ادب

مادري ٻولين تي منعقد ڪيل قومي ڪانفرنس جو احوال رپورٽ نغمه ابڙو | مارچ 2022

21 فيبروري 2022ع تي سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران مادري ٻولين جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي ”جديد ٽيڪنالاجي جي دور ۾ مادري ٻولين جي واڌ ويجهه“ جي عنوان هيٺ هڪ ڏينهن جي قومي ڪانفرنس جو اهتمام ڪيو ويو. هن قومي ڪانفرنس جون ٻه ويهڪون ٿيون جن ۾ ملڪ جي عالمن، اديبن ۽ مختلف ٻولين جي ماهرن خطاب ڪيو.

ڪانفرنس جي پهرين ويهڪ جي صدارت ڪندي نامياري عالم ڊاڪٽر نواز علي شوق چيو ته انسان ڄمڻ جي پهرين گهڙي ۾ ماءُ سان جيڪو وچن ڪندو آهي اهو به وساري ڇڏيو آهي، اسان ڳالهيون ته ڪريون ٿا، پر انهن تي عمل نٿا ڪريون، گهرن ۾ پنهنجي ٻولي نٿا ڳالهايون، پرائمري تعليم جي صورتحال سڀني جي سامهون آهي، وقت اچي ويو آهي ته اسان کي پنهنجو احتساب ڪرڻو پوندو. هن چيو ته ٻولي، لوڪ ادب ۽ ثقافت جو اهم ادارو ”اوطاق“ وارو ڪلچر ختم ٿي چڪو آهي جتي ڳجهارتون، کل ڀوڳ ۽ ڪچهريون نج ٻوليءَ ۾ ٿينديون هيون اهي ختم ٿي چڪيون آهن، ڌارين ٻولي ڳالهائڻ جو اهو مطلب هرگز ناهي ته اسان پنهنجي ٻوليءَ کي وساري ڇڏيون ان لاءِ اسان کي اوطاق ڪلچر کي مضبوط ڪرڻو پوندو، استادن جي ڀرتي خانا پوري لاءِ نه بلڪه اهڙن استادن کي ڀرتي ڪيو وڃي جيڪي پرائمري تعليم بهتر ڏيئي سگهن، جيسين پرائمري تعليم مضبوط نه هوندي تيسين ٻوليءَ جي ترقي ناممڪن آهي.

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي چيئرمين ڊاڪٽر محمد علي مانجهي آيل مهمانن جي آجيان ڪندي چيو ته سنڌي ٻولي دنيا جي قديم ۽ شاهوڪار ٻولي رهي آهي جيڪا هزارين سالن کان لکجڻ ۽ پڙهجڻ شروع ٿي، مختلف دورن ۾ سنڌيءَ جون مختلف لکتون ملن ٿيون، موجوده لکت کي انگريز دور ۾ ترتيب ڏيئي آخري شڪل ڏني وئي، پر ان جي لکت جا نمونا ارغون دور ۽ ڪلهوڙا دور ۾ گهڻو ملن ٿا. هن چيو ته اڪثر خانگي اسڪول سنڌي ماڻهن جا آهن، پوءِ به الائي ڇو سنڌي پڙهائڻ کي عيب سمجهيو وڃي ٿو، ٻين ٻولين ۾ تعليم وٺڻ هر ڪنهن جو حق آهي، پر پنهنجي ٻوليءَ کي به وسارڻ نه گهرجي. هن چيو ته موجوده جديد ٽيڪنالاجي جي دور سان هلڻ لاءِ ادارو سنڌي ڪمپيوٽنگ ۽ انٽرنيٽ تي تيزي سان ڪم ڪري رهيو آهي، ڪيترائي ڪتاب آن لائين ڪيا ويا آهن، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا ۽ لغتون آن لائين ڪيون ويون آهن جيئن دنيا جي هر ڪنڊ ۾ اسان جي ٻولي آساني سان پڙهي وڃي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ڳالهائڻ، سکڻ، پڙهڻ ۽ استعمال بابت آگاهي لاءِ سنڌ جي مختلف شهرن سان گڏ صوبي جي سرحدن تي سائن بورڊ لڳايا ويا آهن، اداري ۾ انڊس اسڪرپٽ ميوزيم قائم ڪيو ويو آهي تمام جلد انڊس اسڪرپٽ ليبارٽري تي ڪم ڪيو ويندو. نامياري عالم ۽ اديب ڊاڪٽر قاضي خادم چيو ته اسان وٽ تمام وڏو ۽ ڪارائتو علمي ذخيرو موجود آهي اهو علمي پورهيو دنيا جي ٻين ٻولين ذريعي پهچايون ته اهو وڏو ڪم هوندو، سنڌي اسان جي مادري ٻولي آهي ان کي بچائڻ به اسان جو ڪم آهي، اسان سرڪار کي ڪري ڏيکاريون، هن چيو ته جڏهن ماءُ پاڻ ٻوليءَ جي بگاڙ جو سبب بڻجندي ته اها ٻولي ڪڏهن ترقي نه ڪري سگهندي.

اردوءَ جي نامياري شاعره فاطمه حسن پنهنجي آن لائين پيغام ۾ چيو ته جڏهن ٻار ماءُ جي پيٽ ۾ هوندو آهي تڏهن کان هو پنهنجي ماءُ جي ٻولي ٻڌندو آهي ۽ ان مان واقف ٿيندو آهي ۽ اها ئي ماءُ ٻولي انسان جي شخصيت سازي ۾ تمام وڏو ڪردار ادا ڪري ٿي، ان ڪري هر ٻار جو حق آهي ته ان کي پنهنجي ماءُ ٻوليءَ ۾ تعليم ڏني وڃي. نامياري ڪهاڻيڪار امر جليل آن لائين چيو ته ماءُ ٻار جو پهريون درسگاهه آهي جتي ٻار ٻولي سکي ٿو، مون ننڍپڻ کان پنهنجي ماءُ پيءُ کي پڙهندي ڏٺو ۽ اهو تصور اڄ به اکين اڳيان آهي. هن وڌيڪ چيو ته گهر ورڪ پليس آهي جتي ٻار مڪمل تيار ٿيندو آهي. نامياري تعليمدان پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته گهڻ ٻوليائي سکيا لاءِ ٽيڪنالاجي جو استعمال ضروري ٿي پيو آهي، ڪورونا وبا سبب جڏهن دنيا ۾ تعليم جو نظام متاثر ٿيو ته ٽيڪنالاجي ذريعي آن لائين تعليم ڏني وئي ايئن گهڻ ٻوليائي تعليم کي اڳتي وڌائڻ ۾ ٽيڪنالاجي جو سگهارو ڪردار اهم آهي. هن چيو ته يونيسڪو 2022 کان 2032 تائين ٻولين ۽ ثقافتن جو ڏهاڪو ڪري ملهائڻ جو اعلان ڪيو آهي اسان کي پڻ ان موقعي مان فائدو وٺڻ گهرجي.

ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگويج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر امر فياض ٻرڙي چيو ته ٽيڪنالاجي مستقبل جو ڪتاب آهي، ٽيڪنالاجي کان انڪار ڪرڻ ايئن آهي جيئن مريض کي ڊاڪٽر ڏيکارڻ کان انڪار ڪجي. ايشيا ۾ ٻن ٻولين هندي ۽ بنگالي تي وڏو ڪم ٿيو آهي، هندي تي تمام گهڻو ڪم ٿي رهيو آهي. جڏهن ته ٽيڪنالاجي ۾ سنڌي ٻولي پوئتي آهي. 2019 ۾ گوگل سنڌي ٻوليءَ کي شامل ڪري ڇڏيو آهي، پر ان تي اڃان ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌي ٻوليءَ جي لغت اپڊيٽ ٿيڻ گهرجي.

حيدرآباد جي تاريخ سهيڙيندڙ اردوءَ جي محقق ۽ تاريخدان عشرت علي خان چيو ته مون کي سنڌي ٻولي سکڻ جو شوق ۽ دلچسپي هئي ان ڪري هن اداري ۾ اچي چيئرمين عبدالقادر جوڻيجي کي عرض ڪيم جنهن سنڌي ڪلاس شروع ڪرايو پهرين پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ ۾ پريشاني ٿيندي هئي هاڻ ماشاءَ الله مون کي سنڌي ڳالهائڻ، لکڻ ۽ پڙهڻ ايندي آهي. هن چيو ته انسان ڪابه هڪ ٻولي سکي ٿو ته 30 سيڪڙو ڄاڻ ملي ٿي جيئن وڌيڪ ٻوليون سکبيون تيئن ڄاڻ ۾ اضافو ٿيندو.

ڪراچي يونيورسٽي ۾ سنڌي شعبي جي استاد ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته اسان پنهنجن شاگردن کي مڪمل ٻولي ڏيئي ناهيون سگهيا، ٻي ٻوليءَ جا لفظ اچڻ ۽ انهن ۾ ڳالهائڻ خطري جي علامت آهن. هن چيو ٻوليون فطري موت ناهن مرنديون، پر پنهنجي ٻوليءَ ۾ ٻارن سان نه ڳالهائڻ ٻولي جو قتل آهي.

سنڌ يونيورسٽي ۾ ڊاڪٽر اين. اي بلوچ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فياض لطيف چيو ته جيسين سماج ۾ ڪنهن به ٻولي ڳالهائڻ جا ڪجهه ماڻهو به باقي آهن اها ٻولي به زنده هوندي، ڳالهائڻ جي حوالي سان اسان جي ٻوليءَ کي ڪو لهر لوڏو ناهي، اسان هر ممڪن ڪوشش ڪري پنهنجي ٻوليءَ جي استعمال کي وڌايون.

نامياري ليکڪ ڊاڪٽر احسان دانش چيو ته اها ٻولي ئي آهي جيڪا انسان کي جانور کان الڳ ڪري ٿي، ٻوليون فطري ارتقا سان اڳتي وڌنديون آهن، اسان کي پنهنجي ٻوليءَ جي بقا ۽ تحفظ لاءِ هر سطح تي ڪم ڪرڻو پوندو.

قومي ڪانفرنس جي ٻي ويهڪ جي صدارت ڪندي سنڌ يونيورسٽي ۾ مرزا قليچ بيگ چيئر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر نواب ڪاڪا چيو ته  جيستائين مطالعو نه هوندو تيستائين جاندار ٻولي نه ايندي، نصاب ٻوليءَ جي بچاءُ جو هڪ وڏو ذريعو آهي، تنهنڪري ٻارن جي نصاب ۾ هر سال تبديليون ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته عالمي سطح تي مقام ماڻڻ لاءِ اسان کي پاڻ عالمي سطح تائين وڃڻو پوندو، چين وارن ٽيڪنالاجي تي ڪم ڪري ترقي ڪئي آهي. هن چيو ته اسان کي گڏجي ادارن جي ڀلائي ۽ ٻوليءَ جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي. براهوي ٻوليءَ جي ماهر ڊاڪٽر نذير شاڪر بروهي چيو ته سنڌي ۽ براهوي ٻوليون پاڻ ۾ تمام گهڻيون ميلاپ رکن ٿيون ايئن ٻي ڪابه ٻولي هڪ جهڙائي نٿي رکي هڪ قسم سان اهي ٻئي ٻوليون پاڻ ۾ ڀيڻون آهن. هن مطالبو ڪيو ته سمورين ٻولين کي پنهنجي اھميت ڏني وڃي ۽ انهن کي ترقي ڏياري وڃي. اردو ٻوليءَ جي ليکڪه بيلا رضا جميل آن لائين پيغام ۾ چيو ته سنڌي ٻولي جي ترقي لاءِ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ڪم ڪري رهيو آهي جيڪا خوشي جي ڳالھ آھي. هن چيو ته ٻارن جو ادب مادري ٻوليءَ ۾ هجڻ گهرجي جنهن ذريعي ٻار کي سکڻ ۽ سمجهڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ اميد ڪجي ٿي ته سنڌي ٻولي اٿارٽي ان ڏس ۾ اڳتي ڪم ڪندي.

سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري جي سيڪريٽري پروفيسر شبنم گل چيو ته مڪالمو ۽ مطالعو ٻوليءَ کي خوبصورت بڻائيندا آهن، ٻوليءَ لاءِ مڪالمو سگهارو هجڻ گهرجي جيستائين ماءُ روحاني ۽ جسماني طور مضبوط نه هوندي تيستائين ان جو مڪالمو نه جڙي سگهندو. هن چيو ته ٽيڪنالاجي جي حوالي سان سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو سنڌي ٻاراڻا گيت، سنڌي سکيا پورٽل، سنڌي ورچوئل لائبريري، سنڌي اکر شناس، او سي آر، انسائيڪلو پيڊيا سنڌيانا، سنڌي ٻولي تحقيقي جنرل کي آن لائين ڪيو آهي ۽ انٽرنيٽ توڙي سنڌي ڪمپيوٽنگ تي وڌيڪ ڪم هلي رهيو آهي. ان کانسواءِ اداري جو يوٽيوب چئنل ۽ سوشل ميڊيا تي پيجز سنڌي ٻوليءَ بابت مواد ڏيئي رهيا آهن.

نامياري ٻوليءَ جي ڄاڻو ڊاڪٽر مظهر علي ڏوتيئي چيو ته ٻولين کي سمجهڻ جو طريقو تبديل ٿي چڪو آهي، هي دور پهرين واري دور کان بلڪل مختلف آهي اڳ اخبارن، ريڊيو ۽ ٽي. وي ذريعي سکندا هئاسين ۽ هاڻ انٽرنيٽ ۽ موبائل فون اسان وٽ مختلف قسم جون ٻوليون پهچائين ٿا، ان ڪري ٽيڪنالاجي جي دور ۾ ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌ ويجهه ضرور ٿي پئي آهي.

نامياري شاعره گلبدن جاويد مرزا چيو ته سنڌي ٻولي لطيف جي ٻولي آهي اها مسڪين يا ننڍي نٿي ٿي سگهي، وفاقي توڙي صوبائي سطح تي ٻوليءَ کي هٿي نٿي ڏني وڃي تيستائين ٻوليءَ جو حال بهتر نٿو ٿي سگهي.

سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ماهر شبير ڪنڀار چيو ته اسان وٽ اُچارن جو مونجهارو موجود آهي ان لاءِ لغتن کي اپڊيٽ ڪرڻ جو رواج وجهي شين کي اپڊيٽ ڪرڻ گهرجي، آن لائين مواد رکي ٻوليون سيکاريندڙ ايپليڪيشنز ۾ سنڌي کي داخل ڪرائڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. ڪانفرنس کي بلوچي ٻوليءَ جي ماهر منير باديني ۽ رياض شيخ آن لائين پيغام موڪلي پنهنجا ويچار ونڊيا. قومي ڪانفرنس دوران اداري پاران ڇپيل پنجن ڪتابن (سول پروسيجر ڪوڊ  ڇاپو ٻيو، ڊجيٽل سنڌي، علم الغت، غريب الغات ۽ سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل) جو مهورت پڻ ڪيو ويو.

ڪانفرنس جي پڄاڻي تي اتفاق راءِ سان قرار دادون پاس ڪيون ويون جن ۾ مکيه قرار دادون هن ريت آهن. پاڪستان جي 1973 واري آئين جي آرٽيڪل 251 جي شق (1) ۾ ترميم ڪري اردوءَ کي رياستي ٻولي ۽ ملڪ جي رابطي جي زبان قرار ڏيئي، چئني وفاقي يونٽن جي اڪثريتي ٻولين سنڌي، بلوچي، پنجابي ۽ پشتو کي هڪدم ”قومي ٻوليون“ قرار ڏنو وڃي.

پاڪستان جي سمورن صوبن يعني وفاقي اڪاين ۾ ڳالهائجندڙ ٻين اسريل ٻولين کي ”مادري ٻولين“ جي حيثيت ڏيئي انهن جي ترقي ۽ تعليم لاءِ اپاءُ ورتا وڃن.

سنڌي ٻوليءَ کي پاڪستان جي قومي ٻولي قرار ڏيڻ سان گڏ سنڌ جي سمورن سرڪاري اسڪولن ۾ لازمي زبان ايم. ٽي ۽ تعليم جي ذريعي طور پهرين ڪلاس کان اعليٰ سطح تائين يقيني بنائڻ لاءِ جوڳا اُپاءُ ورتا وڃن.

سنڌ ۾ موجود سمورن خانگي اسڪولن ۾ سنڌي زبان جي ”لازمي تدريس“ جي سلسلي ۽ سنڌ اسيمبلي جي فيصلن تي عمل ڪرائڻ لاءِ جوڳا اپاءُ ورتا وڃن ۽ عمل نه ڪندڙ تعليمي ادارن جي رجسٽريشن هڪدم رد ڪئي وڃي.

سنڌ اسيمبلي جي ڪارروائي سنڌي ٻوليءَ ۾ هلائڻ ۽ سنڌ اسيمبلي جي ويب سائيٽ سنڌي ۾ ٺاهڻ سان گڏ سمورن سرڪاري ادارن جون ويب سائيٽون سنڌي ۾ تيار ڪرائڻ جا انتظام ڪيا وڃن.