ڪيلي جي کل ليکڪ: ٽالسٽاءِ ترجمو: انجنيئر عبدالوهاب سهتو
17 فيبروري
1928ع جي رات جو، نواب ڇٽن واھ جو ڪنارو وٺيو پئي ويو ته ھڪ ڪيلي جي کل تان، جيڪا نه ڄاڻ ڪنھن نڀاڳي اتي اڇلي ھئي، پير ترڪيس ۽ نواب عالي قدر جن واھ منجھ وڃي ڌوڙيو ڪيو. ٿورو 17 فيبروري 1928ع جي رات کي ڌيان ۾ رکجو. جيڪڏھن بلرام ۽ شيخ شبراتي، ٿڏي تي موجود نه ھجن ھا ته دنيا نواب ڇٽن کي نيري محل واري مرحوم نواب ڇٽن جي نالي سان ياد ڪري ھا. ھاڻ ٻڌو ته شيخ شبراتيءَ نواب ڇٽن جي جان ڪيئن بچائي.
چون ٿا ته جڏھن شيخَ، جيڪو واھ ڀرسان گذري رھيو ھو، پاڻيءَ منجھان بوڙيا نڪرندي ڏٺا ته رڙ نڪري ويس؛ ”اڙي! ھي ڇا؟“
ھوڏانھون نواب ڇٽن پڻ رڙ واڪو ڪيو؛ ”اڙي! بابا! بچايو! مان ٻڏس.“
شيخ شبراتيءَ، چوغو لاھيندي چيس؛ ”يار! اڃان نه ٻڏجانءِ! مان پھتس!“
شيخ، واھ ۾ ٽپو ڏيندي ئي، نواب کي ڄنڊن مان ورتو. چوڻ لڳس؛ ”تون به ٿاڦوڙا ھڻ! توکي ترڻ اچي ڪونه ٿو. مون کي ڌڪ نه ھڻ، ھٿ پير ھڻ!“
مطلب ته شيخ شبراتيءَ، نواب ڇٽن کي ڇڪي تاڻي ڪناري تائين پھچايو. ليڪن ڪناري تائين پھچڻ کان اڳي، نواب صاحب کي ان ڳالھ جو احساس ٿي چڪو ھو ته اگر ھيءُ ھمراھ اڄ ھتي نه ھجي ھا ته پاڻ مرحوم پيءُ رفيع الشان وٽ پھچي چڪو ھجي ھا. تنھنڪري ڪپر تي پھچندي ئي چيائينس؛ ”يار! جيڪڏھن تون ايئن واھ ۾ ٽپو نه ڏين ھا ته مان ته پورو ٿي چڪو ھئس.“
شيخ شبراتيءَ چيس؛ ”اڄ وڌيڪ کائي ويو ھئين ڇا؟“
نواب، ان ڳالھ جو ڪوبه جواب نه ڏنس. ھيڏي ھوڏي لؤڻا ھڻندي پڇيائينس؛ ”اڙي ڀاءُ! تو منھنجي عينڪ ته ڪانه ڏٺي آ؟“
”اڙي يار! ھن حالت ۾ به توکي عينڪ جي ڳڻتي ورائي وئي آ. پاڻ ڏي ته ٿورو ڏس! سڄي پوشاڪ اُڊڙندي پئي وڃئي.“
”ڳالھ ته ٺيڪ آ، ليڪن مون کي سمجھ ۾ نٿو اچي ته مان واھ ۾ ڪريس ڪيئن؟“
”لڳي ٿو ته ڪنھن شيءِ تان تنھنجو پير ترڪيو آھي.“
”نيٺ، ڪنھن تان؟“
شيخ شبراتيءَ ھيڏي ھوڏي واجھائيندي چيس؛ ”ملي وئي!“
”منھنجي عينڪ!“
”جھنم ۾ وڃي تو واري عينڪ، مون کي ته اھا ڪيلي جي کل ملي آ، جنھن تان تنھنجو پير ترڪيو ھو. ھاڻ منھنجي صلاح آ ته سڌو گھر ھليو وڃ. ڪپڙا لاھي سمھي پئو. اگر ٿوري برانڊي ملي وڃئي ته اڃان سبحان الله.“
”نڀاڳي برانڊيءَ جي ته سڄي خرابي آ. اگر اڄ ٿوري سرس نه پيتل ھجي ھا ته ڇا مون کي اھا ڪيلي جي کل نظر نه اچي ھا؟“
”تون رھين ڪاٿي ٿو؟“
”مان ڀر ۾ ئي رھان ٿو. اچ ته ھلون!“
”اڙي يار! مان تنھنجو نالو به نٿو ڄاڻان.“
”منھنجو نالو شبراتي آھي، شيخ شبراتي.“
”عجيب ڳالھ آ، مون تنھنجو نالو ڪڏھن به نه ٻڌو آھي. جڏھن ته تو ھاڻ ھاڻ منھنجي جان بچائي آ.“
”اچ ھلون، مون کي ته سيءَ جي ڪري ڏڪڻي پئي وٺي.“
”ھا! ڀاءُ اچ ته ھلون، پر توکي خبر آ، جيڪڏھن اڄ تون نه ھجين ھا ته مان ٻڏي چڪو ھجان ھا.“
”ھاڻ! ان کي کڻي وسار!“
”ڪيئن وساريان! مرڻ گھڙيءَ تائين ڪونه وساري سگھندس.“
ايتري ۾ نيري محل جو مين گيٽ اچي ويو ۽ نواب اتي پھچي بيھي رھيو. شيخ شبراتيءَ پڇيس؛ ”ھتي ڇو بيٺين؟“
”چڱو ھاڻ موڪلاڻي! مان ھتي رھندو آھيان. ليڪن ميان تو منھنجي جان بچائي آھي ۽ مون کي تنھنجي ڪا نه ڪا خدمت ضرور ڪرڻ گھرجي. اڇا! تو پنھنجو نالو ڇا ٻڌايو ھو؟“
”لاحول ولا قوة! ھاڻي کان ئي نالو وساري ڇڏيئي. منھنجو نالو شيخ شبراتي آھي.“
”ليڪن ميان شبراتي! توکي ته ڄاڻ آھي ته مان توکي سڃاڻان به ڪو نه ٿو. حياتيءَ ۾ پھريون دفعو تنھنجو نالو ٻڌو آھي. ھا ته مون چيو پئي ته سڀاڻي ھتي نيري محل ۾ ضرور اچجانءِ ۽ مون سان ملجانءِ!“
”پر! تنھنجو نالو ڇا آھي؟“
”منھنجو نالو! منھنجو نالو ڇٽن آ ڇٽن.“
”ھا ڇٽن ته پوءِ خدا حافظ! مان تنھنجو نالو ته نٿو ڄاڻان، ليڪن تو مون تي احسان وڏو ڪيو آھي. جان بچايئي منھنجي. چڱو! خدا حافظ! سڀاڻي ضرور ملجانءِ! منھنجو نالو ڇٽن آ! خدا حافظ! خدا حافظ!“
اھو چئي ته نواب ڇٽن، نيري محل ۾ گھڙي ويو ۽ اسان جو شبراتي پنھنجي گھر ڏانھن ھلي پيو. اتان سندس ڳوٺ، لڳ ڀڳ ٽن ميلن تي ھو. ھڪ ته اماس رات، ٻيو ڪپڙا پسيل. ويچارو، وڏي مشڪل سان مري جھري گھر پھتو. سڄي رات اھو سوچيندو پئي آيو؛ اھو ڇٽن به، عجيب شخص ھو. کسڪيل دماغ يا باورچي پئي لڳو يا ٿي سگھي ٿو ڪنھن وڏي ماڻھوءَ جو ڪمدار ھجي.
نواب ڇٽن وڏي مرتبي واري خاندان جو رئيس ھو. ليڪن ٿورو پڻس جي ھٿ- ڦاڙ ھئڻ ۽ ڪجھ ھن جي عياشين سبب، اھا پراڻي ڳالھ نه رھي ھئي. نيري محل جي چؤگرد ھزارين ايڪڙ ٻني ھئي. جنھن منجھان ڪيتري ته وڪامي وئي ھئي ۽ باقي جيڪا بچي ھئي سا به نواب جي ھٿئون نڪرندي پئي وئي. ليڪن نيري محل جو ٺٺ ٺانگر اڃان ساڳيو ھو. انھيءَ ڪري شيخ شبراتيءَ جڏھن ٻاھرئين مک دروازي کان اندر پير ڌريو ته چڪرائجي ويو؛ يا الاھي! مان ڪاٿي پڄي ويو آھيان؟ ھڪڙي نوڪر، وڌي اچي روڪيس؛ تنھنجو ھتي ڪھڙو ڪم آ؟ نوڪر کي به ڀڀڪيدار ڪپڙا پاتل ھئا جو شيخ ويچارو ھڪو ٻڪو ٿي ويو ۽ چوڻ لڳس؛ ”حضور! مون کي ميان ڇٽن سان ملڻو آ.“
نوڪر چيس؛ ”ميان ڇٽن ته نه رھندو آ. ھيءُ ته نواب ڇٽن جو محل آھي.“
”ايئن ئي سھي.“
”ڪھڙو ڪم اٿئي؟“
”ايئن ئي ساڻس ملڻ لاءِ آيو ھئس.“
”تون ته ملڻ آيو ھئينس، ليڪن…“
”مان پاڻمرادو ٿورو ئي آيو آھيان، پاڻ سڏايو ھئائين.“
خدا ڄاڻي نوڪر ڇا چوي ھا ۽ شيخ شبراتيءَ تي ڪھڙا ونھوير وھن ھا جو اتفاق سان خود نواب ڇٽن ڪنھن ڪم سانگي ورانڊي ۾ اچي ويو. شبراتيءَ کيس ڏسندي ئي رڙيون ڪيون؛ ”ڇٽن!“ جنھن تي نواب ڇٽن ڇرڪي پيو ۽ اکيون ڦاڙي ڦاڙي شبراتيءَ کي گھورڻ لڳو ته شبراتيءَ چيس؛ ”ٻڌائي! ٺيڪائي ته آھي نه! مان ايئن ٿورو ملڻ لاءِ ھليو آيس.“
نواب ڇٽن ھٻڪندڙ لھجي ۾ پڇيس؛ ”توسان ڪا منھنجي ڄاڻ سڃاڻ آھي ڇا؟“
”بس! وساري به ڇڏيئي!“
”نه نه! مون کي تو واري شڪل، ٿوري اکين کي ڏٺل ٿي لڳي. ياد نٿو پوي ته مون توکي ڏٺو ڪاٿي آ!“
”اھا واھ واري ڳالھ ياد اٿئي!“
”ھا! ھاڻ ياد آيو! ھلي آ، اندر اچ!“
واھ جو نالو ٻڌندي ئي نوڪر، ڏاڍو گھٻرائجي ويو؛ خدا ڄاڻي ڇا قصو آ. جھٽ پلڪ ۾ اھا خبر سمورن نوڪرن جي ڪنن وڃي پڳي ۽ ڀانت ڀانت جا انومان ٿيڻ لڳا.
نواب ڇٽن، شيخ شبراتيءَ کي اوطاق واري حصي ۾ ويھاري چوڻ لڳس؛ ”ھاڻ مون کي ياد آيو، رات ڌاري مون واھ منجھ گھوتا پئي کاڌا ته تو اچي منھنجي جان بچائي.“
”اڙي بابا! ھاڻ ان کي وساري به ڇڏ!“
”ڪيئن وساري ڇڏيان ڀاءُ! مون تي تنھنجو وڏو احسان آھي. ھاڻ ٻڌائي تنھنجي خدمت ڪھڙي ڪجي؟“
”ڪجھ به نه! مون کي الله جو ڏنو، سڀ ڪجھ آھي. اونھاري ۾ شربت پيئندو آھيان ۽ سياري ۾ نان ڪباب. ھڪڙو ڪڪڙين جو فارم اٿم. ڪڪڙين ۽ بيدن مان پيدائش چڱي خاصي ٿئي ٿي، باقي ڇا کپي! تون اسان دوست ٿياسين. ھاڻ دوست کان ڪير ڇا گھري؟“
”تون اسان دوست ته آھيون، ليڪن پوءِ به مون کي تو لاءِ ڪجھ نه ڪجھ ته ضرور ڪرڻ کپي!“
”توکي ايڏو ضد آ ته پوءِ پنھنجي سنگتڙن جو ٽوڪرو ڀرائي موڪلي ڇڏ! موڪلڻو ڇا آھي، بس مان پاڻ ئي کنيو ٿو وڃان.“
مطلب ته شيخ شبراتيءَ، باغ اندر پھچي، چڱا چڱا سنگتڙا چونڊيا ۽ اھي کڻي گھر جو رخ ڪيائين. ليڪن اتفاق اھو ٿيو جو نواب سان سندس ٿيل ڳالھيون، بورچيءَ جي پٽ به ٻڌي ورتيون. ان وڃي سڄو قصو ڪري پيءُ کي ٻڌايو. ان وري بوالطيفن کي ٻڌايون. بوالطيفن وري نواب جي ماسيءَ خورشيد لقا بيگم کي تير پتير ٻڌايون. اھا بيگم وڏي سليقي واري ۽ ڏاھي عورت ھئي. نواب جي جاگير جو سڄو انتظام، سندس ھٿن ۾ ھو. ان جڏھن ٻڌو ته نواب کي سڏايائين ۽ چيائينس؛ ”ڇٽن! مان ھيءُ ڇا ٿي ٻڌان ته تو ڪنھن مُئي رولوءَ کي مٿي تي چاڙھي ڇڏيو آھي.“
نواب ڇٽن، ڪا گھڙي ته ڪنڌ لاڙيو بيٺو رھيو. پوءِ چوڻ لڳس؛ ”مان ڇا ڪيان، ان نڀاڳي جو مون تي وڏو احسان آھي جو منھنجي جان بچائي آ انھي.“
خورشيد لقا بيگم، جھيڻي لھجي ۾ چيس؛ ”جان بچائي اٿائين ته ٿورو ڏئي وٺي، ڇٽي ڪرائينس. اھڙن لچن سان ايئن واسطا وڙا وڌائڻ ٺيڪ ناھن.“
نواب ڇٽن جواب ڪو نه ڏنس ۽ اوطاق واري حصي ۾ ھليو آيو.
ٻئي ڏينھن، نواب ڇٽن وٽ ھڪ پر لطف دعوت جو پروگرام ھو. سڄي شھر جا رئيس ۽ وڏا عھديدار سڏايل ھئا. ڪي مھمان اچي چڪا ھئا، ڪي آيا پئي ته نواب ڇٽن پنھنجي دوست نواب سر افتخار عليءَ سان ڳالھيون ڪندو باغ طرف نڪتو. ايتري ۾ ڪنھن سڏ ڪيس؛ ”ڇٽن!“ نواب صاحب، گھٻرائجي ويو. اک وتائي ڏٺائين ته اڳيان ٻه ننڍا ننڍا ڇوڪرا نظر آيس. منجھانئن ھڪ کي ته چاپوٽڙيءَ جي گوڏ ٻڌل ھئي، ٻيو ته ھو ئي چولڙي ۾. منجھانئن ھڪ کي ٽوڪري ھٿ ۾ ھئي. کين ڏسي، ھيءُ اڳيان وڌيو. انھن مان ھڪ پڇيو؛ ”توھان مان نواب ڇٽن ڪير آ.“
نواب اڳتي وڌي چيس؛ ”مان آھيان.“
ڇوڪري چيس؛ ”اڇا ته تون آھين اھو نواب، جنھن کي منھنجي پيءُ واھ مان ڪڍيو ھو. اسان ٻئي ڀائر، توکي ڏسڻ آيا آھيون. بابي سنگتڙن جو گھڻو گھڻو ٿورو مڃيو آ ۽ ھيءَ ٽوڪري واپس موڪلي اٿائين.“
سر افتخار علي چوڻ لڳو؛ ”ھيءُ عجيب واقعو آ.“
نواب ڇٽن چوڻ لڳو؛ ”ھا ڀاءُ! ڳالھ ھيءَ آھي ته مان ٽيون ڏينھن رات جو واھ ۾ ڪري پيو ھئس.“
ڇوڪري وچ ۾ چيو؛ ”۽ توکي پيتل ھئي.“
انھن ڏھاڙن ۾ خورشيد لقا بيگم کي نواب ڇٽن جي وھانءَ جي وڏي ڳڻتي ھئي. گھڻا ئي نياپانڙا آيا، ليڪن نواب ڇٽن ڪوبه رشتو پسند نه ڪيو.
دراصل ھو بئريسٽر جي ڌيءَ زھره لطيف سان لانئن لھڻ جي چڪر ۾ ھو. ڇوڪري ھڪ ته وڏي حسين ھئي ۽ ٻيو ته پڙھڻ لکڻ ۾ مردن کي پوئتي ڪري ڇڏيو ھئائين. نواب جي ماسيءَ کي اگر ان رشتي تي ڪو اعتراض ھو ته صرف اھو ته زھره لطيف، پردو نه ڪندي ھئي. ليڪن منٿون ايلاز ڪري نواب، ماسيءَ کي مڃائي ورتو ھو. ھڪ شام جو ذڪر آھي ته نواب ڇٽن، زھره کي سئنيما ڏيکارڻ لاءِ وٺي پئي ويو. پڪيءَ پل ويجھو، سندن موٽر گھڙي سوا لاءِ بيٺي ته آواز آيو؛ ”ٿورو ترسو، مان پھتس.“ نواب ڇٽن ڏٺو ته شيخ شبراتي مٿي تي بيدن جي ٽوڪري رکيو، ٻه ٽي ڪڪڙيون ڪڇ ۾ ھنيو، اچي رھيو آھي. نڀاڳي، اچڻ سان موٽر جو دروازو کوليو ۽ اندر ڊوھي آيو ۽ چوڻ لڳو؛ ”يار! توکي تڪليف ته ٿيندي، ليڪن جمن نانوائيءَ کي ھيءُ ڪڪڙيون ۽ بيدا پڄائڻا آھن. مون کي اڳئين موڙ تي لاھي ڇڏجانءِ! ھا دوست! ھيءَ نيڪ بخت ڪير آ؟ آداب عرض ھجي! اوھان جي طبيعت وغيره ٺيڪ آ.“
نواب تي مٽ پاڻيءَ جا پُرٽجي ويا. ليڪن ويچارو ڪڇي ته ڇا ڪڇي. ايتري ۾ اڳيون موڙ به اچي ويو ۽ شبراتي آداب عرض رکي موڪلائي ويو. ھيڏي سڄي رستي ۾ زھره لطيف، نواب سان لفظ به ڪونه ڳالھايو. نواب گھڻائي دفعا چيو؛ ”ڳالھ ھيءَ آھي، ڳالھ ھوءَ آھي.“ ليڪن، بي فائدي. سئنيما ۾ به وقت صفا بي مزي گذريو.
ٻئي ڏينھن زھره لکي موڪليس؛ مان اوھان سان واسطو وڙو وڌائڻ نٿي چاھيان. بيگم خورشيد لقا کي سڻس پئي ته ڏاڍي ڪاوڙي ۽ نواب ڇٽن کي چوڻ لڳي؛ ”تو ھن خاندان جي عزت مٽيءَ ۾ ملائي ڇڏي. مان ھاڻ ان نڀاڳي مان پچر ڇڏائڻ جي، پاڻ ڪا ٽل ڪريان ٿي.“
اھو چئي ڪمدار کي سڏايائين ۽ کانئس شيخ شبراتيءَ جي نالي، ھن مضمون جو خط لکرايائين؛ ”تو نواب ڇٽن جي جان بچائي آ. ان لاءِ ڏيڍ ھزار جي رقم، توکي پيش ڪجي ٿي، ليڪن شرط اھو آھي ته اڳتي لاءِ نيري محل ۾ پير نه پائيندين، ڇو جو نواب ڇٽن توسان ڪو واسطو وڙو رکڻ نٿو گھري.“ خط سان گڏ، ڏيڍ ھزار رپين جو چيڪ ھو.
ٻئي ڏينھن نواب ڇٽن، ڇتي مل بجاج جي دڪان تان ڪجھ ڪپڙا خريد ڪري رھيو ته شيخ شبراتي اچي اتي پھتو ۽ چوڻ لڳس؛ ”مان توسان ٿورو ڳالھائڻ ٿو گھران. سامھون چانھ جو دڪان آھي، اتي پنجن منٽن لاءِ ھلي ويھ.“
نواب چيس؛ ”ليڪن ڳالھ ھيءَ آھي ته…“
شيخ شبراتيءَ ڳالھ ڪٽيندي چيس؛ ”ھل ڀلا، ھتي ئي ٿو ڳالھائي وٺان! اڄ مون کي خط مليو آھي. تو واري ان ڪراڙيءَ ماسيءَ لکرايو ھوندو.“
نواب جي زبان مان فقط ايترو نڪتو؛ ”ڏس! ڏس!“
شبراتيءَ ورندي ڏنس؛ ”ڏسان ڇا! ھن مون کي ڏيڍ ھزار رپين جو چيڪ ڏياري موڪليو آھي. مان رپين جو بکيو ته ناھيان، مگر ان خيال کان قبول ڪيم ته جيئن تنھنجي دل آزاري نه ٿئي. ھا! ته خط ۾ لکيل آھي ته نواب، توسان ڪوبه تعلق رکڻ نٿو گھري. مان ٿو پڇان ته اھا ڪھڙي حرڪت آ. مان توسان ڪھڙو برو ھليو آھيان؟“
نواب چيس؛ ”قسم آ، قسم آ جناب امير جو…“
شيخ شبراتيءَ ڪڙڪو ڪندي چيس؛ ”ڇا اھو آھي منھنجي چڱائيءَ جو بدلو. اگر مان ان رات سر تريءَ تي رکي توکي واھ مان نه ڪڍان ھا ته اڄ تون ڪاٿي ھجين ھا! اڙي مون جھڙي دوست سان تنھنجو اھو ورتاءُ! مون جھڙي دوست سان، جنھن تنھنجي جان بچائي. مان ته توکي دوست سمجھندو ھئس، دلي دوست.“
ايتري ۾ ماڻھو ڪٺا ٿي ويا. نواب ڦشريءَ جي ڀو تان چيس؛ ”ڀاءُ! مون کي ته خبر به ناھي، ماسي امان مون کان پڇئي بغير، توکي خط لکرايو آ.“
اھو ٻڌي، شيخ شبراتيءَ جي ڪاوڙ ڍري ٿي ۽ چيائينس؛ ”اھو ته مون کي گمان ھو! خير! ان قصي تي پاڻي ھار! اچ! ھلي چانھ ٿا پيئون.“
جمن نانوائي، اڄ تائين ھر گراھڪ کي چوندو آھي ته؛ مون وٽ نواب ڇٽن اڻيھي چانھ پيئڻ ايندو آھي.
نواب اٺ ڏھاڙا ته گھران ئي نه نڪتو. خورشيد لقا بيگم پڻ اونڌي منجي ڪريو پئي رھي. نائين ڏينھن، نواب ٽلندو ٽلڪندو مُک دروازي تائين آيو ته اڳيئون آواز آيس؛ ”نواب صاحب!“
سَڻڪ جي پرينءَ ڀر، ننڍڙي جاءِ ھئي، جنھن جي آڏو شبراتيءَ جا ٻئي پٽ بيٺا ھئا. ايتري ۾ شيخ شبراتيءَ جو چھرو به ڏسڻ ۾ آيو. ان، ٻنھي ڇورن کي ٿڦ ٿڦ ھنئي ۽ نواب جي ويجھو پھچي، چوڻ لڳس؛ ”ھيءُ گھر وڏي عرصي کان ويڪائو ھو. تو جيڪي ڏيڍ ھزار رپيا ڏياري موڪليا ھئا ته مون سوچيو ته گھر ڇو نه خريد ڪريان. ھاڻ تنھنجا پاڙيسري آھيون اسان. اچ! توکي گھر ڏيکاريان!“
نواب ڪنڌ جھڪائي چيس؛ ”پوءِ ڪنھن ٻئي دفعي.“
رات جو نواب ڇٽن، خورشيد لقا بيگم کي چوڻ لڳو؛ ”ماسي امان! تو شيخ شبراتيءَ مان چڱي پچر ڇڏائي! انھيءَ ڏيڍ ھزار رپين مان شيخ صاحب اسان جي پاڙي ۾ ھڪڙو گھر خريد ڪيو آھي. ھاڻ ھو، رات ڏينھن منھنجي سر تي چڙھيو ويٺو ھوندو.“
23 جون 1928ع جي رات جو، واھ وٽ ھڪ ٽوپي ڪريل ملي. ٿوري دير ۾، پوليس وارا نيري محل واري، نواب ڇٽن کي واھ منجھان ڇڪي ڪناري تي کڻي آيا. نواب ۾ فقط ساھ جي ڪا ذري بچي ھئي.
ھاڻ واھ جي ڪپ تي ڪيلي جي ڪا کل به باقي نه ھئي.
(ول اسڪاٽ تان چونڊ)

