افغانستان: پسمنظر ۽ پيش منظر غلام نبي سومرو August 2021

جڏهن کان اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي حڪومت دوحا ۾ طالبان سان مذاڪرات جا ڪيئي دور ڪيا، جنهن جي اڳواڻي آمريڪي مذاڪرات ڪار زلمي خليل زاد ۽ طالبان اڳواڻ ڪري رهيا هئا. ٻنهي ڌرين انهيءَ اهم نقطي تي اتفاق ڪيو ته آمريڪي فوجون سال 2021ع جي وچ ڌاري آمريڪا مان نڪري وينديون. (جڏهن ته نئين چونڊيل آمريڪي صدر جوبائيڊن آمريڪي فوجين جي نڪرڻ جي تاريخ وڌائي ڇڏي آهي هاڻي اهي هن سال آگسٽ جي آخر تائين افغانستان مان نڪري وينديون). ٻيو اهم نقطو جنهن تي ٺاهه ٿيو آهي اهو هي آهي ته طالبان افغانستان جي ڌرتيءَ کي ملڪي ۽ بين الاقوامي دهشتگرديءَ لاءِ استعمال ٿيڻ نه ڏيندا، جنهن جو واعدو طالبان وفد دوحا مذاڪرات ۾ ڪري چڪو آهي. گذريل صديءَ جي آخري سالن ۾ ۽ نئين صديءَ جي شروع سال 2001ع تائين طالبان حڪومت جي ڇتريءَ هيٺ القاعده ئي هئي جا سڄي دنيا ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪري رهي هئي. خاص طور تي نائن اليون وارو واقعو جنهن سڀني ملڪن کي حيرت ۽ تشويش ۾ وجهي ڇڏيو، نتيجي ۾ اڳتي هلي دنيا ۾ جنگين جو نئون سلسلو شروع ٿيو، جيئن افغانستان ۽ عراق تي آمريڪي ۽ اتحادي فوجن جا حملا ۽ جنگيون جن دنيا کي وحشت ۽ برباديءَ جا نوان سلسلا ڏنا. 07 آڪٽوبر 2001ع تي افغانستان تي آمريڪي ڪاهه طالبان جي حڪومت ختم ڪري ڇڏي، تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين طالبان مخالف حڪومتون افغانستان ۾ برسر اقتدار آهن: حامد ڪرزئي، اشرف غني جي اڳواڻي واريون حڪومتون.

طالبان ۽ آمريڪي ٺاهه تحت آمريڪي فوجين جي افغانستان مان نڪرڻ کانپوءِ خطي جي صورتحال ڇا وڃي بيهندي ان کي سمجهڻ لاءِ هڪ نظر افغانستان جي ماضيءَ تي وجهون ته اڄوڪي صورتحال کي سمجهڻ ۾ آساني ٿي پوندي. گذريل صديءَ ۾ جيئن ته افغانستان ۾ بادشاهت رهي آهي، اهو هڪ ترقي پذير، لبرل ۽ نون خيالن جي آجيان ڪندڙ ملڪ رهيو آهي ۽ ڪڏهن ڪڏهن ايئن به ٿيندو رهيو آهي ته رجعت پسند قوتن انهن سان ڦيٽ پئي کاڌي آهي. اڄ جنهن افغانستان ۾ طالبان جي ٻيهر حڪومت جا امڪان نظر اچي رهيا آهن تڏهن افغاني سماج جي تاريخي ارتقا جو هي ورق ڏسون ٿا ته حيراني ٿئي ٿي.

افغانستان جو هڪ بادشاهه امير امان الله 1919ع ۾ برسر اقتدار اچي ٿو، هن جو ڏهه سالا دور حڪومت ملڪ تي حيران ڪندڙ نقش وجهي ٿو تڏهن ملڪ جو پهريون آئين ٺهي ٿو. ڪابل يونيورسٽي سميت اڻ ڳڻيا تعليمي ادارا ٺهن ٿا جن ۾ فرانسيسي استاد پڙهائين ٿا، صحت جو نظام ٺهي ٿو، جديد اسپتالون قائم ٿين ٿيون، قومي شاهراهن جي تعمير ٿئي ٿي، ٽيليگراف، ٽيليفون ۽ ڪابل ريڊيو اسٽيشن ٺهي ٿي جنهن جي نشريات 1925ع کان شروع ٿئي ٿي. تعليمي ادارن ۾ موسيقي جي به تعليم ڏني وڃي ٿي جنهن لاءِ متحده هند و پاڪ مان موسيقار گهرايا وڃن ٿا، سئنيما گهر ٺهن ٿا، سڀ کان اهم ته عورت کي آزادي ملي ٿي. تڏهن اهي جديد تعليمي ادارن ۾ پڙهي رهيون هيون. امير امان الله اهي سڀ ڪوششون مغرب کان متاثر ٿي ڪيون، پر معاشرو بدقسمتي سان پراڻي پسند قوتن جي حوالي ٿي ويو ۽ امير امان الله جو ترقي ڏانهن وٺي ويندڙ اقتدار وارو سفر ختم ٿي ويو.

افغانستان جي تاريخ جو ٻيو اهم ورق: جڏهن هتي سردار دائود خان جي حڪمراني هئي تڏهن 07 اپريل 1978ع تي هڪ اهم مدبر ۽ اشتراڪي اڳواڻ امير اڪبر خيبر کي ڪابل ۾ قتل ڪيو ويو. جنهن سياسي هلچل کي جنم ڏنو ۽ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن انهيءَ قتل جي خلاف مظاهرا ڪيا ۽ الزام دائود سرڪار کي ڏنو. اڳتي هلي 27 اپريل 1978ع تي فوج سردار دائود جو تختو اونڌو ڪري ڇڏيو ۽ عوامي جمهوري پارٽي افغانستان جو اقتدار سنڀالي ورتو. (عوامي جمهوري پارٽي افغانستان تڏهن ٻن ڪميونسٽ ڌڙن خلق ۽ پرچم جي اتحاد سان ٺهي هئي). 29 اپريل تي نور محمد تره ڪي ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ پارٽي جي شوريٰ جو سربراهه ۽ ڊيموڪريٽڪ ري پبلڪ آف افغانستان جو صدر مقرر ڪيو ويو. نائب حفيظ الله امين ٿيو.

ڪميونسٽ انقلاب جي افغانستان ۾ ناڪامي جا هيٺيان سبب هئا:

  1. خلق ۽ پرچم پارٽي جي اندروني ويڙهه.
  2. رجعت پسند جماعت جي رد انقلاب جي جدوجهد.
  3. آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ جا سالن کان جاري هئي افغانستان ۾ پنهنجي پوري طاقت سان ظاهر ٿي.
  4. نتيجي ۾ روس کي افغانستان مان تخت پسپائي اختيار ڪرڻي پئي. 15 فيبروري 1989ع تي آخري روسي فوجي نڪرڻ کانپوءِ مجاهدين افغانستان تي قابض ٿي ويا.

امن اهڙي ڳالهه هو جو پوءِ به افغانستان لاءِ خواب رهيو شمالي اتحاد جو اڳواڻ احمد شاهه مسعود ۽ حزب اسلامي جو گلبدين حڪمت يار ڪابل جي فتح لاءِ وڙهندا رهيا. انهيءَ بدامني ۽ خانه جنگي جو فائدو هڪ نئين قوت طالبان ورتو. انهن ملا عمر جي اڳواڻيءَ ۾ سيپٽمبر 1996ع تي ڪابل تي قبضو ڪري ورتو. هو افغانستان جي امير جي حيثيت سان برسر اقتدار آيو ۽ ملڪ جو نالو ڦيرائي امارت اسلامي افغانستان رکيو ويو. اهو دور امن جي لحاظ کان بهتر هو، پر اهي تاريخ کي پنهنجي ارتقا ۾ پويان وٺي وڃي رهيا هئا. انساني حقن جي لتاڙ جاري هئي، عورتن تي ظلم ۽ انهن تي تعليم جا دروازا بند ڪيا ويا، سختي جي ان دور ۾ ماڻهو ته ڇڏيو، پر تاريخي ورثو به نه ڇڏيو ويو. ڪابل جي ميوزيم جي لُٽ کان وٺي باميان جي علائقي ۾ ٻڌ دور جا بُت ڌماڪن سان اڏايا ويا.

تاريخ جو ورق اڳيان کلي ٿو: اها 2001ع جي ڳالهه آهي نائن اليون تي ورلڊ ٽريڊ سينٽر کي انوکي دهشتگرد حملي ۾ تباهه ڪري ڇڏيو ويو. نتيجي ۾ 07 آڪٽوبر 2001ع تي آمريڪا ۽ ان جي اتحادي فوجين افغانستان تي حملو ڪيو ۽ طالبان جي حڪومت ختم ٿي وئي. ڇاڪاڻ جو آمريڪا طالبان ۽ القاعده کي ان لاءِ ذميدار سمجهيو ٿي جن جي ڪاررواين اهڙي صورتحال پيدا ڪئي هئي. انهيءَ آمريڪي حملي ۾ جديد هٿيارن جو استعمال ڪيو ويو ۽ جهازن ذريعي 15 هزار ٽن بارود سان طالبان جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو.

پر اهي طالبان سخت جان ثابت ٿيا آهن انهن پاڻ کي ۽ پنهنجي فوجي قوت کي تقريبن ويهن سالن ۾ ٻيهر بحال ڪري ورتو آهي. جيئن 1989ع ۾ روسي فوجون افغانستان مان نڪتيون اهڙي طرح آمريڪي فوج آگسٽ 2021ع تائين نڪري ويندي. خلق ۽ پرچم ڪميونسٽ پارٽين 1978ع کان 1992ع تائين حڪومت ڪئي حالتون انهن جي خلاف هيون اهي پنهنجو اقتدار قائم نه رکي سگهيون ۽ هاڻي سوال اهو اهي ته اشرف غني ۽ عبدالله عبدالله آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ پنهنجي حڪومت بچائي سگهندا؟ انهن جي سوچ آهي ته هڪ اهڙي گڏيل حڪومت ٺاهجي جنهن ۾ افغانستان جون اهم پارٽيون ۽ قومون اقتدار اعليٰ ۾ شامل ٿين، پر حالتون جيئن نظر  اچي رهيون آهن انهن ۾ اهو ناممڪن آهي. افغانستان جي موجوده حالتن جو جائزو وٺجي ته طالبان پيش قدمي ڪري رهيا آهن انهن افغانستان جي ڳچ حصي تي قبضو ڪري ورتو آهي. اتي طالبان کانسواءِ القاعده برصغير، داعش ۽ تحريڪ طالبان پاڪستان جهڙيون دهشتگرد تنظيمون اڄ به موجود آهن. ظاهر آهي ته انهن جا ارادا دنيا ۽ پاڪستان لاءِ نيڪ ڪونه آهن.

صاف نظر اچي رهيو آهي ته طالبان پنهنجي 1996ع واري قبضي کانپوءِ ٻيهر افغانستان تي قبضو ڪري وٺندا. ڇا اها طالبان حڪومت گذريل صديءَ واري طالبان حڪومت کان مختلف هوندي؟ اميد ڪجي ته ڇا اهي دنيا ۾ حڪمراني جي جديد تقاضائن کي مدنظر رکندا؟ اهو تڏهن ٿيندو جڏهن پاڙيسري ملڪ روس، چين، تاجڪستان، ايران، ازبڪستان، ترڪي ۽ پاڪستان غير جانبدار رهن ۽ افغانستان کي پنهنجي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪرڻ ڏين. اسان جي ملڪ جي پاليسي به شايد اها آهي ته پاڻ کي غير جانبدار رکجي جيئن افغانستان خطي لاءِ خطرو نه بڻجي. هڪ حقيقت اها به آهي ته افغانستان ۾ فيصلو ڪندڙ قوت بندوق ئي هجي ٿي، جنهن سبب دهشتگرد قوتن کي موقعو ملي ٿو ته اهي دنيا جو سڪون تباهه ڪن. پاڪستان افغانستان جو پاڙيسري آهي انهيءَ ڪري اهو به هڪ وڌيڪ تشويش واري دور ۾ داخل ٿي رهيو آهي. پاڪستان کي گهرجي ته اهڙيون پاليسيون ٺاهي جو تورخم جي ڊيورنڊ لائين جي اسان واري پاسي افغاني اثر نه اچن ۽ نه ان سان گڏ دهشتگرديِ جي لهر پاڪستان اچي. پاڪستان هن وقت اقتصادي طرح ڏکئي دور مان گذري رهيو آهي ۽ اسين اڳي ئي دهشتگردي جي جنگ ۾ ستر هزار جانيون قربان ڪري چڪا آهيون ۽ انهيءَ جنگ جي پسمنظر ۾ اسان وڏو معاشي ۽ سماجي نقصان سٺو آهي. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته اسان جي خارجا پاليسي جي اڪابرن کي سوچي قدم کڻڻو پوندو ته جيئن اسين هن افغان قضئي کان محفوظ رهي سگهون.

***

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments