۾ آساني سان کڻي سگھجي ٿو، جنھن ٽائون جي انڊسٽريل زون جي حساب سان ھن وقت ماتلي ميونسپل ڪميٽي کان به وڏي ويليو آھي، جتي نه رڳو انصاري شگر ملز، ڊسٽرلي، ڪاٽن ٺاھڻ جو وڏو ڪارخانو ئي نه پر 40 جي لڳ ڀڳ ٻيا ڪارخانا به آھن، ان ڪري مستقبل جي اڃان وڏي ٿي سگھندڙ ان انڊسٽريل زون کي يعني انصاري ملز ۽ زرداري روڊ کي ھڪڙي ضلعي ۾ آڻڻ وارو منصوبو آھي.
پاڻ ھتي امڪاني ماتلي ضلعي بابت ڪجھ ڳالھيون وري شد مد سان ورجايون ٿا ته جيئن پڙھندڙن کي مناسب معلومات حاصل ٿئي ۽ ڳالھيون رڪارڊ ته به رھن ۽ وقت سر ڪم به اچي سگھن.
ماتلي ضلعي وارو معاملو ھاڻ گھٽ ۾ گھٽ ايندڙ 2 کان 3 سالن تائين سرد خاني ۾ ھليو ويو آھي. ان ضلعي جو سرڪاري اعلان ڪنھن وقت متوقع آھي، پر ان اعلان تي عمل رڪيل رھندو. ماتلي ضلعو ايندڙ 5 سالن اندر پ پ حڪومت ۾ ئي ٺھڻو آھي، جيڪڏهن پ پ حڪومت ٽيون ڀيرو لڳاتار سنڌ ۾ اقتدار ۾ آئي ته، ان نئين ضلعي جو ضلعي وارو ڪوڊ به جاري ٿيل آھي.
ماتلي ضلعو ان ڪري ٺھي رھيو ھو يا ايندڙ وقت ۾ ٺھندو جو انصاري مل کان انصاري فارم تائين نئون زرداري روڊ مستقبل جو وڏو انڊسٽريل زون آھي ۽ جائز طور تي ٿيندو، اھو انڊسٽريل زون ھن وقت ٻن ضلعن ۾ ورھايل آھي، ان انڊسٽريل زون کي ھڪڙي ضلعي ۾ آڻڻو آھي، ان مقصد جي پويان وڏا ڪاروباري منصوبا به پائيپ لائين ۾ آھن. چائنا جي راھ داري جي رستي ۾ ماتلي به اچي ٿو، جيڪو ان راھ داري جو نقشو سامھون آيو آھي ان رستي ۾ ماتلي شامل آھي، ان ڪري ماتلي مستقبل ۾ سنڌ جو ھڪ وڏو مرڪزي شھر بڻجڻو آھي، جنھن کي دنب به چئي سگهجي ٿو. ان جو اندازو واپاري طبقن ۽ سرمائيدارن کي شروع کان آھي، اھوئي سبب آھي جو جنھن قيمت ۾ قاسم آباد ۾ بنگلو ملي سگھي ٿو ان ساڳي قيمت ۾ ماتلي ۾ ان بنگلي جيترو پلاٽ به نٿو ملي، ماتلي جي آسپاس جون زمينون تيزي سان مھانگن اگھن تي وڪرو به ٿي رھيون آھن، جن جا اگھ ٻڌي ماڻھو حيران به ٿي رھيا آھن. ڦليلي جي ڪنارن واريون ۽ زرداري روڊ جي پاسن واريون زمينون مستقبل ۾ نھايت مھانگن اگھن تي وڃڻيون آھن ان ڪري سرمائيڪار اھي زمينون ھن وقت خريد ڪري سيڙھائي رکڻ جي ڊوڙ ۾ شامل ٿي ويا آھن. چيو پيو وڃي ته زمينن جي خريداري ۾ سيڙپ سان مستقبل ۾ جيڪو نفعو ٿيندو اھو اندازي کان ٻاھر ھوندو. انصاري ملز جي آسپاس ۽ زرداري روڊ جي ٻنھي پاسي ايندڙ 25 کان 30 سالن اندر ھڪڙي نئين دنيا وجود وٺي رھي آھي ان دنيا جو فائدو ماتلي وارن کي لازمي پھچڻ وارو آھي.
ماتلي ضلعو آصف علي زرداري جي ھدايتن مطابق تڪڙن بنيادن تي 2014ع ۾ ئي ٺھي سگھيو پئي، پر سردار ڪمال خان چانگ تڪڙ ۾ تڪراري مسئلا اٿاري ان معاملي کي منجھائي ڇڏيو، شايد اھو مٿان کان طئي ھو ته ماتلي ضلعي ۾ ٽنڊو غلام حيدر لازمي طور تي شامل رھندو، پر پوءِ به في الحال ٽنڊو محمد خان ۽ ٽنڊو باگو جي حدن سان ڇيڙ ڇاڙ نه ڪرڻي ھئي تلھار ۽ ماتلي تعلقن کي ملائي ماتلي ضلعو ٺاھي ڇڏڻو ھو جيئن آصف علي زرداري چيو ھو، باقي مسئلا بعد ۾ کڻڻا ھئا، ماتلي ضلعي جي اعلان لاءِ ايم پي اي ۽ ايم اين اي گڏجي ان وقت جي وڏي وزير سيد قائم علي شاھ کي ماتلي ۾ دعوت ڏيئي گھرائين ھا، پر افسوس سان ٿو چوڻو پوي ته ماتلي جي اڳوڻي ايڊمنسٽريٽر منور ظريف کھاوڙ طرفان مبينا طور ڪروڙن جي ڪرپشن واري معاملي کانپوءِ ايم پي اي ۽ ايم اين اي ماتلي جي سمورن مسئلن جي حل لاءِ ھڪ پچ تي نه اچي سگھيا آھن. تازين ٿيل بلدياتي چونڊن ۾ به انھن پارٽي پاليسين جي پرواھ نه ڪندي ھڪ ٻئي جي سامھون بلڪِه پ پ جي ٽڪيٽ ھولڊرن جي سامھون به اميدوار بيھاريا، اھڙن اختلافن سبب به ماتلي ضلعي وارو پڪل ميوو ماتلي وارن جي ھٿن مان في الحال نڪري ويو آھي. ماتلي واري امڪاني ضلعي کي ھي خطرو ھر وقت رھندو ته ان ضلعي جون ضلعي واريون آفيسون جيڪڏھن ڀر واري تعلقي ٽنڊو غلام حيدر ۾ بھانا بڻائي ٺاھيون ويون ته ماتلي ضلعو خود به خود ايٽ ٽنڊو غلام حيدر ٿي ويندو. مثال طور: ھن وقت ماتلي جي نئين گرڊ اسٽيشن “ماتلي نيو گرڊ اسٽيشن” جي نالي سان ٽنڊو غلام حيدر تعلقي ۾ ٺھي رھي آھي اھا ايٽ ٽنڊو غلام حيدر ٿي وئي آھي. ساڳيو مثال: “انصاري شگر ملز ماتلي” جو به آھي، جيڪا شروع کان “ماتلي جي شگر ملز“ سڏجي ٿي، پر ايٽ ٽنڊو غلام حيدر آھي، ماتلي ضلعي سان اھڙي حشر جو امڪان آھي، ماتلي جا وڪيل ان ڏس ۾ ھوشيار ڏسجن ٿا اھي جڊيشل ڪامپليڪس لاءِ ماتلي ٿاڻي جي حدن اندر پلاٽ تلاش ڪري ويا، ڇو ته انھن کي خبر آھي ته جڊيشل ڪامپليڪس ايٽ ٽنڊو غلام حيدر ٿيڻ سان ڪھڙا نقصان ٿي سگھن ٿا.
ماتلي وارن ماتلي ضلعي لاءِ جيڪا به ڪوشش ورتي اھا ڪوشش نھايت معذرت سان ٿا چئون ته مناسب وقت واري ڪوشش نه ھئي. انھن جي لڳ ڀڳ سمورين ڪوششن کي ھينئن بيان ڪري سگھجي ٿو ته اھي ڪوششون ريل گاڏي نڪري وڃڻ کانپوءِ ٽڪيٽ وٺي بيھڻ واريون ڪوششون ثابت ٿيون. 2005ع ۾ سردار بشير ھاليپوٽو ھا ڪري وجھي ھا ۽ رئيس علي اڪبر نظاماڻي ان جو ساٿ ڏئي ھا ته ٽنڊي محمد خان بجاءِ ماتلي ضلعو ٺھي پوي ھا. 2014ع ۾ سردار بشير ھاليپوٽو کي آصف علي زرداري کان ماتلي ضلعو گھرڻو نه پوي ھا. سردار ڪمال خان چانگ 39 يا 38 ديھن يا ٽنڊي باگي کي ٽوڙڻ وارا معاملا نه اٿاري ھا تڏھن به ھن وقت ماتلي ضلعو ٺھي چڪو ھجي ھا، ماتلي جا صحافي ڊسٽرڪٽ رپورٽر بڻجي چڪا ھجن ھا.
اسان به ماتلي کي ضلعو ڏسڻ واري خواهش رکون ٿا، پر مقصد رڳو خواهشون رکڻ سان پورا نٿا ٿي سگھن، ڪو چونڊيل نمائندو جڏھن اھا خواهش رکندو ته ھن جو ڳوٺ به ھن جي ڪوششن جي نتيجي ۾ ٺھندڙ ضلعي ۾ شامل ھجي ۽ اھو گھٽ ممڪن ھجي ته ان جو ڳوٺ ان ضلعي ۾ شامل ٿئي ته پوءِ ايئن اھو منطقي انجام تي سگھي ٿو، جيڪو ٿيو آھي ماتلي ضلعو اڃان نه ملي سگھيو آھي ۽ اھو 2 کان 3 سال ليٽ ٿي ويو آھي. بدين ضلعي جي چيئرمين جي چونڊ کانپوءِ ھن موقعي تي ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ وارو مطالبو ايئن ٿو لڳي ڄڻ ڪو شادي ۾ شرڪت جي دعوت ملڻ تي شريڪ ٿيڻ لاءِ اھو شرط رکي ته گھوٽ کي شادي جي دعوت نه ڏيو ته پوءِ اچان، گھوٽ کانسواءِ شادي ئي ممڪن نٿي ٿي سگھي ته پوءِ دعوت ڇا جي؟ ماتلي جي ميمبرن جي تعداد کان سواءِ جڏھن بدين ضلعي ڪائونسل جو چيئرمينِ پ پ جو نٿو ٿي سگھي ته پوءِ ھن نازڪ موقعي تي پ پ ماتلي کي ضلعو ٺاھڻ جو ڪيئن ٿي سوچي سگھي؟ ليٽ جو ھڪڙو سبب اھو به آھي، جيڪو مٿي ذڪر ھيٺ نه آندو ويو آھي.
ماتلي جا بنيادي مسئلا جھڙوڪ: پيئڻ ۽ ڌوئڻ جو پاڻي، آبادي مطابق ضرورت جو گھربل پاڻي، گھرن ۽ برسات جي پاڻي جو نيڪال، حد دخلين ۽ سرڪاري پلاٽن تي قبضن سميت ٻيا سدا بھار مسئلا پنھنجين شڪلين ۾ ايترا ته ڳنڀير ٿي ويا آھن جو انھن جو تڪڙو حل، ماتلي کي ضلعي جو درجو ڏيارڻ واري مسئلي کان به وڏي اھميت رکي ٿو. انھن مسئلن جي حل لاءِ ماتلي کي 2 سئو ڪروڙن جا ترقياتي منصوبا مليا آھن، جن جي مڪمل ٿيڻ کانپوءِ ڏسڻو آھي ته ماتلي ڪيترو خوبصورت شھر ٿي سگھي ٿو؟ ۽ ماتلي جي ضلعي وارو اعلان ڪڏھن ٿو ٿئي ۽ ان اعلان تي عمل وري ڪڏھن ٿو ٿئي؟؟؟
ھڪ ڳالھ ياد رکڻ گھرجي ته سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت ھوندي بدين کي ٽوڙي ماتلي کي ضلعو ٺاھڻ ان ڪري في الحال ممڪن نه آھي جو ان سان پ پ باقي بچيل بدين واري حصي ۾ انتھائي ڪمزور پوزيشن ۾ اچي ويندي، جنھنڪري ماتلي ضلعي وارو معاملو رڳو ڳالھين ۽ خيالن جي حد تائين رھندو.
ڇو ته تازو ئي برساتن کان پوءِ وزيراعليٰ مراد علي شاهه برساتن کان متاثر شهرن جو دورو ڪيو ۽ ماتلي جي دوري دوران صحافين جڏهن کانئس ماتلي جي ضلعي ٿيڻ واري معاملي تي سوال پڇيو ته هن ڪا به وراڻي نه ڏني ۽ خاموش رهيو.
saleh3452222120@gmail.com
***

