ادبڪهاڻيون

گونگو صدف بتول ٽالپر

منهنجي اڳيان عجيب منظر آھي،

ماڻهو هيڏانهن هوڏانهن ڀڄندا پيا وتن.

هر طرف روئڻ جا آواز آھن.

خيال آيو: ڌماڪو هو ته پوءِ چوطرف قيامت جهڙي افراتفري ڇو آھي؟

صحافي هڪٻئي کان بريڪنگ نيوز ريس کٽڻ لاءِ مون کان سوال مٿان سوال پيا ڪن.

مان بلڪل چپ آھيان.

“صدمي ۾ دماغي توازن وڃائي ويٺو آھي.”

“شايد ويچارو گونگو آهي.”

آسپاس بيٺل ماڻھو همدرد لهجي ۾ تبصرا پيا ڪن.

منهنجون نظرون رت جي دُٻن،

انساني ماس جي ذرن ۽ عضون تي ڀٽڪن پيون، سوچان پيو،

“انهن ۾ منهنجو پٽ ڪھڙو آھي؟”