بلاگ

ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ وفاقي ڪميٽي، شهر جو مستقبل ۽ سنڌ لاءِ خطرا!

ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ وفاقي ڪميٽي، شهر جو مستقبل ۽ سنڌ لاءِ خطرا!

ڪَراچيءَ جي موجوده صورتحال هيءَ آهي جو دهشتگردي بند ٿيڻ جي باوجود روشنين جي شهر مان لاش ملي رهيا آهن. اُهي لاش ڪَنهن جي هٿان قتل ٿيل ماڻهن جا نه، پر سسٽم هٿان قتل ٿيل ماڻهن جا آهن، جن جو ٻن ڏينهن ۾ تعداد 14 ٿي ويو آهي. ڇنڇر ڏينهن 29 آگسٽ تي ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ته ٻوڏ جي پاڻيءَ مان وڌيڪ چئن ماڻهن جا لاش مليا آهن. ساڳي ڏينهن بجلي ڪرنٽ جي واقعن ۾ 3 ماڻهو فوت ٿي ويا. ان کان هڪ ڏينهن اڳ يعني 28 آگسٽ جمعي تي ڪراچي شهر ۾ بيٺل برساتي پاڻيءَ مان 10 ماڻهن جا لاش مليا ۽ ان کان هڪ ڏينهن اڳ يعني خميس واري ڏينهن 27 آگسٽ تي پيل ڀيانڪ برسات ۾ مجموعي طور تي 25 ماڻهو فوت ٿي ويا. هي چوماسي برساتن جو ستون سلسلو آهي، جَنهن نه صرف ڪراچي کي ٻوڙي ڇڏيو آهي، پر سَڄي لاڙ پٽ کي به لوڙهي ڇڏيو آهي، جتي ٺٽو ۽ سجاول ضلعا سخت متاثر ٿيا آهن. بدين ۽ ٽنڊي محمد خان ۾ به تباهي آئي آهي. ميرپورخاص، ٽنڊوالهيار، عمرڪوٽ ۽ سانگهڙ ۾ سوين هزارين ڳوٺ ٻُڏل آهن. ٿر ۾ ٻوڏ واري صورتحال ته ناهي، پر اُتي اُنهن فصلن کي سخت نقصان پهتو آهي، جيڪي گذريل برساتن دوران پوکيا ويا هئا. اَهڙي طرح سنڌ جي اُتر وارا ضلعا به سخت متاثر ٿيا آهن، پر اُتي سواءِ برساتي پاڻي بيٺل هُجڻ جي ۽ گندگي جي ٻيو وڏو مسئلو سامهون نه آيو آهي. ان جي ڀيٽ ۾ دادو ضلعو سخت متاثر ٿيو آهي، جتي ڪاڇي ۾ ٻيهر ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي ۽ هاڻي ان پاڻيءَ مان به ايئن ئي لاش ملي رهيا آهن، جيئن ڪراچيءَ ۾ بيٺل پاڻيءَ مان لاش ملي رهيا آهن. ڪراچيءَ جو ملير ضلعو سخت متاثر ٿيو آهي. پاڻ هڪ هڪ شهر ۽ هڪ هڪ ضلعي تي ڳالهائينداسين ته ڳالهه تمام ڊگهي ٿي ويندي، پر هن سَڄي صورتحال ۾ حيران ڪندڙ ماجرا هيءَ آهي ته ڪراچي سڄو ٻُڏي وڃڻ جي باوجود سنڌ حڪومت طرفان 28 آگسٽ جمعي ڏينهن هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪري صرف ملير ضلعي جي ٻن سب ڊويزنن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو. سنڌ حڪومت جي ان قدم تي جڏهن سخت تنقيد ڪئي وئي ته ٻئي ڏينهن يعني ڇنڇر 29 آگسٽ تي سَڄي صورتحال جو جائزو وٺي 20 ضلعن کي آفت سٽيل قرار ڏنو ويو آهي، جَنهن ۾ ڪراچيءَ جا ڇهه ئي ضلعا شامل آهن. هاڻي ڪراچي ۾ ستون ضلعو ڪياماڙي به ٺهي رهيو آهي، جَنهن جي منظوري پڻ ڏني وئي آهي، پر اڃا تائين ان جي حدن جو تعين نه ٿيو آهي ۽ انتظامي ڍانچو نه ٺهيو آهي، جنهنڪري ان کي شامل نٿو ڪري سگهجي. هي هڪ ٻي صورتحال آهي ته هڪ طرف ڪراچي کي وفاق جي هٿ هيٺ ڏنو پيو وڃي. بلڪه! ڏنو ويو آهي، پر نئون ضلعو به ٺاهيو ويو آهي، جيڪو ڌرتي ڌڻين يعني مقامي ماڻهن سنڌين ۽ بلوچن جي فائدي ۾ ٻُڌايو پيو وڃي، جَنهن تي ايم ڪيو ايم جون دانهون نڪري ويون آهن. پي ٽي آءِ به احتجاج ڪري رهي آهي ۽ پي ايس پي به ماتم ڪندي نظر اچي ٿي. ڪراچيءَ جي اصلوڪن رهواسين جو چوڻ آهي ته ملير ضلعو ٺهڻ وقت به ايم ڪيو ايم دانهون ڪيون هيون. لياري ضلعي جي قيام ۾ به اُنهن کي تڪليف هُئي ۽ ڪياماڙي ضلعو ٺهي رهيو آهي ته اُن تي به روئي رهي آهي. اهڙي طرح ڪراچيءَ جي ڏکڻ ضلعي ۾ پڻ سنڌي ماڻهن جو وڏو تعداد رهندڙ آهي. ڪراچيءَ جي اصلوڪن رهواسين سنڌين ۽ بلوچن جو چوڻ آهي ته اڃان به جيڪڏهن ڪراچيءَ هڪڙو ضلعو ٺاهيو وڃي ته انتظامي صورتحال بهتر ٿي ويندي ۽ ڪنهن به نسلي پارٽيءَ جي اُجاره داري ختم ٿي ويندي.

خير! هي ڳالهيون ايتريون آسان ناهن. هن سَڄي معاملي جي پويان نه صرف ڏيهي قوتن جي راند شامل آهي، پر عالمي قوتون به سرگرم نظر اچن ٿيون. ڪراچي هڪ اهڙو شهر آهي، جنهن کي نه صرف پاڪستان، پر ڏکڻ ايشيا جو “گيٽ وي” به چئي سگهجي ٿو ۽ مجموعي طور تي ڪراچي اسٽريٽيجڪ حوالي سان سَڄي ايشيا تي اثر انداز ٿيندڙ شهر آهي، جَنهنڪري هن شهر ۾ چين جي به دلچسپي آهي ۽ آمريڪا به دلچسپي رَکي ٿو. خود برطانيه جنهن نموني ايم ڪيو ايم جي باني کي پاليندو ۽ تاتيندو رهيو ته ان جا ارادا به اسان جي سامهون آهن. اُهوئي سبب آهي جو ڪراچيءَ لاءِ نئين صورتحال جڙندي نظر اچي رهي آهي. اُهو سڀ ڪُجهه تڏهن ٿي رهيو آهي، جڏهن سنڌ حڪومت ناڪام ٿي وئي آهي، جنهن جون واڳون پيپلز پارٽيءَ جي هٿن ۾ آهن. هيءَ پهرين حڪومت ناهي، هِن کان اڳ به پ پ جي حڪومت هئي ۽ اُن کان اڳ به پ پ جي حڪومت هئي. يعني پيپلز پارٽي سنڌ ۾ گذريل 12 ورهين کان مُسلسل حڪومت ڪري رهي آهي ۽ اُنهن حُڪومتن منجهان پهرين حڪومت جيڪا بينظير صاحبه جي شهادت کانپوءِ 2008ع جي چونڊن ۾ پ پ کي ملي هئي ته ان وقت وفاق ۾ به پيپلز پارٽي موجود هُئي، نه صرف وزير اعظم پ پ جو هو، پر صدر به پيپلز پارٽي جو هو، جيڪو آصف علي زرداريءَ جي صورت ۾ اقتدار تي موجود هو. ان جي باوجود پيپلز پارٽي ڪراچيءَ لاءِ ڪُجهه ڪري نه سَگهي. حالت هي وڃي بيٺي جو 2010ع ۾ جڏهن سنڌ ۾ تمام وڏي ٻوڏ آئي ۽ ٽوڙي بند توڙي مونارڪي بند ٽُٽڻ جي نتيجي ۾ لکين سنڌي ماڻهو لڏپلاڻ ڪري ڪراچي پهتا ته اُنهن کي رهائش ۽ پلاٽ وغيره ڏيڻ بدران آخر ۾ پوليس ۽ رينجرز ذريعي آپريشن ڪري لٺيون ۽ گوليون هلائي ڌرتي ڌڻين کي شهر مان نيڪالي ڏني وئي.

هي هڪ وڏو الميو آهي ته پيپلز پارٽيءَ مان وڏيون اميديون لڳايون ويون، پر اُها شهر کي صاف سٿرو رکڻ ۾ به ناڪام ٿي وئي. مڃون ٿا ته اُن وقت ايم ڪيو ايم به پ پ سان گڏ هئي ۽ هِن شهر تي ايم ڪيو ايم جو هميشه قبضو رهيو آهي، جَنهنڪري اُها به يقينن خراب صورتحال جي ذميوار آهي، پر پيپلز پارٽيءَ کي سنڀالي هلڻ کپندو هو. پ پ ۾ کوڙ اهڙا اڳواڻ آهن، جن جي وڏي حيثيت آهي ۽ اُهي ڪراچيءَ سان تعلق رکن ٿا، جَن ۾ رضا رباني، مرتضيٰ وهاب، سعيد غني، تاج حيدر ۽ ٻيا شامل آهن. اُن ڪري لازمي طور پ پ کي ڪراچيءَ لاءِ خاص پلاننگ ڪرڻ کپندي هئي ته جيئن عوام کي پَنهنجو ڪري سَگهجي ۽ ايم ڪيو ايم سان مقابلو ڪري سَگهجي، پر اهڙو ڪُجهه به نه ڪيو ويو. نتيجو هي نڪتو جو ايم ڪيو ايم جي خالي ٿيندڙ “اسپيس” تي پي ٽي آءِ قبضو ڪري ورتو ۽ پيپلز پارٽي دانهون ڪندي رهجي وئي. اهڙي طرح پ پ کي 2013ع جي اليڪشن ۾ پڻ سنڌ جو اقتدار مليو. اُن جي باوجود پ پ ڪراچي سميت سَڄي سنڌ لاءِ رُڳو صفائي سُٿرائي جو انتظام به ڪري نه سَگهي. سمورن حڪومتي کاتن خاص طور تي ميونسپل ادارن کي ڪرپشن جو آکاڙو بڻايو ويو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو عوام ۾ اُها راءِ مضبوط ٿي وئي ته هي حُڪمران ٻيو ڪُجهه ته ڪري نٿا سَگهن، پر مڇر ۽ رولو ڪُتا به مارائي نٿا سگهن. 2018ع ۾ چونڊون ٿيون ته سنڌ ۾ وري پيپلز پارٽي کٽي آئي. هِن ڀيري پيپلز پارٽي ڪنهن سان به اتحاد نه ڪيو ۽ ان اڪيلي سر حڪومت ٺاهي ورتي، پر ان جي باوجود معاملا صحيح نموني نه هلائڻ ڪري هاڻي هڪ اهڙي صورتحال جنم ورتو آهي، جنهن سان نه صرف سنڌ جي سلامتي خطري ۾ پئجي وئي آهي، پر خود پيپلز پارٽي وڏي مصيبت ۾ اچي وئي آهي.

حالت هي آهي جو خطرناڪ برساتن کانپوءِ وڏي وزير مراد علي شاهه پَنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته وزيراعظم رابطو ڪري مدد جي خاطري ڪرائي آهي، پر ايئن نه ٿئي جو مدد ڪرڻ بدران اختيار گُهريا وڃن. وڏي وزير جو هي خوف ٻڌائي ٿو ته هو ڪيترو دٻاءُ ۾ آهي. هي دٻاءُ اُن ڪميٽي جو نتيجو آهي، جيڪا ڪُجهه ڏينهن اڳ وجود ۾ آئي، جَنهن بابت سنڌ حڪومت پهرين اعتراف ڪيو ۽ پوءِ وري انڪار ڪيو. هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي وزير کي اسلام آباد گُهرائي مبينا طور “دٻڙاٽ” ڏنو ويو ۽ پوءِ هُن اعلانيه اعتراف ڪري ورتو ته وفاق سان گڏ هڪ ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جنهن کي “سهولتڪار ڪميٽي” جو نالو ڏنو ويو. ان کانپوءِ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب ان ڪميٽيءَ جو نالو “مشاورتي ڪميٽي” ڄاڻايو هو. هي هڪ اَهڙو قصو آهي، جَنهن تي کلي به سگهجي ٿو ۽ روئي به سگهجي ٿو.

هيءَ ٻن هفتن جي ڪهاڻي آهي، جيڪا آچر 16 آگسٽ کان شروع ٿئي ٿي. سنڌ حڪومت جي ترجمان جو هڪ بيان سامهون اَچي ٿو، جَنهن ۾ هو ٻُڌائي ٿو ته ڪراچيءَ جا معاملا هلائڻ لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، جَنهن ۾ پيپلز پارٽي، ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ جا ميمبر شامل آهن. مرتضيٰ وهاب ميمبرن جا نالا به ٻُڌائي ٿو ۽ اُهو به چَوي ٿو ته ڪميٽيءَ جو سربراهه وڏو وزير پاڻ هوندو. ميمبرن ۾ اسد عمر، علي زيدي، ايم ڪيو ايم جو امين الحق ۽ ٻيا شامل هوندا. ڪجهه دير کانپوءِ سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير ناصر شاهه جو بيان به سامهون آيو جنهن چيو ته ڪراچيءَ جا معاملا هلائڻ لاءِ وفاق سان گڏيل ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ان وقت سوشل ميڊيا تي باهه ٻَري وئي ۽ رات جو 12 هين وڳي ناصر شاهه پَنهنجو بيان بدلائي ڇڏيو، جنهن بعد ۾ چيو ته ڪابه ڪميٽي نه جوڙي وئي آهي. البته! پي ٽي آءِ ۽ ايم ڪيو ايم سان ڪراچي سطح تي اتحاد جون ڳالهيون هلندڙ آهن. 17 آگسٽ سومر جي ڏينهن وڏو وزير پاڻ ميڊيا جي سامهون اَچي ٿو ۽ هڪ ڌماڪيدار پريس ڪانفرنس ڪندي چوي ٿو ته سنڌ اسان جي ماءُ آهي. ان کي ٽُڪرا ڪرڻ جو سوچي به نٿا سگهون. ڪا به ڪميٽي نه ٺَهي آهي. وڏو وزير اُن پريس ڪانفرنس دوران آئين جو ڪتاب پنهنجي هٿن ۾ کڻي لوڏيندو رهيو ۽ چَوندو رهيو ته پَنهنجي آئيني اختيارن تي سوديبازي نه ڪنداسين. هڪ سوال جي جواب ۾ وڏي وزير جو چوڻ هو ته وفاق سان ڳالهيون ضرور ٿيون آهن، پر ڪابه ڪميٽي نه جوڙي وئي آهي. هاڻي 18 آگسٽ اڱاري جو ڏينهن اَچي ٿو ۽ اُن ڏينهن سنڌ جو وڏو وزير ڪرپشن جي هڪ ڪيس ۾ نيب سکر آڏو پيش ٿئي ٿو، جتي کانئس اوڌر تي ڏنل ڪڻڪ واري اسڪينڊل بابت پُڇاڻو ڪيو وڃي ٿو. جيئن وڏو وزير آڏي پُڇا مان آجو ٿي ٻاهر اچي ٿو ته ميڊيا سان ڳالهائيندي اعتراف ڪري ٿو ته ڪراچي بابت ڪميٽي جوڙي وئي آهي. ڳالهه رُڳو اُتي ئي ختم نٿي ٿئي. 19 آگسٽ اربع ڏينهن وڏي وزير کي هڪ ڀيرو ٻيهر اسلام آباد طلب ڪيو وڃي ٿو، جتي معاملا فائنل ڪيا وڃن ٿا. ميڊيا ۾ رپورٽ ٿيو ته جَنهن وزيراعظم هائوس ۾ وڏي وزير ۽ اسد عمر وارن جي گڏجاڻي هلي رهي هئي ته ان وقت وزيراعظم به هائوس ۾ موجود هو، پر هن سنڌ جي وڏي وزير سان ملڻ به گوارا نه ڪيو. هي تاريخ جو اُهو ڏينهن آهي ته هڪ طرف وفاقي وزيرن جي پيرن ۾ ارڙهين ترميم جو قتل ٿي رهيو هو. وفاق جي سنڌ ۾ سڌي مداخلت قبول ٿي رهي هُئي ته ٻئي طرف وري سنڌ ۾ پيپلز پارٽي جو احتجاج به جاري هو. ان وقت نفيسه شاهه ۽ عاجز ڌامراهه جي اڳواڻيءَ ۾ اسلام آباد پريس ڪلب آڏو مظاهرو ٿي رهيو هو. ڪراچيءَ ۾ نثار کهڙو ۽ ٻيا روڊن تي هُئا. حيدرآباد ۽ سَڄي سنڌ ۾ جيالا ۽ جياليون رستن تي موجود هُئا ۽ نعرا هڻي رهيا ته وفاق جي مداخلت قبول نه ڪئي ويندي، سازشون بند ڪيون وڃن.

حالت هي آهي ته جنهن ڪميٽيءَ کان انڪار ڪيو پئي ويو، اُن جو پهريون اجلاس ڇنڇر ڏينهن 23 آگسٽ تي ٿي گُذريو، جَنهن ۾ اَهم فيصلا ڪيا ويا ۽ خميس ڏينهن 20 آگسٽ تي سنڌ ڪابينا جو هڪ اجلاس ٿيو، جَنهن ۾ وڏي وزير ڪابينا ميمبرن کي ڪراچي ڪميٽي جي حوالي سان اعتماد ۾ ورتو ۽ اُن ئي اجلاس ۾ ڪياماڙي ضلعي جو فيصلو به سامهون آيو. هي ڪميٽي دراصل ڇنڇر 15 آگسٽ ۽ آچر 16 آگسٽ جي وچ واري گورنر هائوس ۾ ٿيل هڪ اجلاس دوران جوڙي وئي هئي، جنهن ۾ اين ڊي ايم اي جي چيئرمين جنرل محمد فضل خصوصي طور شرڪت ڪئي ۽ پوءِ جڏهن 23 آگسٽ تي ڪميٽي جو پهريون اجلاس ٿيو ته اُن ۾ اين ڊي ايم اي جو چيئرمين وڊيو لنڪ ذريعي شريڪ ٿيو. هاڻي صاف ظاهر ٿي چُڪو آهي ته 18 هين ترميم کي باءِ پاس ڪري سنڌ ۾ وفاق جي سڌي مداخلت قبول ڪئي وئي آهي ۽ هڪ اَهڙي ڪميٽي ٺاهي وئي آهي، جَنهن جا اجلاس به هلندڙ آهن، پر نوٽيفڪيشن سامهون نه آيو آهي. هي خود هڪ غير قانوني ۽ غير آئيني عمل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته نوٽيفڪيشن نڪتل آهي، پر ان کي ميڊيا ۾ نٿو آندو وڃي ۽ پبلڪ نٿو ڪيو وڃي. هيءَ هڪ خوفناڪ ماجرا آهي، پر حُڪمرانن کي ڪَنهن به ڳالهه جي پرواهه ناهي.

هتي هڪ ڳالهه واضح ڪندا هلون ته وڏي وزير کي رُڳو اربع ڏينهن 19 آگسٽ تي اسلام آباد نه گُهرايو ويو، پر اُن کان ڪُجهه ڏينهن اڳ 13 آگسٽ خميس ڏينهن پڻ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه اسلام آباد جي “پُراسرار ياترا” ڪئي هُئي ۽ پوءِ جڏهن ٻيهر اربع 19 آگسٽ تي هو اوچتو اسلام آباد پهتو ته اُن اجلاس کانپوءِ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر ميڊيا کي ٻُڌايو هو ته سنڌ ۽ وفاق ۾ طئي ڪيو ويو آهي ته ڪميٽي ڪراچي جي حوالي سان ڇهن معاملن کي ڏسندي. سڀ کان پهرين پيئڻ جي صاف پاڻي کي يقيني بڻايو ويندو. ٻئين نمبر تي گندي پاڻي جو نيڪال ڪيو ويندو ۽ گندي پاڻي کي ٻيهر استعمال لائق بڻايو ويندو. ٽئين نمبر تي ڪراچي شهر مان ڪچرو کڻايو ويندو. اسد عمر ميڊيا کي ٻُڌايو هو ته چوٿون نقطو اُهو آهي ته شهر ۾ صفائي ڪرائي ويندي ۽ ڊرينيج ۽ برساتي نالن تان قبضا ختم ڪرايا ويندا. پنجين نمبر تي ڪميٽي روڊن رستن جي تعمير جا معاملا ڏسندي ۽ ترقياتي ڪمن ۾ سامهون ايندڙ رُڪاوٽون ختم ڪندي ۽ ڇهين نمبر تي ڪراچي ۾ جن نالن تي قبضو ٿيل آهي انهن تائين قبضو ختم ڪرايو ويندو. هي سڀ ڪُجهه ٻُڌائي ٿو ته سنڌ ۾ وفاق جي هڪ اَهڙي مداخلت آهي، جيڪا نه صرف آئين جي خلاف آهي، پر خود سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جي خلاف پڻ آهي. ڇو ته هي هڪ گريٽ گيم جو حصو آهي، جَنهن سان ڪراچي شهر ۾ ته بهتري اَچي سَگهي ٿي، پر اُهو سڀ ڪجهه سنڌ جي آئيندي لاءِ خطرناڪ آهي، جنهن کي قبول ڪري نٿو سَگهجي. گڏوگڏ اُهو به وسارڻ نه گُهرجي ته جيڪو عمل سنڌ جي وحدت ۽ سلامتي جي خلاف آهي، اُهو مُلڪ جي بهتري لاءِ به نٿو ٿي سگهي. سنڌ صوبو پاڪستان جو بنياد رکندڙ آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ اُن جي جاگرافيائي حدن سان کيڏيو ويو ته اُهو مُلڪ لاءِ به خطرناڪ هوندو.

آخري ڳالهه ته اُن سَڄي معاملي ۾ وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پاڪستان عارف علوي مطمئن نظر اچن ٿا. ڪراچيءَ ۾ طوفاني برساتن ۽ ڀيانڪ تباهي کانپوءِ 29 آگسٽ ڇنڇر ڏينهن عمران خان پَنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته سنڌ حڪومت سان گڏجي ڪراچيءَ جا مسئلا حل ڪنداسين. سمورن ڊرينيج ۽ برساتي نالن جي صفائي ڪرائي ويندي. گند ڪچرو ختم ڪيو ويندو. پاڻيءَ جي نيڪال کي يقيني بڻايو ويندو. شهرين کي پيئڻ لاءِ صاف پاڻي ڏينداسين ۽ آبي گذرگاهن تان قبضا ختم ڪنداسين. اسد عمر ڇهن نقطن جي ڳالهه ڪئي هُئي، پر عمران خان ٽن نقطن جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ صدر پاڪستان عارف علوي چيو آهي ته صوبائي حڪومت ۽ وفاقي سرڪار جو هڪٻئي سان سهڪار سٺو سنئوڻ آهي، جَنهن جا مُثبت نتيجا نڪرندا. وفاق جو هي اطمينان ٻُڌائي ٿو ته سنڌ خلاف سازش ڪامياب ٿي وئي آهي!

(نوٽ: مضمون جو ليکڪ سينيئر صحافي ۽ روزاني “ڪوشش” جو ايڊيٽر آهي).