بلاگ

کدڙا فقير آمنا شاهاڻي May 2021

ٻڌڻ، پڙھڻ، ڏسڻ ۾ سماج اڳيان ٽوڪ جي مثال بڻيل ٽئين جنس جنھن کي نه ماءُ پنهنجو ڪيو نه پيءُ، نه ڀيڻ نه ڀاءُ.

طوائف ۽ کدڙن کي سدائين غلط نگاھن سان ڏٺو ويو، پر انھن جي اذيت کي ڪڏھن ڪنھن محسوس ڪيو؟؟ انھن تي ٿيل ظلم ۽ جبر کي ڪنھن محسوس ڪيو؟؟ ڪير اسان مان انھن ڏي لڙي ويو؟

اسان جي معتبر سماج سندن تذليل ڪرڻ ۾ ڪا ڪثر ڪانه ڇڏي.

آئون عصمت چغتائي يا سعادت حسن منٽو ته ناھيان جو اگھاڙا سچ سماج آڏو رکان ھا، پر ھڪ ادنيٰ ڪوشش اٿم.

کدڙي فقير کي ايترو حق ناھي ته ھو ڪو ھوٽل کولي ھوٽل کولڻ ته پري رھيو ھو اتي چانھه به نٿو پي سگهي. کدڙا فقير ڪو ڪاروبار ته ڇا پڙھي تعليم به حاصل نٿا ڪري سگھن.

انھن تي آڱريون کڻڻ وارا سندن ڪلاس ميٽ سندن استاد محترم، انھن جي ڪاميابي جي آڏو وڏي رڪاوٽ ھوندا آهن. 

کدڙن وٽ به دل ھوندي، سندن محبت سندا جذبا هوندا. ڪيڏي نه حقارت جي نظر سان انھن کي ڏٺو ويندو آهي… پر افسوس ان معاشري تي جيڪي قدرت جي خلقيل انسانن تي ٺٺوليون ڪن ٿا. ھڪ ڀيري منهنجو وڃڻ ٻارن جي ڊاڪٽر ڏانهن ٿيو، ھڪ عورت پنهنجو ٻار ڊاڪٽر کي ڏيکاري رھي هئي ڊاڪٽر چيس ڇا نالو اٿس. افسوس سان ان امڙ بيزاري مان وراڻيو نه مائي نه مرد نالو وري ڇا رکان…؟

مون وري ڊاڪٽر کان پڇيو ان چيو اھو ٻارthird gender  هو اھڙا ڪافي واقعا آھن. ھڪ دفعي آئون شادي جي رسم ٻُڪيءَ ۾ ويل ھئس اتي ھڪ کدڙو فقير جھمر ڪندي روئي پيو سندس پڦي ان محفل ۾ ويٺل هئي پيار منجھان ان کي ڀاڪر پائي جام رنو خبر پئي ته ان کي پنهنجي پيءُ گھر مان تڙي ڪڍيو ھو. آڳاٽي زماني ۾ ڪنھن کي ٻار ٿيندو ھو ته حق سمجھي کدڙا گھرن ۾ ڪاھي پوندا هئا مراد وٺڻ لاءِ، ھاڻ ته اھي پروگرام پيا ڪن.

کدڙن جي جواني ۾ ھو ڪمائيندا آھن، جسم فروشي ڪري، رقص ڪري، سھرا چئي، پر پيريءَ ۾ اهي محتاج ٿيو وڃن، وٽن اھو حُسن ناھي رھندو پوءِ مڙھين ۾ ويھي سگريٽ جا ڪش ھڻندا ۽ پنندا آھن. مون ته اھو به ٻڌو آهي ته صحت جو شعبو جيڪو زندگي بچائيندو آهي اھو به کدڙن جو علاج ڪرڻ کان لنوائيندو آھي ته متان اسپتال تي خراب اثر پوي.

سوال اهو آھي ته معاشرو خدا جي خلقيل بندي کي ڪڏھن بخش ڪندو، ڪڏھن پنهنجن عيبن تي نظر ڌري ۽ ٻين کي جيئڻ ڏيندو. اسان هڪ محدود ۽ تنگ نظرياتي سوچ رکندڙ معاشري جو حصو آهيون، جتي شرافت جي اڇي چادر پائي هر اهو غليظ کان غليظ ترين ڪم ڪيو ويندو آهي، جنهن کان جانور به شرم محسوس ڪري ٿو. لفظ کدڙو وٺڻ سان يقينن اسان جي معاشري جا مهذب فرد کلي ڏيندا ۽ ڪنهن عام ماڻهوءَ کي ڪنهن کدڙي فقير سان ڏٺو ويو ته مٿس چٿرون ڪيون وينديون آهن. يار هي بيوقوف ڏسو هاڻي کدڙن جي صحبت ۾ وڃي اڙيو آهي.

کدڙا فقير به طوائف وانگر اسان جي لوساٽيل ديس جا بهادر ڪردار آهن، جيڪي هر طرح جا ظلم برداشت ڪرڻ کانپوءِ به لفظ ڪين ڪڇن. کدڙا فقير موسيقي ۽ رقص سان خدا جيتري محبت ڪندا آهن، اهي هر وقت فنڪار ۽ رقاصا ٿيڻ جي ڪوششن ۾ هوندا آهن، پر اسان جي معاشري ۾ اسلام جا جيڪي ٺيڪيدار آهن جن کان ٻيا ڪم ته ٿين ڪونه اچي اهڙن مظلومن تي ڪڙڪندا آهن ۽ فتوائون ڏيندا آهن ته ميوزڪ حرام آهي، رقص حرام آهي، پوءِ اهي ٽين جنس جي مخلوق آخر ڪري ته ڇا ڪري، جن کي گهر وارن کان پيار ملي ڪونه سگهيو، پاڙي وارا به سندن مٿان حوس اجهائڻ لاءِ آتا، آخر پوءِ اهي ويچارا ڪيڏانهن رخ ڪن، نيٺ سڀ چارا بند ڏسي پنڻ شروع ڪن ٿا، پر هتي ته معتبر سڏرائيندڙ معاشري جا چڱا مڙس به کين خيرات ته الله جي نالي تي ٿا ڏين، پر بدلي ۾ کانئن يا چميءَ جي طلب ڪندا آهن يا سندن نقلي ارهن سان ڇيڙ ڇاڙ ڪندا آهن يا وري سندن پويان هٿ لاهيندا آهن. ڪجهه ته اهڙا به ابن آدم آهن جيڪي کين سئو جو نوٽ ڏسي خالي ڪمري ۾ بند ڪري سندن مٿان پنهنجي وحشت جي باهه ڇنڊيندا آهن.

کدڙا فقير ڪيئن به هجن، پر سندن خماريل اکيون،گلاب جي پنکڙين جهڙا سنها چپ ۽ ڳاڙها ڳل حُسن جا اهڃاڻ ڀلي هجن، پر ڪنڊن جي ديس ۾ ڌنڌلا خواب رکندڙ، زماني کان هزارين شڪوائن جو روڳ رکندڙ ۽ جڳن کان صليب تي ٽنگيل ماڻهن جي نماڻين اکين ۽ اداس چهرن کي به پنهنجي سونهن هوندي آهي، پر معاشرو اهڙن ڪردارن کي صرف استعمال ڪرڻ تائين سندن گڏجڻ تي خواهش ظاهر ڪندو آهي.

ڪڏهن ڪنهن ان ڳالهه تي سوچيو آهي ته کدڙن جي جوڀن ڀري زندگيءَ کي ڪتن وانگر ڇيڇاڙيندڙ جڏهن اهي زندگيءَ جي بهار واري موسم مان خزان جي ڏهاڙن ۾ اچن ٿا. جڏهن زندگيءَ جي رنگن تي ڌاڙو لڳندو آهي ته پوءِ سوچي سوچي ڪجهه عرصي ۾ ماڻهو پنهنجي کوکلي وجود کي سماج جي ڊسٽ بن ۾ اڇلائي ڇڏيندو آهي. ايئن ئي کدڙا فقير به هڪ زنده لاش واري زندگي گهارڻ لڳندا آھن.

کدڙا فقير هن معاشري ۾ روزگار ڪن به ته ڪهڙو ڪن، اڄڪلهه جي ماڻهن کي رڳو وڏين خوبصورت آفيسن ۾ ويڪرا چشما پائي ويهندڙ پوڙهن ۽ پينٽ شرٽ ۽ ٽاءِ پائي هلندڙ نوجوانن اندر ئي ٽئلينٽ نظر ايندو آهي. جڏهن ته ٽئلينٽ فقط ڪتابن ۾ ناهي هوندو، زندگيءَ ۾ مشاهدو ڪرڻ وڏي ڳالهه هوندو آهي. ٽين جنس ۾ به ڪلا موجود آهي، پر ڪنهن به انڊسٽريءَ ۾ کيس جنس جي ڪري جڳهه ناهي ملي سگهندي.

هڪ کدڙو پنهنجي ڪٿا بيان ڪندي چوي ٿو ته مردار سماج اسان فقيرن کي روڊن تي پنڻ ۽ سيڪس ورڪر طور ڪمائڻ کانسواءِ ڪو پيشو اختيار ڪرڻ جو حق ئي نٿو ڏئي ۽ روزي روٽي ڪمائڻ جو ڪو قانوني طريقو به ڪونهي. جنم جي پهرين ڏينهن کان ذلتن سان پُر زندگي جو صحرا ٽين جنس جي ماڻهن جي آجيان ڪندو آهي. تعليم کان محروم، علاج کان محروم، روزگار کان محروم، ايتري تائين جو فقيرن کي هاڻي ڪرائي تي جاءِ به نٿي ملي. کدڙا فقير ڏٺو وڃي ته ٽين جنس آهن، پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن ۾ قسم ٿيندا آهن جن ۾ هڪڙا پيدائشي کدڙا هوندا آهن جن جو مردانو عضو ناهي هوندو يا ننڍو هوندو آهي. ٻيا هوندا آهن نربان کدڙا هي اهي کدڙا هوندا آهن جيڪي عمر جي ڪنهن حصي ۾ پهچي پنهنجو نازڪ عضوو ڪٽائي باقاعدگيءَ سان کدڙا بڻجي ويندا آهن ۽ ٻيا هوندا آهن مورت کدڙا جيڪي اڌ مرد هوندا آهن جيڪي شادي پڻ ڪندا آهن ۽ انهن کي ٻار پڻ ڄمندا آهن، پر سندن چال چلت هلڻ ڦرڻ کدڙن وارو هوندو آهي ۽ کدڙن جو نڪاح پڻ پڙهايو ويندو آهي. نڪاح وقت اهو چيو ويندو آهي ته “حقي تي حقا بنده تجهي قبول هي” ۽ پوءِ ٽي چڪر قبول آ قبول قبول آ چيو ويندو آهي، جيڪي پيدائشي کدڙا هوندا آهن ٽين جنس ۾ انهن جو مقام پوتر آهي ۽ اهي اڪثر ڪري مڙهي ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن، جيڪا عام سنڌيءَ ۾ سندن رهائش گاهه هوندي آهي ۽ اهي سيڪس ۽ پنڻ کان پرهيز ڪندا آهن ۽ اڪثر اسان ٻڌو آهي ته کدڙن جو جنازو ناهي ٿيندو. جناح جي ملڪ ۾ کدڙن جي حقن لاءِ 23 ڊسمبر 2009ع تي قانون به پاس ٿي چڪو هو، حڪومت حڪم جاري ڪري چڪي آهي، کين سڃاڻپ ڪارڊ به حاصل ڪرڻ جو حق ملي چڪو آهي، پر اڃان کين بنيادي حقن حاصل ڪرڻ ۾ شايد گهڻو وقت لڳندو، پر اميد آهي ته هڪ ڏينهن هن لاوارث بڻيل ڪردار سان قانوني طرح سان انصاف ڪري سماج ۾ برابري وارو رتبو به ڏنو ويندو.