نور مقدم قتل ڪيس جو فيصلو جاري، جوابدار ظاهر جعفر کي موت جي سزا
ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد اڳوڻي پاڪستاني سفير جي ڌيءَ نور مقدم جي قتل بابت ڪيس ۾ ظاهر جعفر کي موت جي سزا ٻڌائي ڇڏي. عدالت جي ايڊيشنل سيشن جج عطار رباني 4 مهينن جي ٽرائل کانپوءِ 2 ڏينهن اڳ فيصلو محفوظ ڪيو هو جيڪو اڄ ٻڌايو ويو. فيصلو ٻڌائڻ وقت عدالت جي ڪمري ۾ وڪيل، ٿراپي ورڪس جا ملازم، مرڪزي جوابدار جي ماءُ عصمت آدم، پيءُ ذاڪر جعفر کانسواءِ ڪيس جو فريادي شوڪت مقدم موجود هو. عدالت مختصر فيصلي ۾ ظاهر جعفر کي قتل جي قلم 302 تحت موت جي سزا ٻڌائي ۽ نور مقدم جي وارثن کي 5 لک رپيا ڏنڊ ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو. فيصلي موجب جوابدار جي موت جي سزا جي منظوري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ڏيندي.

