خاص

ڪاليجن ۾ ايس او پيز جا وڌيڪ بهتر انتظام ڪرڻا پوندا: سعيد غني

سنڌ جي تعليم واري وزير سعيد غني چيو آهي ته سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ ايس او پيز جي صورتحال بهتر نظر آئي آهي ۽ ڪاليجن ۾ وڌيڪ بهتر انتظام ڪرڻا پوندا. هڪ نجي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته اسان ايس او پيز جو جائزو وٺڻ لاءِ 15 تعليمي ادارن جو معائنو ڪيو آهي. سعيد غني چيو ته سرڪاري ۽ خانگي اسڪولن ۾ ايس او پيز جي صورتحال بهتر نظر آئي آهي ۽ صوبي جي ڪاليجن ۾ ايس او پيز تي عملدرآمد لاءِ وڌيڪ بهتر انتظام ڪرڻا پوندا. هن چيو ته هڪ اسڪول جي شاگردياڻي سيڙهيون چڙهندي ڪري پئي، واقعي جي تحقيق ڪئي ويندي جيڪڏهن اسڪول ذميوار هوندو ته سخت ڪارروائي ڪنداسين.