ڪتاب تي تبصرو

”کُـلـم کُــلا“ RISHI KAPOOR لطيف گاد Aug 2020

جيتري ڀارتي فلم انڊسٽري پراڻي آهي اوترو ئي ڪپور خاندان جو انهيءَ سان واسطو پراڻو آهي. ڪپور خاندان ۽ ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جو سنگم 1928ع جي خاموش فلمن کان شروع ٿيو ۽ بنيادي طور پشاور سان واسطو رکندڙ هن خاندان جو لاڳاپو انهيءَ انڊسٽريءَ سان اڄ ڏينهن تائين ڪاميابيءَ سان جاري آهي. نون ڏهاڪن ۽ چئن پيڙهين تائين جاري رهندڙ انهيءَ سنگم کي ڪپور خاندان جي ٽين پيڙهيءَ جي مشهور اداڪار رشي ڪپور پنهنجي آتم ڪٿا “کُلم کُلا” ۾ تفصيلي طور بيان ڪيو آهي ۽ تقريبن هڪ صديءَ جي تاريخ کي سهيڙيو آهي جنهن جو پاڻ هاڻي جائزو وٺون ٿا.

رشي ڪپور پنهنجي آتم ڪٿا جي شروعات خانداني پسِمنظر کان ڪندي ڄاڻايو آهي ته سندس ڏاڏو پرٿوي راج ڪپور پهريون شخص هو جنهن 1928ع کان اداڪاريءَ جي ميدان ۾ قدم رکيو ۽ “سيتا” فلم ذريعي ڪاميابيءَ جي اڻ کٽ سفر جي شروعات ڪئي، جيڪو سندس خاندان پاران اڄ ڏينهن تائين جاري آهي. پرٿوي راج ڪپور پنهنجي فلمي ڪيريئر ۾ ڪيترائي يادگار ڪردار ادا ڪيا جن ۾ مشهور بلاڪ بسٽر فلم “مغلِ اعظم” ۾ دليپ ڪمار جي والد ۽ اڪبر بادشاهه جو ڪردار به شامل آهي. پرٿوي راج ڪپور کانپوءِ سندس پٽ راج ڪپور 1946ع ۾ “نِيل ڪمل” ذريعي فلمي دنيا ۾ قدم رکيو ۽ پيءُ کان به وڌيڪ مقبوليت ماڻي. راج ڪپور 40ع جي ڏهاڪي ۾ “آر ڪي” نالي پنهنجو فلم اسٽوڊيو به ٺاهيو ۽ انهيءَ جي پليٽ فارم تان ڀارتي فلم انڊسٽريءَ جون ڪيترون ئي يادگار فلمون “ آگ، برسات، آواره، آهه، بوٽ پالش، شري 420، جس ديش مين گنگا بهتي هي، ميرا نام جوڪر، سرگم، بوبي، ستيم شِوم سُندرم، ڌرم ڪرم، پريم روگ ۽ رام تيري گنگا ميلي” ٺاهي منفرد حيثيت حاصل ڪئي. رشي ڪپور پنهنجي ڪتاب ۾ راج ڪپور جي ٻن وڏن فلمي افيئرن جو ذڪر ڪيو آهي جن ۾ سنجي دت جي ماءُ نرگس ۽ وجنتي مالا جا نالا شامل آهن. نرگس پنهنجي دور ۾ راج ڪپور جي ڪيترين ئي فلمن ۾ سندس هيروئن بڻي هئي، پر هن “مدر انڊيا” فلم جي شوٽنگ بعد سنيل دت سان پرڻو ڪيو. وجنتي مالا ڪجهه وقت اڳ راج ڪپور سان افيئر جي ترديد ڪندي چيو هو ته راج ڪپور اهڙيون خبرون مشهوري ماڻڻ لاءِ لڳرائيندو هو، پر رشي ڪپور اهڙي بيان کي رد ڪندي چيو آهي ته سندس والد ۽ وجنتي مالا ۾ مشهور افيئر رهيو ۽ هو اکين ڏٺو شاهد آهي، پر افسوس جو والد جي دنيا ۾ نه هجڻ جو فائدو وٺي وجنتي مالا مٿس غير ضروري مشهوري جو الزام مڙهيو آهي. راج ڪپور سان گڏوگڏ سندس ٻين ڀائرن شمي ڪپور ۽ ششي ڪپور به بالي ووڊ فلم انڊسٽريءَ ۾ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي. شمي ڪپور ته مختصر عرصو مقبوليت ماڻڻ بعد 1965ع ۾ زال گيتا بالي جي وفات بعد مايوس ٿي ويو ۽ پنهنجو وزن وڌائي ڇڏيائين جڏهن ته فلمن ۾ به وڏي عمر وارا ڪردار ڪرڻ لڳو باقي ششي ڪپور وڏي عرصي تائين “ديوار، ڪڀي ڪڀي، ترشول، ڪالا پٿر، شان، ستيم شوم سندرم، نمڪ حلال، روٽي ڪپڙا اور مڪان، سهاگ” جهڙيون ڪامياب فلمون ڏيندو رهيو. اها ڳالهه اڪثر ڪري نوٽ ڪئي وئي آهي ته ڪپور خاندان جي سمورن فردن پرٿوي راج ڪپور، راج ڪپور، شمي ڪپور، ششي ڪپور، رشي ڪپور، رنڌير ڪپور ۽ ٻين عمر وڌڻ سان پنهنجو وزن به وڌايو آهي جنهن جي وضاحت هُن ڪتاب ۾ ڏيندي چيو آهي ته ڪپور خاندان جا ماڻهو گوشت کائيندڙ هندو آهن ۽ پشاور سان واسطو رکن ٿا جتي ماڻهو کائڻ پيئڻ جا تمام شوقين آهن ۽ هنن جي به رت ۾ کائڻ پيئڻ شامل آهن تنهنڪري فلم جي ضرورت ڪهڙي به هجي، پر هو کائڻ پيئڻ کان باز نه ايندا آهن تنهنڪري سندن وزن وڌي ويندو آهي ۽ ٻي ڳالهه ته سموري خاندان جا مرد شراب به جام واپرائيندا آهن ۽ اهو به وزن وڌڻ جو اهم سبب آهي.

راج، شمي ۽ ششي ڪپور کانپوءِ ٽين پيڙهي رنڌير ۽ رشي ڪپور جي روپ ۾ بالي ووڊ ۾ قدم رکيو. رنڌير ڪپور جي پهرين فلم “ڪل، آج اور ڪل” باڪس آفيس تي فلاپ ٿي وئي جنهن جو سبب هن 1971ع ۾ پاڪ ڀارت جنگ ڄاڻايو آهي. انهيءَ فلم ۾ ڪپور خاندان جي ٽن پيڙهين پرٿوي راج ڪپور، راج ڪپور ۽ رنڌير ڪپور ڪم ڪيو ۽ اهو بالي ووڊ اندر هڪ ئي خاندان جي ٽن پيڙهين جي ميلاپ جو پهريون تجربو هو. 1970ع ۾ رشي ڪپور چائلڊ آرٽسٽ طور “ميرا نام جوڪر” فلم ذريعي بالي ووڊ ۾ پير پاتو ۽ هيرو طور 1973ع ۾ “بوبي” فلم ذريعي مقبوليت ماڻي. اتفاق جي ڳالهه آهي ته رشي ڪپور، رنڌير ڪپور ۽ سندن ڀيڻ  ريڌيما 1955ع ۾ پنهنجي پيءُ جي مشهور فلم “شري 420” جي هڪ يادگار گاني “پيار هوا اقرار هوا هي، پيار سي ڦر ڪيون ڊرتا هي دل” جي هڪ منظر ۾ گڏ هڪ رستي تان گذرندي ڏيکاريا ويا آهن جنهن جو ذڪر هن ڪتاب ۾ به ڪيو آهي ۽ ان وقت رشي ڪپور جي عمر اڍائي سال هئي. جڏهن ته ان وقت رڪارڊ ڪيل اهو فلمي منظر کيس ياد به ناهي. رنڌير ڪپور جي فلمي ڪيريئر ايترو جٽاءُ نه ڪيو، پر رشي ڪپور وڏي عرصي تائين مقبول هيرو رهيو جنهن کي اهو اعزاز حاصل آهي ته هن 70ع کان وٺي 90ع واري ڏهاڪي تائين تقريبن هر نئين اداڪاره سان فلم ڪئي ۽ ٻئي ڪنهن به اداڪار هيرو طور ايترين مختلف اداڪارائن سان ڪم نه ڪيو آهي.

هن ڪتاب ۾ رشي ڪپور اهو اعتراف ڪيو آهي ته ڪيريئر جي شروعات ۾ سندس اميتاڀ بچن سان خاص نه لڳندي هئي، ڇاڪاڻ ته اميتاڀ به انهيءَ دور ۾ فلمي دنيا ۾ ڪاميابي ماڻي رهيو هو ۽ هو کيس پنهنجو مخالف سمجهي رهيو هو. انهيءَ دوران هن اميتاڀ سان ڪڀي ڪڀي ۽ امر اڪبر اينٿوني جي شوٽنگ باوجود کيس ويجهو نه ٿي سگهيو، پر پوءِ وارين فلمن جهڙوڪ نصيب ۽ قُلي ۾ سندن رابطا بهتر ٿيا. انهيءَ جو هڪ سبب رشي ڪپور اهو به ڄاڻايو آهي ته 1973ع ۾ جڏهن سندس فلم “بوبي” رليز ٿي ته ساڳئي سال اميتاڀ جي “زنجير” به رليز ٿي ۽ ٻنهي بي پناهه مقبوليت ماڻي، پر پنهنجي سيڪريٽريءَ جي مڇرائڻ تي رشي ڪپور فلم فيئر وارن کي 30 هزار رپيا ڏئي بهترين اداڪار جو ايوارڊ خريد ڪيو هو جنهن جي ڀُڻڪ شايد اميتاڀ کي پئجي چڪي هئي ۽ هو کيس مشڪوڪ نگاهن سان ڏسندو هو.

ڪتاب ۾ رشي ڪپور پنهنجي گهر واري نيتو سنگهه کان علاوه 70ع جي شروعات ۾ پارسي ڇوڪري ياسمين مهتا سان پيار جو اقرار ڪيو آهي، پر بوبي فلم جي ڪاميابيءَ بعد جڏهن رشيءَ جي دماغ ۾ هوا ڀرجي وئي ته اها ڇوڪري کانئس ڏور ٿي وئي ۽ سندس وڇوڙي کيس گهڻي وقت تائين بيحال ڪري ڇڏيو. ڊمپل ڪپاڊيا پاران راجيش کنا سان شادي ڪرڻ بعد سندس راجيش سان تعلقات به سٺا نه رهيا، پر 1980ع ۾ نيتو سنگهه سان شادي ڪرڻ بعد سندس حالتون بهتر ٿيون ۽ هن 1999ع ۾ پنهنجي پهرين ڊائريڪٽوريل فلم “آ اب لوٽ چلين” ۾ راجيش کنا کي اهم ڪردار لاءِ ڪاسٽ ڪيو. رشي ڪپور اهو به اعتراف ڪيو آهي ته 1980ع ۾ جڏهن سڀاش گهئي جي ٺاهيل فلم “قرض” گهربل بزنس نه ڪري سگهي ته هو ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو ۽ نيتو سان شاديءَ کي ان جو ذميوار قرار ڏيڻ لڳو ۽ زندگيءَ جي انهيءَ موڙ تي نيتو بردباريءَ سان کيس سنڀاليو ۽ گهر ٽٽڻ نه ڏنو.

پنهنجي فلمي ڪيريئر کي رشي ڪپور 1970ع کان 1999ع ۽ 2000ع کان 2017ع تائين ٻن اننگز ۾ ورهايو آهي. پهرين اننگ ۾ سندس سڃاڻپ هڪ رومانٽڪ هيرو واري رهي جنهن ۾ ڪيتريون ئي يادگار فلمون ڏنائين، پر ڪردار تقريبن هڪ جهڙا ئي رهيا باقي ٻي اننگ کي هن وڌيڪ يادگار قرار ڏنو آهي جنهن ۾ مختلف، چئلينجنگ ۽ انوکان ڪردار ادا ڪيائين جن کيس پهرين کان وڌيڪ مقبوليت به ڏني ۽ ايوارڊ به ڏياريا. ٻي اننگ ۾ جيڪي سندس پسنديده ڪردار آهن انهن ۾ “فنا، ڪپور اينڊ سنز، اگني پٿ، دو دني چار، اورنگزيب، اسٽوڊنٽ آف دي ايئر، ڊِي ڊي ۽ هائوس فل ٽو” شامل آهن.

فلمي دنيا ۾ پنهنجا بهترين دوست اداڪار جتيندر، راڪيش روشن، پريم چوپڙا ڄاڻايا اٿائين، پر وقت بوقت انهن سان به سندس جهيڙا ٿيا ۽ پوءِ اهي هڪٻئي سان پهرين وانگر ويجها نه رهيا. 80ع واري ڏهاڪي ۾ دبئي ۾ دائود ابراهيم سان ملاقات جو ذڪر ڪيو اٿائين ۽ وري اڍائي ڏهاڪن بعد هن “ڊِي ڊي” فلم ۾ دائود ابراهيم جو ئي ڪردار ادا ڪيو. سندس چوڻ آهي ته راج ڪپور، من موهن ڊيسائي، ناصر حسين ۽ راويل جهڙن هدايتڪارن سان گڏ ڪم ڪرڻ باوجود کيس رشيڪيش مکرجي، شڪتي سمانتا، گلزار ۽ باسو چيٽر جي جهڙن قابل هدايتڪارن سان ڪم ڪرڻ جو موقعو نه مليو. سندس چوڻ آهي ته فلم انڊسٽريءَ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ کيس روايتي اداڪارن وانگر ايتري جاکوڙ نه ڪرڻي پئي. ڇاڪاڻ ته سندس خاندان جون پاڙون اڳ ئي انڊسٽريءَ ۾ مضبوط هيون، پر ان باوجود سندس مسئلن جي نوعيت مختلف هئي ڇو ته ان وقت سندس هم عمر اداڪارائون نه هيون جن سان کيس ڪاسٽ ڪيو وڃي تنهنڪري شروعات ۾ سواءِ هڪ ٻن چهرن جي اداڪارائن جي چونڊ سندس فلمن لاءِ وڏو مسئلو بڻجي وئي. تنهنڪري هن پنهنجي پٽ رنبير ڪپور کي 26 سالن تائين فلمن ۾ قدم رکڻ کان روڪيو جيئن کيس اهي مسئلا درپيش نه اچن جيڪي کيس پيش آيا. ڪرڪيٽ سان چاهه هجڻ سبب سنيل گواسڪر، جاويد ميانداد، وسيم باري، وسيم اڪرم، شعيب اختر، ظهير عباس، مدثر نظر، اينڊريو سائمنڊز ۽ ٻين سان سندس سٺي دوستي رهي. ڪتاب ۾ “قُلي” فلم دوران اميتاڀ بچن ۽ پنيت ايسار وچ ۾ فلمبند ڪرايل منظر جو اکين ڏٺو احوال به پيش ڪيائين ۽ اميتاڀ جي زخمي ٿيڻ بعد ماڻهن جا حجوم ڏسي کيس سندس مقبوليت ۽ ماڻهن جي محبت توڙي اسٽارڊم جو اندازو ٿيو. ڪتاب ۾ هن ان ڳالهه جو به اعتراف ڪيو آهي ته پنهنجي پٽ رنبير ڪپور سان روايتي والدين وانگر سندس دوستاڻو رويو ناهي ۽ هو رڳو پيءُ پٽ وانگر رهندا آهن.

کلم کلا ڪتاب ۾ رشي ڪپور ڪيترن ئي رازن تان پردو کنيو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته ڀارتي فلم انڊسٽري ۽ ڪپور خاندان جي تاريخ سهيڙي آهي جيڪو ڪارنامو اڳ ڪنهن به انجام نه ڏنو آهي. سموري ڪتاب ۾ کيس ڪپور خاندان تي فخر ڪندي ڏٺو ويو آهي ته هي فلم انڊسٽريءَ جو واحد خاندان آهي جنهن پنهنجون چار پيڙهيون فن جي نالي ڪيون آهن ۽ سڀ کان وڌيڪ اداڪار توڙي اداڪارائون انڊسٽريءَ کي ڏنا آهن جن جو انگ 30 جي لڳ ڀڳ آهي ۽ چئني پيڙهين رڳو فلمن ۾ ڪم نه ڪيو آهي، پر سپر اسٽار جو مقام به ماڻيو آهي ۽ اهو سفر جيڪو پرٿوي راج ڪپور کان شروع ٿيو، راج ڪپور، شمي ڪپور، ششي ڪپور، رنڌير ڪپور، رشي ڪپور، راجيو ڪپور، ڪرشما ڪپور، ڪرينا ڪپور کان ٿيندو رنبير ڪپور تائين ڪاميابيءَ سان جاري آهي.