ڪهاڻي ديوتا ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ
يونيورسٽي ۾ گڏ پڙهندي، ڪيترائي دفعا هن جي ملاقات ڪاشف سان ٿي هو سندس ئي ڊپارٽمينٽ ۾ آيو هو. صبا هاسٽل ۾ رهندي هئي جتي ڇوڪريون يونيورسٽي مان اچي روز مره جي روئيداد بيان ڪنديون هيون، خاص ذڪر ته ڪيترن ڇوڪرن بابت هوندو هو مختلف افيئرز تي بحث ڪنديون هيون، کلنديون ۽ کلائينديون هيون. هوءَ پاڻ ته ڪنهن بابت ڪجهه به ڪونه پڇندي هئي، پر کيس سڀني بابت معلومات خود بخود ملي ويندي هئي. صبا سڀ ڳالهيون ساهيڙي فهميده کي ضرور ٻڌائيندي هئي. ڪاشف خوبصورت، قدآور، ڪجهه بُت ۾ ڀريل، نيرين اکين وارو کلمک، خوش مزاج نت نوان ڪپڙا پائي ٽويوٽا ڪرولا ۾ ايندڙ شاگرد سندس ئي ڊپارٽمينٽ جو هو جنهن جي نئين ماڊل جي ڪار ۽ اٿي ويٺي گهڻن کي گهائي ڇڏيو هو، تيئن خود کي ”راجا اندر“ سمجهي ڇوڪرين کي پاڻ ڏي متوجهه ڏسي، دوستن ۾ وڏا وڏا ٽهڪ ڏيئي ڪچهريون ڪندي آڏين اکين سان پيو اوسي پاسي نهاريندو هو ته جيئن کيس خبر پوي ته ڪير ڏانهس متوجهه آهي. سندس بي فڪريءَ وارا ٽهڪ هن جي خوش باش حياتيءَ جو تصور هر ڪنهن جي ذهن ۾ اوس آڻيندا هئا. لڳندو هو ته کيس حياتي ۾ ڪابه چنتا ڪونهي، پر وڏي ڳالهه ته پڙهائي جو فڪر به ڪونهي. انهيءَ ڪري سندس دوستي وسيع ٿيندي وئي. کارائڻ پيارڻ ۾ دل ڪشادي ۽ يارن جو يار هو. منجهس هڪ وڏي برائي هئي جيڪڏهن ڪابه ڇوڪري سندس معاملي به ٿوري به سنجيده ٿيندي هئي ته هو ساڻس دوستي ٽوڙي ڇڏيندو هو.
هاڻي هڪڙي ته ڇوڪري ٻيو وري نازڪ دل به هڪ هرجائي دلبر کي ڏيئي ويٺي جو ڪاميابيءَ سان کيس پنهنجي سحر ۾ گرفتار ڪري، پاسو ڪري، دل ٽوڙي ۽ منهن موڙي وڃي ته ڏوهه ڪنهن جو؟ هرڪو چوندو انهيءَ ڇوڪريءَ جو جنهن بيوقوف هڪڙي چلولي کي دل ڏني هاڻي پئي روئي ۽ بيمار ٿئي. حقيقت ۾ ڏوهه انهيءَ ڇوڪريءَ جو به ڪونه هو. ڪاشف جي شخصيت ۾ ئي ايتري ظاهري ڇڪ هئي جو جيڪا کيس هڪ دفعو ڏسندي هئي، بي قابو ٿي ويندي هئي. مٿان کيس وري ٻئي کي رام ڪرڻ ۽ ڳالهائڻ جو ڪو اهڙو ڏانءُ هو جو ساهيڙيون پلينديون هيون، پر اها ڇوڪري وڃي قابو ٿيندي هئي. ان ريت هن ٽي چار ڇوڪريون ته بيوقوف بڻايون جن کيس بد دعائون به ڏنيون ته ”خدا ڪري تون ڪڏهن به خوش نه رهين“ وري هرهڪ کي کلي چوندو هو ته مون ڪو واعدو ٿورئي ڪيو هو. مون ۾ پوءِ اميد ڇو رکيائين آئون ته کيس فقط هڪ دوست سمجهندو آهيان.
فهميده هڪڙي وچولي طبقي جي گهر جي معمولي شڪل صورت جي ڇوڪري سندس ڪلاس فيلو هڪ ٻه دفعا سخت گرميءَ ۾ پوائنٽ جي انتظار ۾ بيٺي هئي ته ڪاشف کيس گهر تائين پهچائڻ جي صلاح ڪئي ۽ ايئن هوءَ ٻه دفعا سندس گاڏيءَ ۾ مجبوريءَ ۾ ويٺي ۽ گهر جي ويجهو بس اسٽاپ تي لهي وئي. گهر تائين جي ننڍين سوڙهين گلين ۾ هن جي وڏي ڪار جو وڃڻ کيس ممڪن ڪونه لڳو هو ۽ نه چاهيان ئي ٿي ته هو ڪو سندس گهر به ڏسي. ڪاشف سان ڳالهين ۾ کيس گهڻو مزو آيو ۽ دل ئي دل ۾ ان کي دل جي ”ديوتا“ جو درجو ڏيئي ڇڏيائين. ڄڻ دل ئي دل ۾ سندس عبادت ڪندي هجي. کيس ماڻهن جون ڳالهيون ڪوڙيون لڳيون هوءَ سوچڻ لڳي ته هي ته اهڙو ٿي نٿو سگهي يقينن انهن ڇوڪرين جو ئي قصور هوندو. ڪاشف ته هڪ بي ضرر ۽ قربائتو شخص آهي. ان ريت سندن ملاقاتون ٿينديون رهيون. ڪاشف فهميده جي ذهانت ۽ هوشياريءَ کان گهڻو متاثر ٿيڻ لڳو ۽ کيس فهميده جو رک رکاءُ، قد بُت ۽ انداز متاثر ڪرڻ لڳو. هڪ دفعو ڪاشف کيس ڳالهين ۾ چيو ته، ”فهمي مون تي عاشق ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪجانءِ، اهو هڪڙو ڏکيو گورک ڌنڌو آهي آئون ان جو اهل ئي ڪونه آهيان انهيءَ ڪري سوچي ڇڏ جي مون سان عشق ڪيئي ته توکي ڇڏي ڏيندس!!“
هاڻي هوءَ کيس ڪيئن ٻڌائي ته سندس ته لئون لئون سندس محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي ۽ عشق جي باهه کيس ساڙي خاڪ ڪري رهي آهي، پر ٿڌو ساهه ڀري خاموش ٿي وئي. پنهنجي ساهيڙي صبا کي به ڪونه ٻڌايائين.
هڪ ڏينهن فهميده کيس مذاق ۾ چيو ته ”ٻڌ! ڪاشف جيڪڏهن آئون به يونيورسٽي جي ٻين ڇوڪرين وانگر تنهنجي جادوءَ ۾ اچي وڃان ته پوءِ“؟
”پهرين وڃي ڪنهن سٺي صابڻ سان ٻه دفعا منهن ڌوئي اچ پنهنجي معمولي شڪل ڏٺي اٿئي، پنهنجي اوقات تي غور ڪر، مون توکي فرينڊ ڪيو آهي ڇا اهو ڪافي ناهي!!“
فهميده جي منهن جا تاثرات برداشت جي حد کان نڪرڻ تي هئا ضبط ڪندي به اکين ۾ پاڻي اچي ويس ته به ٿڌڪار سان چيائين، ”ياد رک ايئن به ٿي سگهي ٿو ڪو وقت اهڙو اچي جو توکي منهنجي ضرورت پوي ۽ تون مون کان ڪجهه گهرين، آئون توکي ڏيئي نه سگهان.“
فهميده هڪ غريب خوددار ڇوڪري جنهن حياتيءَ جا انيڪ لاها چاڙها ڏٺا هئا، مزاج ۾ خاموش طبع، محنتي ۽ ذهين هئي. هن ڄاتو ته اهو ڏوهه ڪاشف جو ته ضرور آهي، پر گهڻو ڏوهه انهن ڇوڪرين جو آهي، جيڪي هن جي ٻاهرين ڏيک ويک تي قربان ويون آهن. هن جي بي انتها غرور کيس احساس ڏياريو ته اهڙي مغرور ماڻهوءَ کي سبق ضرور سيکارڻ گهرجي، پر في الوقت حالتن مطابق سندس وس ۾ ڪجهه به نه هو.
يونيورسٽيءَ مان ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ سڀ هڪٻئي کان جدا ٿي ويا. آخري ڏينهن تي ڪاشف پنهنجي شاديءَ جو ڪارڊ کڻي آيو، سڀني کي دعوت ڏنائين. فهميده کي ڪارڊ ڏيندي وڏي فخر سان ٻڌايائين ته هڪ وڏي سياستدان جي ڌيءَ سان هن جي شادي ٿي رهي آهي، کيس به شاديءَ ۾ شرڪت ڪرڻ جو گهڻو چيائين. هوءَ ڪارڊ هٿ ۾ جهلي نه ڄاڻ ڪيتري دير اڪيلي وڻ هيٺ بينچ تي ويٺي رهي ڄڻ سندس ڪا وڏي ملڪيت چورائجي ويئي هجي. نه شاديءَ ۾ ويئي نه ئي فون تي کيس مبارڪباد ڏنائين. کيس اهو اندازو ٿي ويو ته ڪاشف جو نالو سندس دل جي اونهاين ۾ لکجي ويو آهي. جڏهن ته هو سندس انهيءَ پريت کان بي خبر هو ۽ کيس هڪ پرخلوص دوست سمجهي هر ڳالهه ساڻس ڪندو هو. هوءَ به ڌيان سان ٻڌندي کيس ڪارائتا مشورا ڏيندي هئي، هو پڻ سندس صلاحن جو عادي ٿيندو ويو هو، سندس آفيس ۾ هليو ويندو هو. ماسٽر ڪرڻ کانپوءِ فهميده شهر جي وچ ۾ هڪ مشهور ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ مناسب پگهار تي ڪم ڪرڻ لڳي.
فهميده ڏينهون ڏينهن ايمانداري ۽ محنت سان ڪم ڪندي ترقي ڪندي وئي. سندس پگهار به سٺو ٿيندو ويو ته آفيس طرفان گاڏيءَ به مليس. ماءُ ۽ پيءُ کيس ايندڙ رشتن بابت قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا، پر هن پهرين ننڍين ڀينرن جي شادي ڪرائي. سٺي نوڪري عزت سندس شخصيت ۾ به هڪ خوبصورتي آڻي ڇڏي هاڻي هوءَ غريب ”فهمي“ نه پر ”ميڊم فهميده“ سڏي ويندي هئي.
ڀينرن جي شاديءَ کانپوءِ به جڏهن هن ٻيهر هڪ سٺي سڱ تي جواب ڏنو ته سندس ڀينرن ۽ والدين ڪافي پريشاني ظاهر ڪئي، پر کين ڪهڙي خبر ته هن ويچاريءَ جي دل تي ڇا ٿو وهي ڇا ٿو واپري. هوءَ ته ڪاشف جي وڃڻ کانپوءِ معطر ٿيل ڪمري جي فضا کي پئي سونگهي آسيس وٺندي هئي، پر مضبوط ايتري جو ڪنهن کي به پنهنجي چرئي عشق جي ڪل به نه پوڻ ڏنائين. ڪاشف پنهنجي شاديءَ جي شروع وارن ڏينهن ۾ ايترو ته مشغول هو جو هن کي ڪڏهن فون به نه ڪيائين، پر آهستي آهستي نئين شادي جو خمار لٿس ته واپس دوستن، مٽن مائٽن سان ملاقاتون ڪرڻ ۽ ڌنڌي تي ڌيان ڏيڻ شروع ڪيو. بزنس ته پڻس جو سندس لاءِ سيٽ ڪيل هو. وري جوڻس جي پيءُ به هٿ ونڊايو هڪ ڪارن جو شوروم وڌيڪ کولي ڏنائين، هاڻي ته پئسو ئي پئسو هو. ٿوري وقت ۾ محسوس ڪيائين ته نائلا سندس بزنس جي معاملي ۾ دخل اندازي ڪرڻ لڳي آهي. هن کي نائلا جي پڇا ڳاڇا ڏکي لڳڻ لڳي، کانئس بدظن ٿيڻ لڳو. هو هڪ آزاد منش ماڻهو، گهمندڙ ڦرندڙ ٿورا ڏينهن صبر ڪري وري عادت کان مجبور ٿي نين نين ڇوڪرين کي لفٽ ڏيڻ لڳو. هر وقت موبائل تي مشغول هوندو هو. نائلا کانئس بيزار ٿيڻ لڳي، هوءَ به قصوروار ڪونه هئي. هڪ نڪاح ٻڌيءَ زال کي توجهه ۽ وقت ڏيڻ مرد جو فرض آهي. هن به روز روز جي بحث کان تنگ ٿي ڪاشف کان طلاق ورتي ۽ پنهنجا بزنس ۾ ڦاٿل پئسا ڪورٽ وسيلي واپس ورتا.
هاڻي ڪاشف کي ڪنهن اهڙي فرينڊ جي ضرورت هئي جنهن سان حال اوري ڪا صلاح وٺي يا دل جو بار هلڪو ڪري. انتظار جي آس ۾ سڙندڙ فهمي ئي کيس سمجهه ۾ آئي جنهن وٽ پهچي اها طلاق واري ڌماڪي خيز خبر ٻڌايائين ۽ گڏ پنهنجو پاسپورٽ ميز تي رکندي اعلان ڪيائين ته هو وڌيڪ تعليم لاءِ آسٽريليا وڃي رهيو آهي. فهميده کي دل ۾ هڪ لحظي لاءِ خوشي ضرور ٿي ته اهڙي ماڻهو جي شاديءَ جو انجام ايئن ئي ٿيڻ گهربو هو، پر پنهنجي ٿڌي ۽ غير جذباتي نموني سان مٿس ڪوبه رد عمل ظاهر نه ڪيائين. همدرديءَ سان سندس سڀ ڳالهيون ٻڌندي هن فقط ايترو چيو ته ”خدا توکي خوش رکي!“ ڪاشف جي دل ۾ پنهنجي لاءِ ڪا ڪنڊ پاسو ۽ نرمي نه ڏسندي سندس اندر ۾ وڍ ضرور پوندا هئا، پر هن پنهنجي انهيءَ محروميءَ تي قابو ڪري ورتو هو. هتي ڪاشف آسٽريليا جي رنگينين ۾ مسرتون ۽ رعنائيون ماڻي رهيو هو. هن يونيورسٽي ۾ ته ڪئين اپسرائون هيون جن جي لاءِ هو پاڪستان مان ئي ڪشاده دل کڻي آيو هو، جن ۾ هڪ مس جيني به هئي. جهڙو هتي ديس هو اهڙو ئي ويس هو، هر پاسي عطر جي اوٽ لڳي پئي هئي. سو نه ڪا ڪيائين هم نه ڪا ڪيائين تم. جيني کي پنهنجي ويجهو آڻي ڇڏيائين. ايئن ئي ٻئي هڪ اپارٽمينٽ ۾ رهڻ لڳا. شادي ڪيائون گهميا ڦريا ڄڻ زندگي ته ڪاشف لاءِ جنت ٿي پئي. جيني جي هن جي بينڪ اڪائونٽ تائين پوري پهچ هئي. هوءَ پئسو ڪڍائيندي رهي. ڪاشف گهمڻ ڦرڻ ۾ پورو رهيو. ايترو هوشيار هوندي به جينيءَ جي لاءِ عشق جي انتها هوندي اعتبار ۾ دوکو کائي ويو پوءِ ته بس ڪاريءَ وارا ڪک بچيا. هڪ دفعي جو بينڪ بيلنس چيڪ ڪري ته اصل غش اچي ويس. مار! هيءَ آسٽريلين ڇوڪري ته ڏاڍي چالاڪ نڪتي. عدالت ۾ ڪيس ڪيائين، پر ڪيس الٽو سندس ئي ڪنڌ ۾ پيو. طلاق ڏيڻ کانپوءِ به سندس هر پئسي ۽ پراپرٽي تي زال جو اڌ حق هو.گهڻو ڪجهه قانون مطابق جينيءَ کي مليو. هيءُ هٿين خالي رهجي ويو.کيس پاڻ کي سنڀالڻ ۾ ڪافي وقت لڳو، پر ٻه نوڪريون ڪري پئسا ٺاهي ورتائين، پر دل جو ڌڪ نه وسريس. ٻاهرين ملڪ جو فون نمبر موبائل تي ڏسي فهمي سمجهي وئي ته اهو ڪاشف جو ئي فون ٿي سگهي ٿو. سندس من ۾ مانڌاڻ مچي وئي، هوءَ ڇا ڪري سگهي ٿي، نادان دل به هن جي وس ۾ ڪونه هئي. اهو آواز ٻڌي کيس سرور ملندو هو ۽ هو هن جي حالت کان بي خبر پنهنجو پاڻ کي مظلوم پيش ڪري همدردي حاصل ڪندو هو. سو جيئن ئي فون کنيائين ته ڪاشف جي عادت مطابق سندس آواز ۾ ڄڻ گهنٽيون وڄي رهيون هيون، هو ٻهڪي رهيو هو خوشيءَ ۾ ڄڻ هٿن مان پئي ويو. چوڻ لڳو کيس هن دفعي بلڪل پنهنجي پسند مطابق آئيڊيل ڇوڪري ملي آهي ۽ هن پڙهائي به مڪمل ڪري ورتي آهي کيس سٺي نوڪري به ملي آهي. هو جلد نتاشا سان شادي ڪرڻ وارو آهي. پهريون دفعو فهميده کي سندس ڳالهين بعد محروميءَ جو احساس شدت سان ٿيو، دل چاهيس ته چوان ”وڃي کڏ ۾ پئو منهنجو ميڄالو ڇو پيو کائين!!“ پر فطرت مطابق کارو ٿيڻ کيس نه آيو، سو چيائين ”تو لاءِ دعائون آهن جتي به هجين خوش هجين“
ڇهه مهينا مس ٿيا ڪاشف جو فون تي روڄ پٽڪو شروع ٿي ويو ته آئون بدقسمت آهيان نتاشا ته نشي جي عادي هئي گهر ئي ڪونه سنڀاليائين هر وقت ٻڏل ٿي هجي نه ماني ٺاهي ٿي ۽ نه مون کي ٺاهي کارائي ٿي. آئون نوڪريءَ تان اچان ته گهر ۾ ڪڏهن آهي ته ڪڏهن ڪونهي. مون خبر ورتي آهي ته هن جو ”ڊرگ مافيا“ وارن سان به واسطو آهي. انهيءَ لاءِ ڪم ڪندي هئي، هاڻي به انهن سان ملي ٿي. هڪ ڏينهن گهر آيس ته هڪ بدمعاش قسم جو ماڻهو ڊائننگ ٽيبل تي ويٺو هو ان سان ماني کائي بس ڪئي هئائين ان سان ئي بنا مون کي ٻڌائڻ جي گاڏيءَ جي چاٻي کڻي گهران نڪري وئي.
فهميده ٿڌو ساهه ڀري ڏک سان چيس ته ”ڪاشف تون هميشه غلط عورتن جي چونڊ ڇو ٿو ڪرين؟ پر خود غرض، لالچي ۽ حسن پرست ڪاشف کان ڪو جواب ڪونه اڪليو. چند ڏينهن ئي گذريا فهميده ڪاشف جي سورن کي ذهن تان لاهي ڇڏيو هو. سندس هڪ يونيورسٽي فيلو آفيس جي ميٽنگ ۾ مليو هن کيس اڳ ۾ ڪڏهن ڪونه ڏٺو هو. پڇڻ تي خبر پيس ته هن هاڻي ئي هتي ڊيوٽي جوائن ڪئي آهي. ٻئي ملي ڏاڍا خوش ٿيا. پراڻيون يادون ذڪر ڪندي هڪٻئي کي گهر اچڻ جي دعوت ڏنائون. اسماعيل کيس ٻڌايو ته هن جي زال شاديءَ جي هڪ سال کانپوءِ ڊليوريءَ دوران فوت ٿي چڪي آهي ۽ چار سال ٿيا آهن هن ٻي شادي ڪونه ڪئي آهي. هفتي کن کانپوءِ اسماعيل کيس پنهنجي لاءِ شاديءَ جي آڇ ڪئي. فهميده فيصلو ڪرڻ ۾ ذرو به دير نه ڪئي ڏٺائين ته هوءَ به اسماعيل وانگر اڪيلي آهي ۽ هڪ اهڙي شخص جي آس لڳائي نراس پئي ٿئي جنهن جي نظر ۾ زندگي رانديڪو آهي، نه فقط پنهنجو پر ٻين جو به جيئڻ جنجال ڪرڻ وارو آهي، هن کيس ڇو پنهنجي دل ۾ آباد ڪيو. ڪاشف جي يادن ته کيس برباد ڪرڻ ۾ ڪا ڪسر ڪونه ڇڏي، هو ته شادين جي هيٽرڪ ڪرڻ ۾ پورو آهي، فقط پنهنجي دل جو بار هلڪو ڪرڻ لاءِ کيس استعمال ڪري ٿو، ڪڏهن پڇيو اٿس ته ”فهمي تون ڪيئن آن! ڪاشف! آئون شروع کان ئي هن جي لاءِ نه سوچيان ها.“ ان ريت هوءَ مضبوط ارادي سان اسماعيل جي حق ۾ فيصلو ڪري مطمئن ٿي وئي ۽ رات جو سڪون جي ننڊ ڪيائين. شاديءَ جي ڪجهه وقت کانپوءِ هوءَ آفيس آئي خوب خوش ۽ هشاش بشاش پئي لڳي، سڀني سندس سٺو آڌر ڀاءُ ڪيو. پاڻ به ڪاشف جي عشق واري جذباتي طوفان مان نڪري حقيقت پسنديءَ جي اک سان دنيا کي ڏسي رهي هئي. ايترو عرصو ويران ۽ اڪيلائيءَ واري زندگيءَ جي عذاب کي ڪيترو مشڪل سان ڀوڳيو هئائين. ماءُ پيءُ به سندس شاديءَ جي آس دل ۾ کڻي دنيا مان هليا ويا.
آفيس جي ميز تي ڪافي فائلون گڏ ٿي ويون هيون. هوءَ خيالن مان نڪري هڪدم ڪم کي اڪلائڻ لڳي. ٻه ڏينهن مس گذريا کيس پٽيوالي اچي ٻڌايو ته ڪو ڪاشف نالي ماڻهو توهان سان ملڻ آيو آهي. کيس حيراني به ٿي جو ڪاشف کي آسٽريليا وئي چڱا سال گذري چڪا هئا. اڳي جيان به سندس دل جو ڌڙڪو بي ربط ٿيو ۽ نه ئي هن جي خوشبوءَ سندس نڪ کي اهو واس ڏنو جنهن جي پاڻ تمنا ڪندي هئي. ڪاشف کي ڏسي کن پل لاءِ هوءَ عجب ۾ پئجي وئي، هو ڪنهن به لحاظ کان ساڳيو ڪاشف ڪونه لڳي رهيو هو. هڪ شڪست خورده، منجهيل، ٽٽل ڦٽل ۽ منهن تي گهنج، وزن به ڪريل، رنگ صفا مرجهايل موڳو ماڻهو پئي لڳو. هن کيس ويهڻ جو چيو ڪاشف بنا ڪنهن تمهيد جي کيس چوڻ لڳو ”فهمي آئون ٿڪجي پيو آهيان، مون کي تو کان وڌيڪ ڪير به نٿو سمجهي سگهي، پنهنجو سالن جو ساٿ آهي، آئون تو وٽ ذهني سڪون ۽ خوشيءَ لاءِ سوالي ٿي آيو آهيان مون کي مايوس نه ڪجانءِ، مون سان شادي ڪندينءَ؟“
فهميده ڏک مان ڏانهس نهاريندي وراڻيو، ”ڪاشف توکي ياد آهي تو مون کي چيو هو ته ٻه دفعا صابڻ سان منهن ڌوئي پنهنجي اوقات تي غور ڪج“ مون تنهنجو ته به وڏو انتظار ڪيو، پر هاڻي منهنجي شادي گذريل هفتي ٿي چڪي آهي. مون توکي چيو هو ته تون مون وٽ ضرور ايندين، پر آئون توکي ڪجهه ڏيئي ڪونه سگهنديس، سو منهنجي منهن مان نڪتل اهي لفظ ڪي واقعي قبوليت جي گهڙيءَ جا هئا واقعي آئون توکي ڪجهه به نٿي ڏيئي سگهان، شايد آئون هارجي به کٽي وئي آهيان. ڪاشف جا ته ٺپ ئي ٺري ويا، هو پنهنجي دير سان ڪيل فيصلي تي پڇتائيندو، پشيمان ۽ ملول منهن سان، ڳريون ڳريون وکون کڻندو سندس آفيس مان چپ چاپ نڪري ويو.
***

