نواز شريف ٻڌائي ته هن اسامه بن لادن سان ڪيتريون ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيترو چندو ورتو: شيخ رشيد
ريلوي واري وفاقي وزير شيخ رشيد اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان 10 سوالن جا جواب گهري ورتا آهن. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته نواز شريف ٻڌائي ته هن اُسامه بن لادن سان ڪيتريون ملاقاتون ڪيون ۽ ڪيترو چندو ورتو، ملڪ کان ٻاهر مودي کي فون ڇو ڪندو هو ۽ ڳالهين جي ايجنڊا ڇا هئي، سيف الرحمان ذريعي ڪيترا پئسا ورتا ويا، نيب لاهور ٻاهران پٿرن سان حملي جي رٿابندي لنڊن ۾ ڪيترن ڏينهن ۾ ٿي؟ بينظير ڀٽو کي بدنام ڪرڻ لاءِ پيٽر گيلبرگ جو خط ڪنهن جاري ڪيو. نواز شريف ٻڌائي ته جسٽس سجاد علي شاهه تي حملي لاءِ لاهور مان بسون ڀري ڪنهن موڪليون، ڀارت کي اجمل قصاب بابت ڄاڻ ڪنهن ڏني؟ شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ملاقات مون لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، ننڍي قد وارا ماڻهو وقت وٺي اونداهي ۾ ملندا آهن، اهڙن بزدل ماڻهن لاءِ آئون ڪجهه نه چوندس، رات کان شڪ پئجي رهيو آهي ته ڪٿي هاڻي ن ۽ ش ليگ مان ط ليگ نه نڪري اچي، نواز ليگ جا کوڙ ماڻهو استعيفيٰ نه ڏيندا ۽ جيڪي ميمبر استعيفيٰ ڏيندا، اُتي ننڍيون چونڊون ڪرايون وينديون، ش ليگ بهتري جو رستو اختيار ڪرڻ گهري ٿي. هن وڌيڪ چيو ته نواز شريف اي پي سي ۾ ڀارتي ايجنٽ طور خطاب ڪيو هو.

