ڇا شگر جي مريضن کي هنداڻو کائڻ گهرجي؟
هنداڻو اهڙو ميوو آهي جيڪو گرمي ۾ جسم کي ٿڌو رکڻ ۾ مدد ڪري ٿو هنداڻو تمام مٺو ميوو آهي، پوءِ ڇا شگر جا مريض ان کي کائي سگهن ٿا يا نه؟ ڪيترائي ماڻھو پريشان آھن ته ڇا ھي لذيذ ميوو شگر جي مريضن لاءِ محفوظ آھي، شگر جي مريضن کي پنهنجي غذا ۾ محتاط رهڻ جي ضرورت آهي ته جيئن رت جي شگر جي سطح کي مستحڪم رکجي. ميون ۽ ڀاڄين واري غذا بلڊ شگر کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿي، پر ميون ۾ قدرتي مٺاڻ ۽ ڪاربو هائيڊريٽ پڻ شامل آهن. تنهنڪري انهن کي واپرائڻ ۾ خيال رکڻ ضروري آهي. طبي ماهرن موجب شگر جي مريضن کي پنهنجي رت ۾ گلوڪوز جي ليول کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ ان ڪري سندن غذا اهڙي هجڻ گهرجي، جيڪا ان ليول کي ڪنٽرول ڪري سگهي. تنهنڪري اهڙن مريضن لاءِ 15 گرام ڪاربو هائيڊريٽ ڪنهن به ميوي ذريعي جسم جو حصو بڻجڻ نقصانڪار ناهي. GIسسٽم ۾ هر کاڌي کي 0 ۽ 100 جي وچ ۾ هڪ نمبر ڏنو ويندو آهي، اهو نمبر جيترو وڌيڪ هوندو، رت جي کنڊ جي خارج ٿيڻ جي شرح وڌيڪ هوندي. هنداڻي جو GI اسڪور 72 آهي ۽ 70 کان مٿي ڪنهن به غذا کي اعليٰ GI غذا سمجهيو ويندو آهي، پر ماهرن موجب هنداڻي ۾ پاڻيءَ جي گهڻي مقدار جي ڪري ان جو جي آءِ اي اسڪور ڪنهن حد تائين گهٽجي وڃي ٿو، ان ڪري بهتر آهي ته ان جي جوس کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته شگر جا مريض هنداڻو کائي سگهن ٿا.

