آن لائين اِي مئگزين”زرعي سائنس“ جي پهرئين شماري جو مهورت ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي May 2021
آبادگارن، شاگردن، استادن، محققن ۽ زرعي توسيع جي ڪارڪنن کي ماھوار زرعي سائنس جھڙي مئگزين جي تمام گهڻي ضرورت ھئي. جيڪا سنڌ زرعي يونيورسٽي مان جاري ٿيندڙ ماھوار زرعي سائنس اِي مئگزين وسيلي پوري ٿيڻ جي شاھدي، مئگزين جي پھرئين شماري ۾ شامل تمام وقتائتو ۽ ڪارائتو مواد ڏيئي رھيو آھي. اھڙو اظھار سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح محمد مري، ماھوار زرعي سائنس جي پھرئين شماري جي مھورت ۽ آن لائين جاري ڪرڻ جي افتتاحي تقريب کي صدارتي خطاب دوران ڪيو. ھن چيو ته جيتوڻيڪ ھي شمارو به گهربل رسالي جون ضرورتون پوريون ڪري رھيو آھي، پر مستقبل ۾ رسالي جي ملندڙ موٽ جي روشني ۾ ھر اھا معلومات شامل ڪئي وڃي، جنھن جي ضرورت پڙھندڙن پاران ظاھر ڪئي وڃي. ڊاڪٽر فتح مري چيو ته مئگزين ۾ زرعي يونيورسٽي جي قابل استادن پاران لکيل مضمون ھجڻ سان گڏوگڏ شاگردن پاران لکجندڙ مضمون چٽي نشاندھي سان ھڪ حصي ۾ ھجن. رسالي جو ھڪ حصو زرعي معلوماتي خبرن جي حوالي سان به ھجڻ گهرجي. رسالي ۾ زرعي يونيورسٽي ۾ امتيازي خدمتون ڏيندڙن جي شاندار ڪردار جي نشاندھي ڪندڙ مواد به ھجڻ گهرجي ته زرعي يونيورسٽي مان تعليم پرائي ملڪ يا ملڪ کان ٻاھر خدمتون انجام ڏئي مڃتا ماڻيندڙن بابت به مواد ھجڻ گهرجي. سنڌ زرعي يونيورسٽي ٽنڊو ڄام جي وائيس چانسلر مئگزين جي حوالي سان بھتر ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظھار ڪندي ڪراپ پروٽيڪشن فيڪلٽي جي ڊين ۽ مئگزين جي سرپرست پروفيسر ڊاڪٽر جان محمد مري ۽ مئگزين جي چيف ايڊيٽر ڊاڪٽر ڀائي خان سولنگي جي ڪوششن کي خاص طور تي ساراھيندي، ايڊيٽوريل بورڊ جي سڀني ميمبرن جي ڪم کي ساراھيو به ۽ شاباسون به ڏنيون. وائيس چانسلر، پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي طرفان رضاڪاراڻي طور مئنيجنگ ايڊيٽر جا فرائض انجام ڏيڻ تي ۽ پھرئين شماري ۾ سڀني سان ھر ممڪن سھڪار ڪرڻ تي کيس نه صرف شاباس ڏني، پر مستقبل ۾ پڻ ھن ڪم ۾ ھٿ ونڊائيندي رھڻ جي اميد جو اظھار به ڪيو. ڊاڪٽر فتح مري چيو ته ماھوار رسالي کي جيترو به جلد ممڪن ٿي سگهي، ڇپرائي آبادگارن تائين پھچائڻ جي پڻ ڪوشش ڪئي ويندي. ھن موقعي تي پروفيسر جان محمد مري مئگزين جي حوالي سان بريفنگ ڏني. ڊاڪٽر ڀائي خان مئگزين جي حوالي سان سٿ جي ورتل ڪوششن کان آگاھه ڪيو. پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي ۽ مختلف مضمونن جي ايڊيٽرن پڻ پنھنجن خيالن جو اظھار ڪيو. ھن تقريب جي شروعات تلاوت سان ڪئي وئي. وائيس چانسلر کي مئگزين جي سرپرست ڊاڪٽر جان محمد مري طرفان ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو ويو. سرپرست کي چيف ايڊيٽر ڀائي خان سولنگي ٽوپي ۽ اجرڪ جو تحفو ڏنو. پروفيسر محمد مٺل جسڪاڻي کي رٽائر ٿيڻ کانپوءِ به يونيورسٽي لاءِ بنا معاوضي عملي ڪم ڪرڻ جي مڃتا ۾ وائيس چانسلر پاران اجرڪ جو تحفو مئگزين جي سرپرست ڊاڪٽر جان محمد مري جي ھٿان ڏنو ويو.