پاڪستان ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي، ايندڙ هفتي مارڪيٽ ۾ آڻڻ تي غور شروع
پاڪستان پنهنجي ڪورونا ويڪسين تيار ڪري ورتي آهي. ايندڙ هفتي ويڪسين مارڪيٽ ۾ آڻڻ جي پلان تي غور ڪيو پيو وڃي. پاڪستانين جي لاءِ وڏي خوشخبري، پاڪستان مقامي سطح تي ڪورونا ويڪسين ڪاميابي سان تيار ڪري ورتي. ويڪسين چيني ٽيم جي نگراني هيٺ پاڪستاني ماهرن تيار ڪئي آهي. ڪورونا ويڪسين صحت واري قومي اداري ۾ تيار ڪئي وئي آهي. جڏهن ته پهرين فيز ۾ سنگل ڊوز ڪين سائينو جا 1 لک 24 هزار ڊوز تيار ڪيا ويا آهن. مقامي تيار ڪيل ڪورونا ويڪسين ايندڙ هفتي استعمال جي لاءِ دستياب هوندي. ويڪسين جي ٻئين کيپ پاڪستاني ماهر تيار ڪندا. چيني ٽيم ويڪسين جي تياري ۾ پاڪستاني ماهرن جي مدد ڪئي.

