امداد جي شخصيت جا ڇڏيل ذهنن تي ڪجهه نقش ادل سومرو.سحر امداد.راج راڄپر.اياز گل.سجاد مهر.فضا قريشي.ثاقب ابڙو Mar 2021
ادل سومرو:
سائين امداد حسيني موجوده دور ۾ اسان جو رهنما ۽ سڀ کان سينئر ۽ وڏو شاعر آهي. اهي لقبن جا محتاج نه هوندا آهن، لقبن کان مٿي هوندا آهن. اسان جيڪڏهن کيس عظيم چئون، مهان چئون ته پوءِ آخر ان کان مٿي ڪهڙا لفظ آهن جنهن سان کيس نوازجي. منهنجي خيال ۾ ته انهن لفظن کان مٿي ڪو تخليقڪار آهي ته اهو خود هڪ وڏو اعزاز آهي. امداد حسيني پاڻ به اهڙن لقبن کان ماڻهن کي هميشه جهليندو رهندو آهي. جيڪڏهن هڪ تخليقڪار جي پنهنجي ڪا ڌار سڃاڻپ آهي ته اهو ئي ان تخليقڪار جي لاءِ وڏو اعزاز آهي. امداد حسيني جو اهو دور جنهن ۾ هو حيدرآباد ۾ آيو، جيئن ته هر شاعر جي زندگيءَ ۾ مختلف دور اچن ٿا. امداد صاحب جو جيڪو هڪ روايتي دور هو جيڪو ٽکڙ جون روايتي ادبي مشاعرا، طرحي مشاعرا سائين انهن شين مان گذري آيو آهي. انهي دور ۾ استاد شاعر هئا، اهي نوجوانن کي ان حوالي سان بحر وزن جي فني مشق ڪرائيندا هئا، طرحون ڏيندا هئا ته جيئن انهن جي اندر تخليقي صلاحيتون اسري سگهن ۽ اهي فني لحاظ کان ڪيترا پختا آهن شين کي ڪيئن پرکي سگهن ٿا، انهن سڀني مرحلن مان امداد حسيني گذري آيو آهي. اهو هڪڙو شاندار تربيت وارو دور هو. پوءِ جڏهن امداد حسيني حيدرآباد اچي ٿو ته اتي غلام محمد گرامي، تنوير عباسي، محمد ابراهيم جويو، جڏهن انهن جي سنگت ۾ اچي ٿو ته اهو سندس يادگار دور ٿي وڃي ٿو. سنڌي ادبي سنگت سان ان جي وابستگي ٿئي ٿي. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۾ هو سرگرم رهي ٿو. سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد ۾ امداد حسيني جو هڪڙو وڏو ڪردار رهيو آهي. انهيءَ زماني ۾ سندس شاعري مهراڻ، سهڻي ۽ ٻين رسالن ۾ شايع ٿئي ٿي. اهو سنڌي ادب جو هڪ شاندار دور هو. 1970 جي ڏهاڪي ۾ جيڪي گهڻا رسالا نڪرندا هئا ان ۾ خاص ڪري نئين ٽهي کي امداد حسيني گهڻو متاثر ڪيو ۽ ان تي اثر ڇڏيا، سندس رومانوي شاعري ريڊيو ذريعي ماڻهن تائين پهتي. ڇاڪاڻ ته ريڊيو به ان زماني ۾ وڏو رسائي جو وسيلو هو، ان ۾ گيتن ڀريون ڪهاڻيون. عابده پروين جيڪي امداد حسيني جا گيت ڳايا:
ڪاري ڪاري رات مٿان برسات نه وڃ اڄ رات رهي پئو
ڪاش مان چنڊ هجان تنهنجي اڱڻ تي اڀران
اهڙا رومانوي گيت جن نوجوانن کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. اڄ به ان ساڳئي تسلسل ۾ امداد حسيني لکندو اچي پيو. امداد حسيني جي حوالي سان جيڪا هڪ تمام سٺي ڳالهه ڪري سگهجي ٿي اها اِها آهي ته هو مسلسل لکندو رهيو آهي، ڪنهن نه ڪنهن نسبت سان تنقيدي خطن جي نسبت سان، ڪنهن نه ڪنهن ادبي ڪم جي حوالي سان، خاص ڪري مهراڻ رسالي ۾ جيڪو سندس ڪنٽريبيوشن رهيو. جديد سنڌي ادب کي هٿي وٺرائڻ جي سلسلي ۾ اهي پرچا تمام يادگار پرچا آهن ادبي سنگت جي پليٽ فارم تان هن جو جيڪو ڪردار رهيو اهي سڀ شيون امداد حسيني کي هڪ متحرڪ شاعر جي حيثيت ۾ ياد رکرائين ٿيون. ڇاڪاڻ ته هر ڏهن سالن کانپوءِ پڙهندڙ طبقي ۾ تبديلي اچي ٿي وڃي ۽ ماڻهو نوان اچن ٿا جيڪڏهن تخليقڪار پنهنجن پڙهندڙن سان پنهنجو رابطو نٿو جوڙي رکي ته اهو تخليقڪار آهستي آهستي پنهنجي پڙهندڙن کان وسري وڃي ٿو ۽ ڪافي ليکڪن سان اهو ٿيو آهي ته اهي جن کي پنهنجي دور ۾ وڏي پذيرائي ملي ۽ مشهور ٿيا مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ ڇپجندا رهيا، ٽائيٽلن تي انهن جون تصويرون ڇپيون، پر اهي ماڻهو تخليق جي عمل ۾ مسلسل مصروف عمل نه هجڻ جي ڪري، جيڪي نوان پڙهندڙ آيا انهن کان اهي وسري ويا. امداد حسيني جي اها هڪ وڏي تخليقي ڪاميابي آهي جو هو هر دور جي پڙهندڙ سان گڏ رهيو آهي. سندس شروعاتي دور کان وٺي اڄ جي دور تائين مسلسل هڪ تخليقڪار جي حيثيت سان هو پنهنجي پڙهندڙن سان گڏ آهي اها سندس وڏي ڪاميابي آهي ۽ هو پنهنجي ان ڪوشش ۾ به ڪامياب آهي ته هو پنهنجو انفرادي رنگ قائم رکي ۽ اهي سندس انهن ڪاوشن تي اسان فخر ڪري سگهون ٿا. امداد حسيني يقينن اسان جو سرواڻ شاعر آهي، اسان سندس شاعري مان سکيا آهيون ۽ متاثر ٿيا آهيون ۽ اڄ به لکي ٿو اسان سان گڏ آهي اها اسان لاءِ خوشيءَ جي ڳالهه آهي. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
سحر امداد:
امداد حُسيني ھڪ شاعر آھي، مڪمل شاعر، فل ٽائيم شاعر. مون ھڪ pure شاعر سان ذري گھٽ اڌ صدي (ٻه سال گھٽ اڌ صدي) گذاري آھي! شاعر ڏاڍا حساس ٿيندا آهن، سا ته آئون به آهيان، پر آئون هڪ عورت آهيان ۽ ماءُ آهيان امداد حسيني جي ٻارن جي ماءُ ۽ مون ۾ ممتا جو جذبو ڪجھ سرس ئي ڀريل آهي. ھڪ سُٺي ماءُ ٻارن جي ٻاراڻين کي نظر انداز ڪندي آھي، تيئن ئي مون ٻارن جي پيءُ جي ٻاراڻين کي درگذر ڪيو. مون ھڪ سُٺي زال وانگر ھن جي شاعراڻي مستين کي ٽوٽلي اگنور ڪيو، ھُو جيڪڏهن تخليق جي موڊ ۾ آھي ته مون ھن کي ڊسٽرب نه ڪيو. مون ھن جي ننڍي ۾ ننڍِي ڳالھه جو خيال رکيو. ھن جي ڪپڙن لٽن، کاڌي پيتي کان وٺي لکڻ پڙھڻ، ٻڌڻ سُڻڻ تائين مان ھن جيBest & trustworthy companion رهيس. ڪيترن موقعن تي آئون ھن کي موت جي مُنھن مان ڪڍي آئي هونديس، جنھن کي ھو خود به مڃي ٿو ۽ پاڻ پنھنجن دوستن سان ان جو اظھار به ڪري چڪو آھي. اھڙي ئي ڳالھه ھن خود اوھان سان به انٽرويو جي ڳالھه ٻولھه دوران ڪئي ھئي. ان ڪري ئي ھن به مون سان ٻٽيهه دلين سان پيار ڪيو ۽ مون سان ساڻ رهيو. آئيڊيل ڪپل/Ideal Couple ٻيو ڇا ھوندو آھي؟ سمورين خامين ۽ خوبين سميت هڪٻئي کي اپنائڻ، غلطيون درگذر ڪرڻ ۽ ھڪٻئي جي عزت ڪرڻ ۽ عزت ڪرائڻ. اھي اٺيتاليهه سال گڏ گذارڻ جو معجزو اسان ٻنھي کان ئي ٿيو آهي، ان ۾ ڪنھن جو حصو گھڻو آھي، ڪنھن جو ٿورو، ان تي سوچڻ جي ڪهڙي ضرورت آھي. زال مڙس جي رشتي ۾ اھڙا حساب ڪتاب اعتبار ۽ پنھنجائپ کي ختم ڪندا آھن. وڌيڪ سٺين ڳالهين تي سوچڻ وڌيڪ سُٺو آھي. اسان گڏجي دنيا گهمي آهي. آمريڪا ۾ اسان اڍائي ٽي مهينا رهياسين، ھڪڙي عيد به اتي ڪئي سين، ٻه ڪانفرنسون، ٻه ٽي مشاعرہ ۽ ڪيئي ادبي گڏجاڻيون اٽينڊ ڪيونسين، ويسٽ ڪوسٽ سڄو گهمياسين. ان کان اڳ 2003 ۾ سعودي عرب وياسين ۽ پورو مهينو اتي رهياسين. عشا پڙھي “خانهءِ ڪعبه” کان واپس پنھنجي ھوٽل تي ايندا هئاسين ۽ وري پوڻين ٻين وڳي تھجد پڙھڻ ويندا هئاسين. تھجد جي ٻانگ کان اڳ ۾ اُٿي وھنجي سھنجي پھچندا هئاسين اتان فجر ۽ اشراڪ ٻئي پڙھي، موٽي نيرن ڪري ظھر تائين سمھي پوندا هئاسين. اڪثر اسان کي ڪعبي جي صفا سامھون پهرين قطار ۾ گڏجي بيهي نماز پڙھڻ جو سڀاڳ حاصل ٿيندو هو. دنيا جي ستن عجوبن کي ڏسڻ جي خواھش ھئي سو مهينو کن ھندستان به گهمي آياسين. تاج محل ساڻس گڏجي ڏسڻ جي تمنا ھئي، سا پوري ٿي. ٻيا به خوبصورت شهر ۽ تاريخي جايون گهمياسين. يورپ جي سهڻن شھرن کي ڏسڻ جو شوق ھو سو پهرين ٽرپ ۾ ڇھن ملڪن جي سھڻن شھرن ۾ ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي گهمياسين. اصل ۾ اھو سڄوtour اسان کي ٻارن ڪرايو هو. امداد جيڪو ھاڻ گھڻو ڪري گھر کان ٻاھر نڪري ئي ڪونه ۽ اسان کي چئي ته: “توهين وڃو!” سو وڏي خوشيءَ سان اسان سان گڏ جرمني، فرانس، چيڪ ريپبلڪ، اٽلي، آسٽريليا، سوئيٽزرلينڊ گهميو ڦريو. ڪٿي به نه چڙيو، نه بيزار ٿيو، بلڪه انجواءِ ڪيائين.
“سانول” سائينءَ جو ھڪ شعر آھي:
‘سحر’ ‘امداد’ سڄڻ، ٻيو ته سڄو لوڪ ڏڄڻ،
۽ سڄڻ ريءَ سَرَڻ، ايترو سولو ناھي!
شال سدائين سکيا ۽ سرها هجن. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
راج راڄپر:
تخليقن جو سرچشمو آ ڪا گھري تنھائي
سرجن ٿا پر ٻرندي ٻرندي گيت غزل ۽ وائي
شاعري جتي تندوري خيالن جو تاءُ ۽ تڙپ آھي، اتي ملهاري سوچ جو آساس ۽ ساءُ پڻ آھي. امداد حسينيءَ جي شاعري مٿين ٻنھي پھلوئن جو حسين سنگم آھي. امداد حسيني پنھنجي ٽھيءَ جي شاعرن ۾ نمايان بيھڪ رکن ٿا. شاعريءَ جو نرم ۽ نازڪ لھجو سندس زندگيءَ جو ھوبھو اولڙو لڳي ٿو. نئين ٽھيءَ جي ڪيترن ئي شاعرن تي امداد حسينيءَ جو چِٽو اثر ڪلا کيتر ۾ سندس مڃتا جي ساک ڀري ٿو. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
اياز گل:
امداد حسيني موجوده دور ۾ سنڌي ٻوليءَ جو معتبر ۽ وڏو شاعر آهي. هن وقت سنڌي شاعري جي سرواڻي امداد حسيني ئي ڪري رهيو آهي. اسان جڏهن نوجوان هئاسين ۽ جڏهن لکڻ شروع ڪيوسين ته جن وڏن شاعرن شيخ اياز، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني ۽ ٻين کي جتي پڙهي ۽ لکڻ جو شوق ٿيو هو انهن ۾ امداد حسيني به شامل هو، نوجوانيءَ واري دور ۾ امداد اسان کي تمام گهڻو متاثر به ڪيو. امداد ريڊيو تي جيڪي گيتن ڀريون ڪهاڻيون لکيون انهن ۾ شامل گيت مختلف فنڪارن جي آواز ۾ رڪارڊ ٿيا، اهي سنڌي شاعريءَ جا اهم اسم آهن ۽ اهي گيت عوام ۾ تمام گهڻو مقبول ٿيا ۽ اڄ سوڌو امداد جي حوالي سان انهن جو ذڪر ٿيندو رهندو آهي. امداد سنڌي شاعريءَ کي نوان گس ڏنا، نيون راهون ڏنيون ۽ نوان تجربا ڪيا. خاص ڪري جيڪي سندس نظم آهن “حادثو” “حيدرآباد” “امداد آهي رول” جي پهرين ڇاپي ۾ شامل آهن اهي واقعي شاهڪار نظم آهن. مان سمجهان ٿو امداد سنڌي ٻوليءَ کي مالا مال ڪرڻ ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. سڄي سنڌ ۾ سندس ڪيترائي فالوور آهن سندس ڪم جي حوالي سان ۽ ذاتي حوالي سان مان امداد کي هميشه پسند ڪندو آهيان. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
سجاد مهر:
سائين امداد حسيني شاعرن جي فهرست ۾ پنهنجي انداز، لهجي ۽ جسماني بيهڪ ۾ به نيچرل شاعر جو ڏيک ڏيندو آهي. سچ ته هو مون کي سنڌي شاعريءَ جو “جون ايليا” لڳندو آهي. ڏاڍو شانائتو ۽ مانائتو هي ماڻهو پنهنجي نئين ٽهيءَ سان به اوترو ئي واڳيل آهي جيترو هڪ ذميوار ماڻهوءَ کي پنهنجي قلم جي ڪٽنب سان ڪميٽڊ هجڻ گهرجي. لکڻ جي معاملي ۾ هن ڪالم به لکيا آهن ته تحقيقي مقالا به، ڪهاڻيون به لکيون اٿائين ته تنقيدي ۽ تخليقي ادب به… ريڊيو لاءِ گيت به ته ناٽڪ ۽ سيريل به، پر هو پنهنجي بنيادي سڃاڻپ واري هٿ ۾ هڪ جديد شاعر جو جهنڊو جهليو بيٺو آهي. توڙي جو هو ٻين شاعرن جيان ايترو “رول” به ناهي جو هر هنڌ هَڪيو حاضر هجي ان جي باوجود هو “رول” سڏجي پيو. سندس پهرين شعري مجموعي “امدد آهي رول” اهڙي ته ڇاپ ڇڏيس جو هو نالي جيان نشانبر ٿي بيٺو. امداد ادب جي اُفق تي پنهنجي حصي جو ڏيئو جلايو ۽ اهڙو جلايو جو ان شعر کيس امر بڻائي ڇڏيو. اڄ به جڏهن ٻڌجي ٿو ته “مون جڏهن ڪو ڏيئو جلايو آ، زور ڪيڏو هوا لڳايو آ”… ته سچي پچي امداد جو اهو احوال به اورجي وڃي ٿو جنهن ۾ پاڻ ئي چئي ويو آهي ته “اڄ مڙئي سور ڪجهه سوايو آ”… امداد حُسيني صدين جو سوداءُ آهي، روح جي رياضت آهي، هو عشق جي زمين تي روهيڙي جي گل جيان آهي. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
فضا قريشي:
سائين امداد حسيني سان واسطو ڪيترن ڏهاڪن تي ٻڌل آهي. نوي جي ڏهاڪي ۾ جڏهن آئون مهراڻ يونيورسٽي ۾ پڙهندي هيس ته سياسي وابستگي جي ڪري جيڪي به روشن خيال اديب ۽ شاعر هوندا هئا تن سان ملڻ لاءِ دل اڌما کائيندي هئي. پليجو صاحب، امداد حسيني جي ڪتاب “امداد آهي رول” جي اڪثر ڪچهرين ۾ ڳالھ ڪندو هو ۽ ان جا نظم پڙهندو هو. بس اها ئي ڇڪ مون کي سنڌ يونيورسٽي جي ڪالوني ۾ سندن گھر کڻي ويندي هئي. آئون “امداد آهي رول” جي پٺيان اهو ڳڀرو شاعر جنهن جي ٻولي نج، جنهن جا خيال انقلابي ۽ رومانٽڪ هوندا هئا، انهي کي پئي ڳوليندي هيس. خبر ناهي ڇو پر “امداد آهي رول” مون کي طارق عالم ابڙي جي “رهجي ويل منظر” جيان هميشه هر ڀيري پڙهڻ سان ساڳيو من کي موهيندڙ ۽ وري پڙهڻ لاءِ سانڍي رکندڙ لڳندو آهي. امداد حسيني جيڪو ڀلي پاڻ کي رول چوي، پر ان رول جي جهول ۾ ٽکڙ جي ٻولي ۽ لهجو انمول موتي آهن، جنهن کي هن هر قسم جي بگاڙ کان شعوري ڪوشش ڪري محفوظ رکيو آهي. آئون وٽن جڏهن به ويس ته پاڻ ۽ ميڊم سحر لکين عزتون ۽ ڪروڙين قرب ونڊيا. هنن وٽان سدائين مائٽن وارو احساس ئي ملندو رهيو آهي. شال سدائين سکيا ۽ سرها هجن. کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.
***
ثاقب ابڙو:
بيحد مانائتو مانوارو سائين امداد حسيني، اھو سگھارو سرجڻھار آھي جنھن پنھنجي شاعريءَ ۽ شخصيت ۾ يگانو ھجڻ ڪري ھر ننڍي وڏي جي جيءَ ۾ جايون جوڙيون آھن. امداد حسيني نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي سر موڙ شاعر طور پر ھڪ اھڙي نقاد جي حيثيت ۾ اھم مقام رکي ٿو جنھن وٽان نڪور ڪوي نکري نروار ٿين ٿا ۽ پنھنجي قلمي پورھئي متعلق امداد حسيني صاحب کان ٻولي، لھجي، خيال، بحر وزن، عروض ۽ شاعري جي ٻي اڻت بابت برجستي اصلاح ماڻين ٿا. اڄڪلھ شاعريءَ جي دنيا ۾ بانبڙا پائيندڙ شاعر جتي وڏي عمر ۽ وڏو قد ڪاٺ رکندڙ شاعرن پاران کين ملندڙ طنز جي تيرن لاءِ دانھين ٿا ۽ مختلف طريقن سان سندن رستا روڪ تي بيچين نظر اچن ٿا اُتي امداد حسيني جي ڪردار جي واکاڻ پڻ وڏي واڪي ڪن ٿا. ميڊيا ھجي يا سوشل ميڊيا، مشاعرن جون محفلون ھجن يا ادبي ويھڪون، امداد اوھان کي ھرھڪ سان مھل ملھائيندي نظر ايندو. اردو ادب جي نامياري شاعر انور شعور چواڻي:
”دوست ڪھتا ھون تمھين شاعر نھين ڪھتا شعور،
دوستي اپني جگھ ھي- شاعري اپني جگھ“
امداد حسيني پڻ ان فلسفي تي ڪاربند نظر اچي ٿو. قبول يا مقبول ھجڻ ڪري پاڻ دوستيون نڀائي به ڄاڻي ته ھڪ استاد شاعر جي حيثيت ۾ شعري مجموعن تي مھاڳ لکندي حقيقي نقاد ھجڻ جو فرض پڻ خوش اسلوبي سان نڀائي ٿو. مون پارن لاءِ ته اھو اعزاز ئي اُتم آھي ته اسين امداد حسيني جي زماني ۾ موجود آھيون ۽ سندس شاعريءَ جو ٽکڙائي لھجو سندس ئي آواز ۽ انداز ۾ ٻڌي لُطف ماڻيندا آھيون. وڏي شاعر وٽ ٻوليءَ جو وڏو ذخيرو ھوندو آھي، سو سڀ سڀوئي ذخيرو اکرين ڪتابن ۾ ته کانئس پوءِ به سندس ڪتابن ۾ پڙھڻ وٽان ملي سگھي ٿو، پر لفظن جو اصلوڪو لھجو ۽ اُچار وٽانئس ٻڌڻ فقط مزو وٺڻ نه، پر سکيا پڻ آھي.
آئون اڪثر ريڊيو، ٽي وي ۽ اسٽيج پروگرامن جي ميزبانيءَ دوران امداد حسيني صاحب جا ڪيترائي شعر پڙھي ڄڻ سندن حصي جو داد پيو ماڻيندو آھيان. اڄ انھن شعرن مان منھنجا بيحد پسنديدہ چونڊ شعر کين نھايت خلوص ۽ محبتن سان ڀيٽا طور پيشِ خدمت آھن:
ھُوءَ چيَ ٿِي ته ٿا چون ماڻھو آئون ھُنَ تي مرڻ لڳو آھيان
آئون مُرڪي چوانس ٿو پياري سچ پڇين، ڪوڙ ٿا بَڪَن ماڻھو
آئون توتي مرڻ لڳو ناھيان آئون توتي جيئڻ لڳو آھيان.
…
سار تنھنجي به ساھ جيئان آھي
ھاڻي آئي، ويئي، وري آئي!
کيس سندس 81 هين جنم ڏينهن جون مبارڪون هجن.