خاص

وزير اعظم اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪري رهيو آهي: رضا رباني

پ پ اڳواڻ سينيٽر رضا رباني چيو آهي ته وفاقي پارلياماني حڪومت ۾ پارلياماني احتساب هڪ اهم جز آهي. هڪ بيان ۾ رضا رباني چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته ڪنهن کي پارليامينٽ جي سامهون پيش ٿيڻ کان روڪي. هن چيو ته وزير اعظم کي اختيار ناهي ته پارليامينٽ ۾طلب ڪنهن شخص جي جاءِ تي ڪنهن ٻئي کي نامزد ڪري، نيب چيئرمين کي پيش ٿيڻ کان روڪي وزير اعظم پنهنجي اختيارن کان مٿانهون ڪم ڪيو آهي.