خاص

يوڪرين جنگ، عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ مھانگي

يوڪرين تي روس جي حملي کانپوءِ عالمي منڊي ۾ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 75 ڊالر في ٽن اضافو ٿي ويو. ٻه ڏينھن پھرين يوڪرين ۾ ڪڻڪ جي قيمت 325 ڊالر في ٽن ھئي جيڪا گذريل ڏينھن 400 ڊالر تي پھچي وئي. عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جي عدم استحڪام ۽ ملڪي پيداوار جي گھٽتائي جي حوالي سان خدشن سبب پاڪستان ۾ ڪڻڪ جي اوپن مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ جون گھٽجندڙ قيمتون ٻيھر وڌي سگھن ٿيون. ھن وقت پاڪستان ۾ 33 لک ٽن سرڪاري ۽ 4 لک ٽن ڪڻڪ جا تسلي بخش اسٽاڪ موجود آھن. جڏھن ته ملڪ ۾ ڪڻڪ اٽي جي قيمتن ۽ دستيابي ۾ استحڪام جو دارومدار نئين ڪڻڪ جي پيداوار سان لاڳاپيل آھي. ملڪي پيداوار ۾ ڪنهن گھٽتائي جي صورت ۾ ڪڻڪ جي امپورٽ پاڪستان لاءِ سخت چئلينج ھوندو.