نواز شريف، مريم نواز، شاهد خاقان عباسي سميت 40 کان وڌيڪ ن ليگي اڳواڻن خلاف بغاوت جو ڪيس داخل
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف خلاف مجرماڻي سازش، بغاوت ۽ ماڻهن کي اڪسائڻ جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ايف آءِ آر ۾ مريم نواز سميت ٻين ليگي اڳواڻن کي به نامزد ڪيو ويو آهي. لاهور جي شاهدره ٿاڻي تي هڪ شهري بدر رشيد طرفان پاڪستان پينل ڪوڊ جي مجرماڻي سازش جي قلمن تحت ڪيس داخل ڪرايو ويو، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ ن ليگي اڳواڻ به نامزد ڪيا ويا آهن. ايف آئي آر ۾ قلم 120 اي ۽ بي، قلم 121 اي ۽ بي، قلم 123 اي ۽ بي سميت ٻيا قلم هنيا ويا آهن. ڪيس ۾ مريم نواز، راجا ظفر الحق، شاهد خاقان عباسي، اياز صادق، خرم دستگير، اقبال ظفر جهڳڙا، احسن اقبال، پرويز رشيد، راڻا ثناءُ الله، مفتاح اسماعيل، محمد زبير، مريم اورنگزيب، عطاءُالله تارڙ، برجيس طاهر، عظميٰ بخاري، شائسته پرويز، سائرا افضل تارڙ ۽ دانيال عزيز کي به نامزد ڪيو ويو آهي. شهري بدر رشيد طرفان ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته مريم نواز ۽ ن ليگ جي ٻين اڳواڻن طرفان نواز شريف جي تقريرن جي حمايت قانون جي پڪڙ جي ذمري ۾ اچي ٿو، نواز شريف لنڊن ۾ پاڪستان جي مقتدر ادارن کي بدنام ڪرڻ لاءِ شرپسند تقريرون ڪيون، نواز شريف تقريرن ۾ دشمن ملڪ ڀارت جي ڊڪليئر پاليسي جي حمايت ڪئي. ڪيس ۾ چيو ويو آهي ته نواز شريف جي تقريرن جو مقصد ڀارتي فوج طرفان ڪشمير تي قبضي جي ڪارروائين ۽ ڪشميرين تي ظلمن تان ڌيان هٽائڻ آهي، نواز شريف جي تقريرن جو مقصد پنهنجي دوست ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي کي فائدو پهچائڻ آهي، نواز شريف جي تقريرن جو مقصد عالمي برادري ۾ پاڪستان جي اعليٰ عدالتن ۽ هٿياربند فوجن کي بدنام ڪرڻ آهي. ايف آءِ آر موجب نواز شريف ٻاهرين ملڪ ويهي سازش تحت پاڪستان ۽ رياستي ادارن کي بدنام ڪري رهيو آهي، پاڪستاني قانون ڪنهن سزا يافته ڏوهاري کي پنهنجي ضمانت جو ناجائز فائدو کڻڻ جي اجازت نٿو ڏي، پاڪستاني قانون اجازت نٿو ڏي ته اليڪٽرانڪ ۽ سوشل ميڊيا ذريعي پاڪستاني عوام کي فوج ۽ حڪومت خلاف بغاوت تي اڪسايو وڃي.

