ساڳيا نقش,ڪهاڻي

تهمينه مفتي

ننڊ مان هوءَ ڇرڪ ڀري اُٿي، نرڙ تي آلاڻ هئس، رئي سان اگهي ٿي، رجيل ڳٽا، وڍيل چپ ۽ ڪوڙيل مٿي سان، اکيون سفيد چرٻيءَ سان ڀريل، ڪونج ڳچيءَ جو روڙيل ماس، هوءَ هن جي خوابن ۾ اچي پئي، ڇو ته آخر ڇو؟ هن، هن جي تصوير هڪ ڀيرو اخبار ۾ ڇپيل ڏٺي هئي، هي چهرو ڀوائتو چهرو اوهه! اکيون بند ڪري ٿي، ٻه لڙڪ ڳٽن تان موتين جهڙا لڙي ٿا پونس، تن کي هٿ جي ترين سان اُگهي پاسو ورائي ٿي ڇڏي. اکيون بند ڪري ننڊ کي پرچائڻ جي ڪوشش ڪري ٿي. صبح جو اٿي ته اداس هئي، اکين اڳيان اهو ئي چهرو ڦري آيس، بي دلي سان ڊيوٽي لاءِ تيار ٿي، اسپتال جي (برنس) وارڊ جي (او پي ڊي) ۾ ماڻهن جي اچ وڃ آهي، هوءَ مريضن کي ڏسي رهي آهي، مريضن جي ڊگهي قطار آهي، هرڪو پنهنجي نمبر اچڻ جي انتظار ۾ آهي. اوچتو هن جي نظر مريضن جي لائين جي آخر ۾ بيٺل هڪ عورت تي پئي، جنهن جو اڌ چهرو، اڌ گهونگهٽ سان ڍڪيل هو، هڪ هٿ کي ٻئي هٿ سان لڪائڻ جي اُڻ تڻ، ڳريل زخمي نقش لڪي به لڪي نه پئي سگهيا. هوءَ عورت ڀت کي ٽيڪ ڏيئي بيٺي هئي، ڄڻ درد کي پيئي ٽيڪي. هوءَ پنهنجي واريءَ جي اوسيئڙي ۾ بيٺي هئي ۽ گهونگهٽ سان پگهر کي اُگهي پئي. هوءَ مريضن کي اُڪلائيندي پئي وئي، چٺ تي دوائون لکي ڏيندي پئي وئي، آخري عورت مريض ويجهو ٿي، هن کائنس ڪوبه سوال نه ڪيو، چٺ تي نمبر ڏسي هن جو اڌ پلو مٿي ڪري ڏٺو، ساڳيا مهانڊا جيڪي روز خواب ۾ ڏسندي هئي، ساڳيو چهرو هو، زخمي ۽ ڳريل سڙيل، خوف ۾ هوءَ اک ڀري هن کي ڏسي به نه سگهي، بدن ۾ سياندو اُڀري آيس، پرٻئي پل ۾ ايمرجنسي ڪال ڪري هن کي وارڊ ۾ داخل ڪرايائين ڪارروائي مڪمل ٿي، ٿڌو ساهه ڀريائين ڄڻ ٿڪ لاهي ڦٽو ڪيائين. گهر پهتي اندر ۾ خوش هئي، ٿڪاوٽ ڏاڍي هئس، بستري تي جيئن ئي ليٽي ننڊ کيس کنيو پئي وئي. وري وري ساڳيو خواب هڪ جهڙا مهانڊا، ڳريل، سڙيل، چرٻيءَ سان ڀريل اکيون، وڍيل چپ، هوءَ ڇرڪ ڀري اٿي ويٺي، هوا سان دريءَ جو پردو پئي کڄيو. هوءَ، ٻه ماڙ تان ٽپو ڏيئي خودڪشي نه ڪري’، اها ئي عورت، ساڳين نقشن واري، زخمي زخمي مهانڊي واري!.  

Leave a Reply

Your email address will not be published.