ڪهاڻيونڪهاڻيون

واريءَ جو پنڌ امداد ڪانهيو

هو صحرا ۾ هلي هلي خود صحرا ٿي پيو هو، جتي اکيون اُڃ هئس اُتي روح به رُڃ هئس، هو رُڃ ۾ رُلي رُلي رُڃ ٿي پيو هو.

هُو اڃان ڪنهن پڌر ۾ نه پهتو هو، پڌر جو پنڌ ويجهو هئس، پر اڃان هُو پنڌ ۾ هو، انهيِ‎ءَ لس واري گس ۾ هو جتان سنهو پيچرو پڌر ۾ وڃي ٿي کُٽو، انهيءَ پڌر تائين پُڄڻ لاءِ هُو اڃان هليو پئي ۽ پريان اولهه ۾ سج ڏينهن کي الوداع چئي رهيو هو!!.

سج الوپ ٿيندو پئي ويو، پر هُن سانجهيءَ جي رڙ کان پهريان پڌر ۾ پُڄي جوڳي جي قدمن ۾ ڪرڻ ٿي چاهيو ۽ انهيءَ ڪري سندس ساڻي وِک ۾ به ڪي قدر تِکي حرڪت اچي وئي هُئي.

هُو سِڌو ڀِٽ جي لس کان ڀِٽ تي چڙهندو ويو، پر اُمالڪ هڪ سرٻاٽ سندس ڪن ۾ گونجي گُم ٿي ويو، “ڌُوڙ ۾ لٽيل مُنهن ڌوئي پوءِ ڀِٽ چڙهه!” ۽ هو هُر کُر ۾ پئجي ويو.

جلندڙ ٻرندڙ ڏينهن جي ڏُکندڙ پنڌ، اُلا اڇليندڙ سج  ۾ گرم ٿي ويل هوا جي تتل لُوءِ، ڪنڊين جي ڇِڊي ڇانءُ ۾ ڪڙهندڙ واريءَ تي گهڙي کن دم پٽيندڙ، لُڪ جي لوساٽ ۽ گرم هوا ۾ ڌرتيءَ جي اُڏندڙ ڌُوڙ هِن جي مُنهن کي مِٽيءَ جي تهن ۾ ڳوهي ڇڏيو هو.

هن مُنهن ڌوئڻ جي سرٻاٽ کي رد ڪيو ۽ ارادو ڪيائين پهرين ڀِٽ تي چڙهندس، واريءَ جهاڳيندس، پوءِ مُنهن ڌوئيندس، جنهن جي ڪاڻ لُڪون لوساٽي ڪهي آيو آهيان پهرين ان وٽ پُڄندس، پوءِ ئي مُنهن ڌوئيندس، پوءِ ئي چِيڙهه چڳن مان ڪڍندس.

پر سرٻاٽ سندس جِند نه ڇڏي، وري ڪن ۾ ڀُڻڪو آيس، “جيڪر مُنهن ڌوئڻ بِنا ڀِٽ چڙهيو آهين ته وري پوءِ مُنهن ڌوئڻ لاءِ هيٺ لهي نه سگهندين!!.”

هُن جا وڌندڙ قدم ڀِٽ آڏو ايندڙ پهرين چو واٽي تي ڏانوڻجي بيهي رهيا، سرٻاٽ وري آيس، “اڌ ۾ اُٿڻ جُڳائي ڪونه، منزل اُها ئي آهي مُنهن ڌوءِ!.”

هن جو رُخ مُڙي ويو، لس جو پاسو ڇڏي تڙ تي آيو، ڪجهه ڇنڊا پاڻي جا مُنهن تي هڻي مُنهن بِنا اُگهڻ جي جهٽ تڙ تان وريو واپس ته پوءِ مٿانهين ڏانهن هن جا قدم تکا تکا کڄندا ويا، پر ڀِٽ جي واريءَ وارو پيچرو اُڀو ۽ قدم سوگها ڪندڙ هو.

هُو ڀِٽ ڏانهن ويندڙ پيچري تي وک وک سان وڙهندو هلي پيو، ڀِٽ تي چڙهيو پئي، پر اڃان ڀِٽ جي پهرين اُڀي چوٽي پر ڀري هئي، واري قدم ٿڪائيندڙ هئي، پر پوءِ به سندس وِک ڀِٽ جي مٿان تِکي هُئي جو هُو يڪساهي ڀِٽ جو پهريون دڙو اُڪري آيو ۽ مٿانهين تي پُڄي بيهي رهيو جو ذري تان ڪنهن سان ٽڪرجندي پاڻ بچيو هو.

ڪارن ڪپڙن ۾ ملبوس جوڳڻ بي خياليءَ ۾ جو پوئتي مُڙي ته مُنهن ۾ هي اچي ويس، سندس مٿو هِن جي مٿي ۾ لڳو ٿي، پر هُوءَ پاڻ بچائي وئي ۽ هي پٿر بڻجي بيهي رهيو ۽ جوڳڻ اڳتي وڌي وئي.

جوڳڻ ڀِٽ جي پهرين پڌر تي جوڳ ۾ ويٺي هُئي، کيس پنهنجي پويان ڪنهن جي اچڻ جو ڪو گُمان نه هو، هي به اڃان مس اچي بيٺو هو، هُوءَ بي خيالي مان اٿي ۽ پوئتي مُڙي هئي جو هنن جا هڪ ٽڪر ۾ ڪئي ٽڪر ٿي پيا هئا، جوڳڻ هلي وئي پڌر مان ۽ هن پنهنجا ساهه سوگها ڪري ورتا جو جوڳڻ جي خلاف معمول نازڪ پير ۽ ڍنڍ نيڻ ڏسي هي پل لاءِ ڇرڪي پيو هو، پر پوءِ هن اجرا پير اجرا نيڻ ڏٺا اڻ ڏٺا ڪري ڇڏيا ۽ اتان تِکو گذرندي ٻئي پڌر جون چاڙهيون تکيون تکيون چڙهندو اندر هليو ويو.

ڀِٽ جي آخري مٿانهين تي جوڳي دونهين دُکايو ويٺا ها، ڪنٺا، ڪولابا، تان، تنبورا ته سُرندا، مُرليون ۽ ڪجهه وٽيون، جمنا، ٺڪر ۽ گودڙيون آس پاس ۾ ٽِڙيا پکڙيا پيا هئا، مُهڙ ۾ جُتي لنگهه وٽ ڇڏي، هُو ويڪري پڌر مان گُذري آڳر تي هليو آيو، آڳر مان اڳتي وڌي هُو اچي هڪ چانئٺ تي ڪري پيو.

سانجهيءَ جي گذري وڃڻ کانپوءِ ڪئي پل ڀِٽ جي مٿان هُو چانئٺ تي ڪنڌ لاڙي پيو رهيو، سُڌ مان بي سُڌ ٿي پيو ڄڻ، هُو بي سُرت هو، کيس ڪنهن جي به ڪا سار نه رهي، گهڻي دير ايئن چانئٺ تي بي ڪيف ٿي پئي رهڻ کانپوءِ جڏهن هُو اٿيو هو تڏهن سندس نگاهه ۾ ساڳي اُڃ ۽ رُڃ هئي، هُن جون اکيون صحرا ٿي پيون، هُو چانئٺ کان اٿيو ۽ اڳتي وڌيو ۽ هڪ جوڳي جو پانڌ اڳياڙي کان جهلي بيهي رهيو!!.

هُو ڪافي دير پنڊ پهڻ ٿي بيٺو رهيو، جوڳي جو دامن سندس هٿ ۾ سوگهو هو، پل لاءِ به هُن جوڳي جو پانڌ نه ڇڏيو هو ۽ جوڳي ڪجهه به نه ڪُڇيو هو.

هن جي اندر ۾ اڻ ڳڻيون ڳالهيون هيون، هُن اهي سڀ جوڳي سان سلڻ چاهيون هيون، پر هُن جي چپن مان هڪ اکر به نه اُڪليو، چُپ چاپ جوڳي جو پانڌ جهلي هُو بيٺو رهيو ۽ نه سندس چپ چُريا، نه ئي سندس قدم چُريا.

هُن کي سور سلڻ ڏکيا ٿي لڳا، هُن کي ڪا شڪايت ڪرڻ اجائي ۽ اوکي ٿي لڳي، هن کي ڪنهن کي به ڪا ميار ڏيڻ نٿي وڻي، هي ان ڳالهه جو قائل هو ته جوڳي پاڻ هن جي دل جو حال پروڙي، گُرو کي پاڻ پنهنجي پيروءَ جو درمان سمجهڻ گهرجي، گُرو کي پاڻ پنهنجي چيلي جي دل جو داستان ڄاڻڻ گهرجي، پروڙڻ گهرجي!!.

هُن ڪجهه به نه ڪُڇيو، بس جوڳي جو دامن جهلي خاموش خاموش پهر تائين پهڻ بڻيو بيٺو رهيو ۽ سندس کُليل اکيون پڌر تي ٽِڙيل پکڙيل انيڪ ٽُٽل تارون ۽ تارا، سُرندا ۽ مرليون، گُل ۽ ڪليون، گودڙيون ۽ گودڙين ۾ مخمل، موتئي ۽ ڪنڪر بس ڪيئي رنگ ڏسنديون رهيون، هن کي ڪا ڪل ئي نه هُئي ته جو پهر هُو جوڳي جي سيراندي کان مٿو ٽيڪي ڪنهن سحر ۾ غلطان ۽ گُم ٿيو بيٺو هو.

ڪيئي رنگ سندس ڀر ۾ ٺهيا، جُڙيا، وکريا ۽ ٽِڙيا پکڙيا هئا، پر هن کي ڪا پروڙ نه هُئي بس جڏهن هُن جوڳي جي دامن مان پنهنجا هٿ ڍِرا ڪيا تڏهن جوڳي ڄڻ آهلجي پيو.

هُن جوڳي جو پانڌ نه ڇڏي، سيرانديءَ ڇڏي پيرانديءَ ورتي، ڪو پل پيرانديءَ وٽ بيهي هُن هڪ ٿڌي آهه ڀري ۽ پوءِ آڳر تي نڪري آيو.

آڳر تي عبادت گاهه جي ڪُنڊ وٽ اچي اڪيلو هُو مُنهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيو، ڄڻ پاڻ سان پاڻ ئي ڳالهائيندو هُجي، ڄڻ جوڳي سان جيءُ ۾ ڳالهائيندو هُجي!!.

هُو ايئن ويران ويران ويٺو رهيو، ايامن جي اُڃ هُن جي اندر مان گذري اکين ۾ لهي آئي، پر هُن ڪابه ٻِڙڪ ٻاهر نه ڪڍي، من جي تئونس دل ۾ دٻائي هُو ايئن ئي مُنهن مونن ۾ هڻي بي سُڌ ٿي ويٺو رهيو ڄڻ هن دنيا ۾ هُجي ئي نه!!.

ڪي جوڳي، ڪي روڳي ايندا رهيا، ويندا رهيا، هن پنهنجو لاڙيل ڪنڌ مٿي نه کنيو، کيس ڪل ئي نه هئي ته ڪير سندس ڀر منجهان گذريو، ڪير آيو، ڪير ويو، هي قطار در قطار گذرندڙ ماڻهن جي پيرن ۾ مُنهن مونن ۾ هڻي ويٺو رهيو، ڪا ٺوڪر لڳس، ڪنهن اورانگهيو هن کي، پر هي چُپ چاپ بُت بڻيو ويٺو رهيو، جو رات جي پهرين پهر جو ڳچ حصو گذري ويو ۽ جوڳين جي دُکندڙ دونهين مان درد جا ورلاپ گونجڻ لڳا ۽ ٽُٽل تارون ڳنڍجي سنڌ جي سُرت ۾ اچي وڄڻ لڳيون.

جا تند گهڙي پل پهرين ڇنل هُئي سا به ريهه ڪري رُني ٿي ۽ تار تار لُڇي ٿي ته تار تار وڳي ٿي.

ڇِڙيل تار هن جا ڦٽ ڇوڙي ڇڏيا، پهرين ورلاپ تي هُن ڪنڌ مٿي کنيو ۽ جوڳي جي ڪُوڪ سندو آلاپ سندس رُڃ روح جي پُڃ پڌر ۾ رڙ ٿي اُڀريو، اُڃ جي شِدت هن جي من جي صحرا جون سرحدون پري پري تائين ڊگهيري پکيڙي وئي، بر پٽ جا ڇيڙا اڻ کُٽ ٿي پيا هن جي روح ۾ ۽ هي رڳ رڳ ڏُکڻ لڳو لُڇڻ لڳو، وڄڻ لڳو، درد جو هيج هاڻ هن لاءِ سهڻ مُشڪل ٿي پيو هو.

تار اڳ کان تکي ٿي وڄڻ لڳي، هن کي ايئن لڳو جيئن سندس روح ڪا ڪٽيل ڪٽار هُجي ۽ نس نس وڄندڙ تار هُجي، جنهن کي درد جي هڪ هڪ آڱر ڇيڙيندي پئي وڃي ۽ روح ۾ ڪُوڪن جو ڄڻ ڪو جوڀن هُجي.

هن ڄاتو ٿي دل دنبورو جن وارا ورلاپ جوڳي کانسواءِ ڪو نٿو سُڻي ۽ سمجهي سگهي، جيڪو هي مس محسوس ڪري رهيو آهي سو سڀ جوڳي ڄاڻي ٿو!!.

هُن ڪُنڊ ڇڏي ۽ سِرڪي اڳتي وڌيو، ميڙ ۾ موجود جوڳين جي ڀر وٺي اچي ويٺو، وڄندڙ تارن تي جوڳين جون آڱريون ڊوڙي رهيون هيون، گهڻا ترشنا سرمست ٿي پيا ها ۽ ڀِٽ جو آڳر آڌيءَ مهل وجد ۾ اچي ويو هو، هن وائي جي ڪُوڪ تي پاڻ کي ڀِٽ مٿان هندوري ۾ لُڏندي لمندي ۽ لمندي لُڏندي ڊهندي ڪرندي ڀانئيو.

هُو ايئن تانگهه، تئونس ۽ تڙپ ۾ ڪنهن مرگهه وانگر اتي ويٺو رهيو، دُکندڙ تارون ڪنهن گهڙي ٿڌيون ٿي ويون ٿي ته ڪنهن مهل جوش ۾ اچي رقصان رقصان ٿي پيون ٿي، آڌيءَ جو ڀِٽ تي ڪُوڪن جو آبشار پکڙي پيو، هر ڏسا گونج هئي بي ڪيفي بي چيني جي ۽ هي لحظو لحظو بي ڪيف ڪُوڪن سان گڏ تڙپي تڙپي تار تار ٿي وڄندو رهيو جو امالڪ رات جي ٻئين پهر ۾ جيڏي مهل هن ڪنڌ مٿي کڻي جوڳي جو وجد ٿي ڏٺو ته ان مهل سندس نگاهه ڏيئي جي روشني ۾ ٽامي جي بُت سان ٽڪرائجي وئي!!.

هن جوڳي نه ڏٺو، هن ٽامي جو بُت ڏٺو.

ٽامي جو بُت نه هو، هي ته اها ئي ساڳي جوڳڻ هُئي جيڪا سنجها ويل هِن سان وِڙهي وئي هُئي.

ڪاري وڳي ۾ ملبوس جوڳڻ هُن جي اڳيان ويٺي هُئي، هي جوڳڻ کي ڏسي جوڳي کي ڏسڻ لڳو، پر انت هن جي اندر کي وڍيو هو سو هي وري پنهنجو مُنهن مونن ۾ هڻي ويهي رهيو.

پر هن ڀيري هُو گهڻي دير پنهنجو مُنهن مونن ۾ لڪائي نه سگهيو، اضطراب سندس جيءُ ۾ ولوڙجي وريو هو، مونن ۾ موجود منهن کيس سُڪون ۽ ترتيب ڏئي نه سگهيو ۽ هن منهن مٿي کڻي ورتو ۽ وري جوڳڻ کي ڏسڻ لڳو.

جوڳڻ جيڪا هر شيءِ کان بي نياز تنبوري جي وڍ تي ڪنڌ لوڏي لوڏي ڳهر ۾ بي سُرت هئي!!.

هن جي روح جو رُڃ دنبوري جي دانهن تي آگم آگم ٿي برسي پيو هو، هن جوڳڻ جون ڍنڍ اکيون ڏٺيون ۽ دل ۾ پنهنجي سوڙهو ٿي پيو، هزارين سوين ميلن تي پکڙيل هن پنهنجي رُڃ روح جو صحرا جوڳڻ جي ڍنڍ اکين ۾ وڃائي ڇڏيو.

تنبوري جي تار وڄندي وڄندي هن جي تند تپائي ڇڏي، هن ڪاري لباس ۾ ويڙهيل جوڳڻ کي پنهنجي سامهون ويٺل ڏٺو، وڏا نيڻ ڪٽورا ڄڻ مڌ ڳهريلا، کُليل ڊگها وار ڪارا ڪُلهن کان هيٺ پکڙيل ڄڻ بادل ۽ جُهڙ گهاٽا، ڳِچي سنهي جنهن جو رنگ ٽامو ٻرندڙ شعلي تي تجلا ڏيندڙ، ڊگها هٿ کُليل ۽ اجرا ۽ ڊگهيون آڱريون جوڳڻ جون هن ٻرندڙ ڏيئي جي وٽ وسامڻ کان اڳ ڏسي وري هن منهن مونن ۾ هڻي ورتو.

هي رُڃ ۾ وري اُڃ ٿي پيو…

سُک نه آيس، ڪنڌ کڻي وري جوڳي ڏي ڏٺائين، هن جي نگاهه ۾ سوين ميارون هيون، جيڪي جوڳي کانسواءِ ڪنهن به نٿي ڄاتيون، ٻيو ڪو ڄاڻي ڀي ڪيئن ها؟، هرڪو پنهنجي اندر ۾ اجنبي هو، جوڳڻ ڀي ڪيئن ڄاڻي ها ته هن جي هُردي ۾ ڪهڙا بيابان هئا، جوڳڻ پنهنجي ڪٽار ۾ قابو هُئي سو جوڳڻ هن کي اک کڻي به ڏٺو نه هو ته جوڳڻ ڪيئن پروڙي سگهي ها ته ڪو ٿوهر وجود پڌر تي بي ڪيف آهي جيڪو کيس ڏسندي صحرا مان بر پٽ ٿيو پيو آهي!!.

رات جو ٻيو پهر گذري چُڪو هو، هي وڌيڪ اتي ويهي نه سگهيو جو هن ڄاتو پئي منهن مونن ۾ هڻڻ سان به هاڻي قرار ڪونهي، وس کان بي وس ٿي پوڻ کان پهرين ٿاڪ مٽائجي نه ته ٿِڙڻ سان ٿوهر وجود وڌيڪ ڇلجي پوندو.

هي اٿيو پر دنبوري پنهنجو ورلاپ نه ڇڏيو ۽ هي آڳر مٽي پڌر تي آيو ۽ اتر منهن ڪري اڪيلو ويهي رهيو، جوڳي ۽ ڪوڪون ۽ جوڳڻ هن جي پُٺيان رهجي ويا، هن غفا ۾ ڏسي تارا ۽ انڌيرو تڪڻ بجاءِ ڪنڌ گوڏن تي لاڙي ڇڏيو، سوچون لهر لهر ٿي سندس هانءُ ۾ اٿڻ لڳيون، پر هن جوڳي کي ڪجهه به نه چيو.

هُو اتي ڪائي دير ايئن اڪيلو اڪيلو اداس نراس ويٺو رهيو، ڪُوڪن جو پڙاڏو وريو پئي ۽ هي اندر ئي اندر دُکيو ٺريو پئي ته ڪنهن ڇُهاءُ تي ڇرڪي پيو.

“اداس آهين؟”، اچڻ واري چيس.

هي ڪو جواب ڏئي نه سگهيو، هن پنهنجي بي ڪيف حالت هن پڌر تي نويڪلو ويهي گذارڻ پئي چاهي، هُو هن جي اڪيلائي ۾ ڪاهي آيو، هي حيرت اکين سان ايندڙ کي ڏسڻ لڳو، جنهن مُرڪي پڇيس؛ “اداس آهين؟؟”.

“مان ڦٽ کولڻ عيب ٿو سمجهان.”، هن ٿڌي آهه ڀري چيو، “۽ دارون نه سمجهي سگهندڙ اڳيان درد…”

“جوڳين جي جُوءَ ۾ اداس…!!”، اچڻ واري هن جي ڳالهه ڪٽيندي چيو.

“تون جوڳي آهين؟؟”، هن پُڇيو.

“مان روڳي آهيان”، اچڻ واري چيو، “جوڳي دارون ڪندڙ هوندا آهن”

“ها جوڳي دارون ڪندڙ هوندا آهن”، هن چيو.

“پر تون ڇو اداس آهين؟”

“مان اداس نه آهيان…”، هن هڪ نظر جوڳي کي ڏٺو ۽ چيائينس، “مان صحرا آهيان، رُڃ بيابان آهيان، منهنجو جوڳي منهنجو آگم آهي، منهنجو سانوڻ آهي.”

“پوءِ به اداس آهين تون”، جوڳي چيس.

“ها جوڳي وسي نٿو وڏ ڦُڙو ٿي، سانوڻ اچي نٿو مان اداس آهيان!!”

جوڳي مُرڪي چيو، “پوءِ پنهنجي جوڳي کي انهي جي دانهن ڏي”

“دل جون دانهون جوڳي پاڻ پروڙي ٿو”

“پڪ اٿئي؟؟”

هن گهوري جوڳي جي اکين ۾ ڏٺو ۽ پوءِ چيائين، “ها پڪ اٿم”

“جنهن جوڳي کي تنهنجي پروڙ آهي اهو تنهجو رُڃ ۾، سُڃ ۾، بحر، شهر ۾ جهر جهنگ ۾ تنهنجو هادي رهبر آهي تنهنجو هتي ڪهڙو ڪم؟؟”

“مان هتي ڪم سان نه آيو آهيان”

“پوءِ؟؟”

“مان هتي جوڳين ۾ پنهنجو جيءُ وڃائڻ آيو آهيان”

“جوڳين ۾ تنهنجو جيءُ وڃائجي ئي ويو آ”

جوڳي جي ڳالهه تي هي ڇرڪي پيو، ڪجهه ڪُڇي هن کي ڪجهه سمجهه ۾ نه آيو، سوچيندي هن ڪنڌ هيٺ ڪري ورتو ۽ چانڊوڪي ۾ واري جاچيندو رهيو، جوڳي هن جي ڀر ۾ ويٺو رهيو، خاموشي جڏهن گهر ڪري وئي هر طرف تڏهن جوڳي سانت ٽوڙيندي چيو، “ميار نه ڏبي آ من… هُو هر حال کان واقف اٿئي ۽ هر جاءِ حامي اٿئي!!”

هي ڪجهه ڪُڇي نه سگهيو ته بس مُرڪي پيو جو انهيءَ جوڳڻ جو سراپا سندس خيال ۾ اچي ويو ۽ پنهنجو بيابان من ڏسي هي چُپ ٿي پيو.

رات جو آخري پهر به گُذري ويو هو، ڪُڪڙن کان پوءِ مُلان به ٻانگ ڏئي عبادت گاهه مان وڃي چُڪو هو، هي اڃان پڌر ۾ ويهي واري تڪي رهيو هو، کيس خبر ئي نه هئي ته جوڳي نه ڄاڻ ڪهڙي پل سندس ڀر مان اٿي هليو ويو هو، پريان آڳر تي لُڇندڙ تنبورا به پکڙندڙ باک ۾ ٿڌا ٿي ٺري پيا هئا ۽ ڪُوڪون سُهائي ۾ وڃائجي خاموش ٿي ويون هُيون. هو ڪجهه سوچي مُرڪيو.

مُرڪ هن جي خُشڪ چپن تي ڦارون ڪري اڀري ۽ سُندر بڻجي وئي، پر هن جا سُڪل خُشڪ چپ ٺوٺ هئا، ٺوٺ ئي رهيا.

مُرڪڻ کانپوءِ هي اٿيو ۽ پوئتي مُڙيو، پر ذري تان ڪرندي بچيو جو اهائي جوڳڻ هن سان ٽڪرائجي وئي.

ان کان اڳي جو هي ڪجهه چوي جوڳڻ چيس، “اوهان اهي ساڳيا آهيو نه جنهن سان مان ڪلهه شام ٽڪرائجندي بچي هئس؟؟”

“ها…”، چئي سگهيو جي نه چئي سگهيو ته، “ها ساڳيو ئي آهيان جيڪو سدائين ٽڪرائجي ٽُڪر ٿيو هو!”

“مون رات به اوهان کي ڏٺو هو”، جوڳڻ چيو، “اوهان منهن مُونن ۾هڻي ويٺا هئا”

هن خالي اکين سان جوڳڻ کي ڏٺو جيڪا واريءَ تي ساڻس گڏ وِک کڻي رهي هُئي، پر هن ڪجهه به نه ڳالهايو.

“اوهين رات به ڏاڍا مون کي بيقرار ڏسڻ ۾ پئي آيا.”، جوڳڻ چيس.

هن ڪنڌ لوڏيو، پر ڪُڇيو ڪجهه به نه.

“مون اوهان جي تانگهه ڏٺي”، جوڳڻ چيو، “اوهان ڄڻ پيڙاءُ ۾ هُئا.”

“مون کي وڃڻو آهي!!”، هُن جوڳڻ جي ڳالهين جو جواب ڏيڻ بجاءِ پنهنجو رستو ٻُڌايو.

“ڪيڏانهن؟؟.”، جوڳڻ پُڇيس.

“خبر ناهي”، هن جوڳڻ جا نيڻ ڪٽورا ڏسندي چيو، “واريءَ جو پنڌ آهي”

جوڳڻ اداس ٿي پئي، هن مُنهن ٻي طرف ڦيري ورتو، جوڳڻ حيرت ۾ پئجي وئي، ڪي به لفظ جوڳڻ جي نِڙيءَ مان نه نڪتا، جوڳڻ هن کي پنهنجي ڀر ۾ پُٺيرو بيٺل ڪي پل خاموشي سان ڏسندي رهي ۽ پوءِ ڦِري سندس سامهون آئي، ڪي پل هن جو مُنهن چُپ چاپ ڏسندي رهي ۽ پوءِ جوڳڻ هن جو مُنهن پنهنجي ٻُڪ ۾ جهليو، ڪي پل هن جو چهرو پنهنجي ٻُڪ ۾ جهلي چتائيندي رهي ۽ پوءِ هن جا نيڻ چُمي هن جي منهن مان پنهجو ٻُڪ ڪڍي ڇڏيائين.

هن وک کڻڻ کان پهرين بنا ڏسڻ جي جوڳڻ کي چيو، “جوڳ جو جمال واريءَ جي پنڌ ۾ آهي”

جوڳڻ هن جي ڳالهه سمجهي وئي ته چيائين، “جمال جو ڪمال رتيءَ جي رهاڻ ۾ آهي!!”

هن جوڳڻ کي ۽ جوڳڻ هن کي حسرت سان ڏٺو پوءِ ٻئي پل هي اڳتي وڌي ويو پيچري تي، جيڪو ڀِٽ تان هيٺ لٿو ٿي واريءَ ۾.