ڊائري جا ورق سرمد کوسو August 2021
برساتون
- هر سال، جڏهن يونيورسٽين ۾ انٽري ٽيسٽ ٿيندي آهي ته اهڙيون ڳالهيون ٿيڻ شروع ٿي وينديون آهن. ڪڏهن نتيجا بدلايا ويندا آهن ۽ ڪڏهن وري ٽيسٽ به ٻئي دفعي ورتي ويندي آهي.
- جڏهن تعليم ۽ عِلم ڪاروبار بڻجي ويندو آهي، تڏهن اهڙيون ڳالهيون ٿينديون آهن. اِتان کان ئي شاگردن کي ڪرپشن تي هيرايو ويندو آهي. اها پرچار ڪئي ويندي آهي ته توهان کي بس ڊاڪٽر ۽ انجنيئر ئي ٿيڻو آهي. ان لاءِ توهان کي امتحان ۾ ڪاپي به ڪرڻي پوي ته ڪريو، امتحاني بورڊن مان پئسن تي مارڪون وٺو، سفارشون لڳرايو. تڏهن توهان انهي مهان ڪم ۾ ڪامياب ٿيندا.
- جڏهن ٻار جي نفسيات ئي اِها ٺهي ٿي وڃي ته اِهو ئي ڪاميابي جو طريقو آهي ته پوءِ هُو پنهنجي سڄي زندگي اِيئن گذاري ٻيون به مصنوعي ڪاميابيون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو.
- اسان جي سماج ۾ شاگردن اندر اِهو تاثر عام ڪيو ويندو آهي ته جيڪو ماڻهو ڊاڪٽر ۽ انجنيئر آهي، ان جي ئي عزت آهي، باقي ماڻهو ڄڻ عزت جي لائق ئي ناهن.
- پوءِ جڏهن ڪو شاگرد انهن پروفيشنل يونيورسٽين ۾ داخلا حاصل ناهي ڪري سگهندو ته سمجهندو آهي منهنجي دنيا اِتي ئي ختم ٿي وئي. هاڻي مون وٽ جيئڻ جو ڪو سبب ئي ناهي.
- اِن حالت ۾ ڪيترائي ٻار خودڪشي جي به ڪوشش ڪندا آهن.
- افسوس جو ان تمام وڏي مسئلي طرف ڪنهن جو به ڌيان نٿو وڃي، هرهڪ کي رڳو ڪاميابي جو فڪر آهي.
- ٽيسٽ ۾ ڪاميابي حاصل نه ڪندڙ شاگردن سان والدين، استادن ۽ سموري معاشري جو ورتاءُ عجيب هوندو آهي. ان شاگرد کي ڪير به پنهنجو ناهي ڪندو. ان شاگرد کي ڪير به همت ناهي ڏياريندو.
- ان ماحول ۾ پئسي وارا ماڻهو وري سيلف فنانس تي ٻارن کي داخلا وٺي ڏيندا آهن ۽ غريب شاگردن تي پنهنجي پئسي جو رعب ڏيکاريندا آهن. وري جيڪي ٻار سيلف فنانس تي داخلا وٺي پڙهي نڪرندا آهن ته اُهي پاڻ کي ڪنهن ٻئي گرهه جي مخلوق سمجهندا آهن. اِن سموري ٺڳي ۾ ويچارو محنتي غريب شاگرد ڀوڳي ٿو. جنهن جو ڪوبه ڌڻي سائين ڪونهي. ميرٽ جي نالي ۾ اهو مذاق سالن کان هلندو اچي.
- ماڻهن جي اڪثريت يا ته حقيقت کان اڻ واقف هوندي آهي يا وري حقيقت کان ڊڄندي آهي.
- مصنوعي شيون استعمال ڪري ڪري اڄ جو ماڻهو به پنهنجي مزاج ۽ رَوين ۾ مصنوعي ٿي پيو آهي.
- موسمن به ماڻهن جا مزاج بدلائي ڇڏيا آهن.
- ڌرتي تي رهندڙ ماڻهن لاءِ هن وقت، اِتي رهڻ ڏکيو ٿي پيو آهي.
- موسمن جا مزاج خوفناڪ بنائڻ ۾ اڄ جي انسان جو وڏو منفي ڪردار رهيو آهي.
- جڏهن ماڻهو جا عمل ۽ ڳالهيون رڳو ڏيکاءُ، منصوعي ۽ ڪم ڪڍڻ تائين محدود ٿي وڃن ته پڪ سمجهو سماج مجموعي طور مختلف سُورن ۾ جڪڙجي پوندو.
- موجوده صورتحال ۾ ماڻهو وڌي ويا آهن ۽ وسيلا گهٽجي ويا آهن.
- هن وقت مختلف محدود وسيلن تي ماڻهن جي جنگ جاري آهي.
- اڄ جي انسان جون همدرديون، محبتون، احساس ۽ پيار به مصنوعي ٿي پيا آهن.
- اڄ جي انسان کي حقيقت پسند ٿي، حقيقت کي تسليم ڪرڻو پوندو.
***

