ٽيلات راڻسنگهه سوڍو ڍاٽُ جو ڍَڪُ ۽ نٻڪيءَ جو نَڪُ! امر رائيسنگهه راجپوت
ڇُلي ڇَڏُ مَ ڇَپرين، ڏُلي ڇَڏُ مَ ڏيهه،
پَسي وَڻ وطن جا، وَڙڪيو اَچي ويهه،
سَڄڻ ۽ ساڻيهه، ڪَنهن اَڻاسيءَ وسري!
ٽيلات راڻسنگهه سوڍو ڍاٽُ جو ڍَڪُ ۽ نٻڪيءَ جو نَڪُ هو. هُو وطن سان محبت ڪندڙ اُھو باراني جاگيردار هو جيڪو پنهنجن هارين سان گڏُ هاريءَ ٿي هلندو هو. هُن ڪڏھن به ڪنهن هاريءَ کان اهو نه پُڇيو ته هيل سال اناج ڪيترو ٿيو. هاري هُن جا ٻچا هُئا. اُھي کيس پاليندا هُئا ۽ هُو پاڻ انهن کي پاليندو هو. هُو ساهڙيا سُوئڙ خاندان جو سپوت پُٽ هو جنهن کي دُعا پِٽ وارو هُدو سندس ڏاڏي اکيراج کان ست پيڙهيون اڳ مليو هو. هُن جي دعا پِٽ به هلندي هُئي. هن ڪڏھن به پرائي استري ڏي ميري اک کڻي نه ڏٺو هو. هُو گهوڙي سواريءَ جو شوقين هوندي به ٻار ويجاڙي کي ڏسي احترامن گهوڙي تان لهي پيادل هلندو هو. وٽس هزارين ايڪڙ جاگير هوندي به ڪڏھن ايئن نه چيو ته هي ٻني منهنجي آھي سدائين چوندو هو ته ”اي آپڻا کيتر اهين“
الست بربيڪم جڏھن ڪن پيوم
قالو بليٰ قلب سين تڏھن تت چيوم
تنهن وير ڪيوم وچن ويڙھيچن سين!
هي ويڙھيچاڻي وَچن جا پيڙھياتا پَنڌُ آھن، جن کي لمحن ۾ قطعي قيد نٿو ڪري سگهجي. هي اُھي تاريخ جا سُنهري باب آھن جن ۾ صدين جو سفر سمايل آھي. جن ۾ وطن جي واريءَ سان وفا جا ورق ملن ٿا. ٽيلات راڻسنگهه سوڍو هن ديس جو رسول حمزه توف هو. توڙي جو هن ڪوبه ميرا داغستان ته ناهي لکيو، پر هن جيڪا وطن لئه قرباني ڏني هُئي اهڙي رسول حمزه توف به نه ڏيئي سگهيو هو. ھُو هن وطن جي تَن تي هڪ اهڙو وفا جو تمغو هو جنهن کي سوڍڪي تاريخ صدين تائين سيني تي سجائي رکندي. هُو نٻَن سوڍن جو ٽيلي ڌڻي ٽيلات هو. جنهن جي هر حڪم کي لبيڪ چئي نه رڳو نٻا هن تان نثار ٿيندا هُئا، پر هر سوڍو هن جو وڏو آڌر ڪندو هو. هُو جنهن جي ڏرا ڏيئي ويل اکين جي ڪينجهر ۾ هن وطن سان وفا جو وچن ساهن جي آخري هچڪي تائين انڇر هو. هُو جنهن جي خاڪي پوئتي جي ورن ۾ هن ٿر ديس سان دل لڳيءَ جا ڪيئي دليل ويڙھيل هُئا. هن جي سفيد شھپرن جي وار وار ۾ راجپوتيءَ جا ڪيئي سِڌانت ونگيل هُئا. هُن وٽ ايتري پُونجي هُئي جو هُو چاهي ها ته اڄ هندستان جي ڪنهن ميٽروپوليٽن شھر ۾ حوا محل ٺھرائي حياتيءَ جا باقي ڏينهن ڀڳوان جي مالا جپي گُذاري ها، پر هن ايئن نه ڪيو. ڇاڪاڻ ته هن جي من ۾ وطن جي مٽي ماروي وانگي مهڪي رهي هُئي. ھُن پنهنجي ڏاڏا شري محبت سنگهه جي گواڙي مئو اکيراج جي سيمن کي سُڃو ڪرڻ نٿي چاهيو. هُن نه ٿي چاهيو ته ڪو سڀاڻي اچي اهو چوي ته محبت سنگهه جو پوٽو راڻسنگهه ٽيلات هن وطن کي ٽِڪو ڏيئي ويو آھي. وطن قرباني گهرندا آھن ۽ ھُن وڏي قرباني ڏيئي هن وطن جو قرض لاٿو آھي. راڻسنگهه پنهنجي سيني ۾ پاڻ گولي ته هڻي سگهي ٿو، مگر وطن کي سُڃو نٿو ڪري سگهي. ٽيلات وطن جي نرڙ تي ڳاڙھي تلڪ جيان سجايل هو ۽ آخري دم تائين پنهنجي وطن جي گگن تي پونم چَنڊ وانگي چمڪندو رهيو. پنهنجي ماتا جي ٿڃ جو صحيح حق ادا ڪيو آھي. هن پنهنجي سموري پريوار جو تياڳ ڪري وطن کي ترجيح ڏني. هن جو سڄو ڪٽنب هندستان ويو هليو، پر هُو نه ويو. هُن کي اڪيلو ڇڏي ويا، پر هُن آخري دم تائين پنهنجو پاڻ کي اڪيلو نه سمجهيو. هُو چوندو هو ته مون سان سمورو وطن گڏ آھي ۽ جنهن سان وطن گڏ ھوندو آھي ان کي وقت جي ڪابه ڀوڪنپ لوڏي ناهي سگهندي. وطن کان بنا ماڻهو بي پاڙي ول جيان هوندو آھي. راڻسنگهه پنهنجي اهل و عيال سان آخري ڀيرو الوداع هٿ لوڏيندي بس ايئن اهو چيو هو ته آئون جي هتان لڏي وڃان ٿو ته منهنجي ڌرا لڄي ٿي. آئون سڀ ڪُجهه ڪري سگهان ٿو، پر پنهنجي ڌرا لڄائي نٿو سگهان. ڇاڪاڻ ته هوءَ منهنجي ماءُ آھي ۽ ماءُ کي پُٽ ڪڏھن به ناهي ڇڏيندو. ”اي نه وڙ ويڙھيچن“ وطن قرباني گُهرندا آھن. اُھا قرباني راڻسنگهه جهڙو ڪو ڪو راڻو پُٽ ئي ڏيئي سگهندو آھي. هن ريگستان جي ريتيلن دڙن واري ڍاٽ خاطر پنهنجو ڍول پُٽ پرديس ۾ ڇڏڻ ته پسند ڪيو، پر پنهنجو ديس نه ڇڏيو. ”آئون ڪيئن ڇڏيان سومرا تن پنهنوارن پچار“ واري ڀٽائيءَ جي ڀيد کي صحيح طور سمجهندي ”پکن ۽ پنهنوارن“ ۾ ويهي رهيو. ماڻهو سڀ ڪُجهه ڇڏي سگهي ٿو، پر اولاد جو وڇوڙو برداشت نٿو ڪري سگهي، پر ٽيلات راڻسنگهه اولاد کان مٿي وطن کي ترجيح ڏني ان کان مٿي ٻي عظمت ڪهڙي ٿيندي؟ اهڙيون قربانيون ماڻهوءَ کي فقط افسانن ۾ ئي ملن ٿيون، پر هي ته روشن ڏينهن جھڙي حقيقت آھي جيڪا مَئُو جي مِٽيءَ ۾ ملي امرتا پائي ويئي آھي.
هُن حياتيءَ جو باقي حصو جيئڻ چاهيو ٿي هن ڌرتيءَ جي دل ۾.. هُن مرڻ چاهيو ٿي هن مٽيءَ ۾. هُن هر هر جنم وٺڻ چاهيو ٿي هن جند جهڙي سنڌ ۾. هُن چاهيو ٿي ته هن جون هڏيون هن ڌرتيءَ ۾ دفن ٿي ڪا شانتيءَ پراپت ڪن.
هُن کي جڏھن سندس موڀي پُٽ چيو ته ”ٻاپُوجي هلو هندستان هلون“ تڏھن هُن هڪڙو ٿڌو ساھ کڻي، اڇين مُڇين کي تاوَ ڏيئي چيو هو ”ڏڪرا منهنجو ته هاڻ جيئڻ مرڻ هن مروسٿل ملڪ سان آھي“
ايئن چئي هُو هڪ ٽُٻي ۾ پئجي ويو. شايد سوچي رهيو هو ته ڪيئن ڇڏيان اُھو وطن جنهن جي دڙن ۾ منهنجي ڄائي جون ڄرون دفن ٿيل آھن؟ ڪيئن ڇڏيان اُنهن مساڻن جي مٽيءَ کي جن ۾ منهنجن وڏڙن جا جسدِ خاڪي اگني سنسڪار ٿيل آھن؟ ڪيئن ڇڏيان اُنهن سيمن ۽ سيڙھن کي جن جي وڻ وڻ ۾ منهنجي روح جو ريشمي ڌاڳو وچڙيل آھي؟ آئون ڪيئن ڇِنان اُنهن رکين سان رشتا جيڪي اڄ به مون کي پنهنجو داتا ڪري مڃين ٿا. آئون اُنهن ارڙنهن يجمانن کي اڪيلو ڪيئن ڇڏي وڃان جن جون آسون منهنجي وجود سان وابسته آھن؟ ڇاڪاڻ ته آئون ست راجي سماج جي سونپيل سنگهاسن تي براجمان سوڍو آھيان. آئون ويندس ته منهنجي ڪوٽڙي سُڃي ٿي ويندي، اُها رتل رهاڻ ڦٽي ويندي جنهن ۾ امل ڪنسونٻا ڪري سينگوڙن جي سٽڪي سان کار ڀنڃڻا ڪيا ويندا آھن. جنهن رهاڻ جي رس ۾ چارڻ ڪوين جي ڪَٿيل دُوهن سان منگتا راجپوتن جي ريتن کي رنگ ڏيندا آهن.
امليان اُڏ مليان سيڻي هندا سيڻ
تجهه بن گهڙي نه چين آوي ولکا لاگين نيڻ
آئون ڪيئن وساريان اُن طائوس جي تنوار جنهن جي پُڪار تي سَحاب سر جهُڪائي پنهنجا شاور کولي ڇڏيندا آھن. آئون ڇو ڇڏي وڃان منهنجون سايون ٻنيون جن جي سيڙھن تي چرندڙ ڀٽارين جي ڳچين ۾ وڄندڙ چنگن ۽ چڙن سان گڏ منهنجي دل وڄي ٿي!
آئون سمجهان ٿو ته راڻسنگهه ٽيلات تي جيترو سترام بجير ڳالهائي سگهندو ايترو ڪير به نٿو ڳالهائي سگهي. ڇاڪاڻ ته هُن سڄي زندگيءَ سندس شيوا ۾ گُذاري آھي. هُو راڻسنگهه وٽ ٻچو ٿي رهيو هو ۽ کيس راڻسنگهه پڻ پنهنجي سڳي پُٽ حاڪم وانگي پنهنجي اکين جي پلڪن تي رکيو هو. اڄُ سترام بجير جي اکين جون پلڪون پنهنجي پتا سمان سوڍي جي وڇوڙي ۾ لُڙڪن سان وهنتل آھن. مون هُن کي پوتيا ٻَڌرائڻ واري رسم ۾ بي اختيار روئندي ڏٺو هو تڏھن جڏھن رڻڇوڙ سنگهه سوڍي کيس پوتيو ٻَڌرايو هو. سترام کي پوتيو ته ملي ويو، پر راڻسنگهه سوڍي وارو پيار سندس لُڙڪن سان گڏ وهندي چهري جي لڪيرن ۾ گُم ٿي ويو. راڻسنگهه جي وڇوڙي جو ڏُک ڇاهي اُھو سترام بجير جُون ڀنل اکيون ئي ٻُڌائي سگهن ٿيون. باقي راڻسنگهه جي ٻنين جي جوڙ ڪٽ ڪندڙ ماڻهن کي ڪهڙي ڪَل ته ٽيلات راڻسنگهه جي شخصيت ڪيتري بي مُلهه هُئي. جنهن کي وقت جو ڪوبه حاڪم خريد ڪري نه سگهيو، پر سترام بجير جي پيار هُن کي پنهنجو بڻائي ڇڏيو هو.
جب تڪ بِڪا نه ٿا تو قيمت ڪا پتا نه ٿا
تُو ني خريد ڪر مُجهي انمول بنا ديا!
سوڍن جي سور ويرتاھ کي سچي دل سان ساراهيندڙ ڪوي شڪتيدان ڪويا پنهنجي شاهڪار تخليق ”ڌرا سُرنگي ڍاٽ“ ۾ نٻن سوڍن جي ٽيلات ڪُل جي شان ۽ مان کي هن ريت بيان ڪيو آھي.
سوڍو محبت وچن سِڌ سُت ڀوپت سُڀياڻ
سلام ڪوٽ نَٻان سري جالم هر گهڻ جاڻ
(وچن پاريندڙ مُحبت سنگھ سوڍو ڀوپت سنگھ جو سُپاتر آھي. اسلام ڪوٽ نٻن جي نالي سان سُڃاتو وڃي ٿو. جالم سنگھ جي هر ماڻھو وٽ پنهنجي ڇاپ آھي)
محبت سُت چهنو مُدي پانچ پُتر تڻ پيک
سوڍو ٽيلات سُڀٽ ٻلونت نٻا وسيک
(محبت سنگهه جا پنج پُٽ آھن انهن ۾ موڀيءَ چهنسنگهه آھي جنهن جي پنهنجي ڏيٺ ويٺ آھي. اهوئي ٽيلات آھي. نٻن جي ڪُل جو ننگ رکندڙ آھي)
ڪنهن وقت ۾ ٿر جي هڪ وڏي حصي تي نٻن سوڍن جي حُڪمراني هُئي جنهن کي ”نٻڪيءَ“ چوندا هئا. اسلام ڪوٽ کان وٺي ڪيرٽي تائين نٻن جو ”جالنگ“ هلندو هو. نٻن ۾ جالم سنگهه، اڻند سنگهه ۽ محبت سنگهه تمام سپوٽ ٿي گُذريا آھن.
ٽيلات راڻسنگهه آخري وقت پنهنجي اباڻي ڳوٺ مئو اکيراج ۾ رهندو هو. پنهنجين ٻنين جي سارسنڀال ڪندو هو. سندس موروثي هارين جي هٿ جي پچايل ماني کائيندو هو. پريوار جي جُدائي هن کي جهوريو ضرور هو، پر ڌرتيءَ سان اٽُوٽ پريم ڀاونا جي ڪري غمگين هوندي به ڏاڍو خوش هو. راڄ ڀاڳ ۾ وڃي ماڻھن جا فيصلا به ڪندو هو. هُو راجپوتن جي روايتي شان امل ڪسونٻي جو به عادي هو ته دارون کي درپن ڪندي ساجن صحيح سُڃاڻڻ واري روايت کي به برقرار رکيو ايندو هو. خاڪي پٽڪي ۽ اڇي تريٽي وارو لباس پائيندو هو. هر سُپرٻي پرب تي پنهنجي اوطاري ۾ رهاڻ رچائي پنهنجي شاندار ريتن کي قائم رکيو آيو. دل جو صفا ڏاتار هو. آيل جو آڌر ڪرڻ هن جي سُگڻي عادت هُئي. وطن کي پنهنجو پريوار سمجهي اُن جي خوشيءَ ۾ پنهنجي خوشيءَ سمجهندو هو. هُن کي خوش ڏسي سنڌ هر وقت سرهي ٿيندي هئي.
وطن سان وفا جو هي نرالو نالو پنهنجي مِٽيءَ منجهه ملي آخرڪار 27 مارچ 2021ع جي صبحُ جو امرتا پائي ويو! جنهن جي نڪتل وئنڪوٽيءَ ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪري کيس انتم پرڻام جا گُل ارپڻ ڪيا هُئا.

