آواز،ڪهاڻي

زاهد ميراڻي

هُن پينشن جي پئسن ما ڪيئي مهينن تائين پئسا گڏ ڪري هڪ اڌوراڻو موبائل فون خريد ڪيو هو، کيس پوڙهي زال چيو هو، “گڏي جا پيءُ توکي موبائل جي ڪهڙي ضرورت آهي، هاڻي توکي ڪهڙا ڪاڄ اڀا ڪرڻا آهن؟”،

کيس چيوهيائين، “گُڏيءَ جي ماءُ، اسان جو ٻيو وري آهي ڪير سواءِ گڏي ۽ گڏيءَ جي ڪڏهن، ڪڏهن دل چوندي آهي ته ساڻن ٻه ٻول ڳالهائي دل جو بار هلڪو ڪيون، پر لڳي ٿو ته هيءُ اڌوراڻي موبائل فون ڪم نه ٿي ڪري، سڀاڻي ئي وڃي دڪاندار کي ڏيکاريندس” ٻئي ڏينهن هو موبائل فون جي دڪان تي آيو ۽ دڪاندار کي موبائل فون ڏيندي چيائين، “ابا، هي ته ڏسي ڏي لڳي ٿو خراب آهي”،

دڪاندار کائنس موبائل فون ورتي ته ائين لڳو ڄڻ دڪاندار سندس بدن مان هنيانءُ ڪڍي ورتو هجي، هُن ٿڌو ساهه ڀري موبائل دُڪاندار کي ڏني، جنهن موبائل فون جو معائنو شروع ڪيو، ۽ هي حسرت مان موبائل فون کي ڏسندو رهيو، هاڻي ڄڻ سندس وجود وسامي رهيو هو ۽ منهن تي نراسائي جا پاڇا لڙي رهيا هيس، ڪجهه منٽن بعد دڪاندار کيس چيو، “چاچا تنهنجو موبائل ته بلڪل ٺيڪ آهي” ائين چئي هُن کيس موبائل واپس ڪئي جيڪا هن ڏڪندڙ هٿن سان دڪاندار کان وٺندي کيس ويچارو ٿيندي چيو، “پوءِ ابا هُن ۾ گُڏي گڏيءَ جو آواز ڇو نٿو اچي؟”، سندس اهڙي جواب تي دڪاندار کيس خاموشيءَ سان ڏٺو ته هن پاڻ کي سنڀاليندي پنهنجي منهن ڀڻڪندي چيو،

“پوءِ هن موبائل ۾ گڏي گُڏيءَ جو آواز ڇو؟، نه ٿو، اچي اسان پوڙها انهن کان وسري ويا آهيون، هُنن ته ڄڻ جيئري ئي اسان کي ماري ڇڏيو آهي”، سندس اکين جي نيڻن جا بند ڀڄي پيا هُئا ۽ ڳوڙها ها جو سندس ڳلن کان ٿيندي چاپهُئين اڇي ڏاڙهيءَ ۾ گم ٿي ويا ٿي ۽ سندس چپ هاڻي چرڻ بجاءِ لرزي رهيا هُئا ۽ هو ڌيمي آواز ۾ چئي رهيو هو، “پوءِ هن ۾ گُڏي گُڏيءَ جو آواز ڇو؟ نه ٿو اچي”.

Leave a Reply

Your email address will not be published.