خاص

پاڪستان ان لاءِ ناهي ٺهيو جو هتي شريف ۽ زرداري ارب پتي بڻجي وڃن: وزيراعظم

وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو ٿيو ان تي مون کي شرمندگي ٿئي ٿي. اعتماد جو ووٽ حاصل ڪرڻ کان پوءِ وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته پنهنجي اتحادين جو دل جي گهرائي سان ٿورو ادا ڪريان ٿو. هر مشڪل وقت اتحادين منهنجو ساٿ ڏنو. مون کي اوهان ۾ هڪ ٽيم نظر آئي. اسان جي ٽيم مضبوط ٿيندي رهندي. ڪيترن ميمبرن جي طبيعت صحيح نه هئي، پر ان باوجود هنن شرڪت ڪئي. پارٽي جڏهن مضبوط ٿيندي آهي تڏهن ئي اها مشڪل وقت مان نڪرندي آهي. قوم پنهنجي نظرئي تان پوئتي هٽندي آهي ته مري ويندي آهي. وزيراعظم چيو ته اسان جي ليڊرشپ کي خبر هجڻ گهرجي ته پاڪستان هڪ عظيم خواب آهي، علامه اقبال جو خواب پاڪستان کي اسلامي رياست بنائڻو هو. پاڪستان ان لاءِ ناهي ٺهيو ته شريف ۽ زرداري ارب پتي بڻجي وڃن. سٺو لڳو ته اوهان سڀني کي سينيٽ چونڊن وارن نتيجن سان تڪليف پهتي. سينيٽ چونڊن ۾ جيڪو ٿيو ان سان مون کي به صدمو پهتو آهي. جيڪڏهن اها سٺي چونڊ هئي ته خراب اليڪشن ڪهڙي هوندي آهي. وزيراعظم چيو ته مون کي هڪ مهيني کان خبر هئي ته سينيٽ چونڊن لاءِ پئسا گڏ ڪيا پيا وڃن. ڳجهي بيلٽ جو مقصد حفيظ شيخ کي شڪست ڏيڻ هو. اليڪشن ڪميشن ايجنسيز کان بريفنگ وٺي. خبر پئجي ويندي ته هن اليڪشن ۾ ڪيترو پئسو هلايو ويو.