خاصدنيانيو‍‍ز

ادب جو نوبيل انعام آمريڪي شاعره لوئس گلڪ جي نانءُ

ادب جي شعبي جو نوبيل انعام آمريڪي شاعره لوئس گلڪ ماڻي ورتو آهي. سوئيڊش اڪيڊمي موجب 77 ورهين جي آمريڪي شاعره لوئس گلڪ کي سندس بي باڪ ۽ انساني وجود جي آفاقي خوبصورتي جاڳائيندڙ شاعري تي ادب جو نوبيل انعام ڏنو ويو آهي. آمريڪي رياست نيو يارڪ سان واسطو رکندڙ لوئس گلڪ پيشي جي لحاظ سان هڪ ماسترياڻي آهي ۽ آمريڪي يونيورسٽي ۾ انگريزي ادب پڙهائيندي آهي. لوئس گلڪ پهريون ڀيرو 1968 ۾ پنهنجي ڪم سان شهرت ماڻي هئي، کيس ادبي خدمتن عيوض ان کان اڳ به ڪيترن ئي آمريڪي ۽ عالمي ادبي ايوارڊن سان نوازيو ويو آهي.