بلاگ

امداد حسيني جيئن مون هن کي ڏٺو ترجمو: زاهده ابڙو مزمل سائر March 2021

اسان وڃي فوٽ پاٿ جي ڪناري تي ويٺاسين. هو مون سان ڳالهائي به رهيو ۽ روڊ جي پاسي مان کنيل ڪجهه پٿريون هٿ ۾ کڻي انهن کي ڪڏهن هٿ سان مهٽي رهيو هو ته ڪڏهن انهن کي هوا ۾ اڇلائي وري جهٽي رهيو هو، وري ڪيڏي مهل روڊ جي ڀر ۾ هڪ ڪاري پٿريءَ سان زمين تي ڪي خيالي شبد لکي رهيو هو. مان هن کي تمام ڳوڙهي نظر سان ڏسي رهيو هئس ۽ سندس اکين تي نظر هيم، جيڪي بي خياليءَ ۾ سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو جي روڊ جي ڀر پاسي واري شين کي گهوري رهيون هيون.

ڪنهن وقت ۾ منهنجي ساڻس آمهون سامهون ملاقات ٿي هئي، جنهن ۾ هو سنڌ جي پکين ۽ جيتن تي ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، هن کڻي “کڙکٻيتي” جي سنڌي نالن جي اپٽار ڪئي. جنهن ۾ هو سنڌي بيتن ۽ شاعريءَ مان حوالا به ڏيندو رهيو ۽ ڪوبه نالو اهڙو نه کنيو جيڪو نئون هجي ۽ جيڪو سنڌي شاعريءَ ۾ استعمال نه ٿيو هجي. جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ حوالا خاص طور تي سنڌ جي نامدار شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي شعري مجموعي “شاهه جو رسالو” مان ٿي ڏنائين.

لڳ ڀڳ سٺ ورهين جو مڙس، سنڌي ادب جي دنيا ۾ امداد حسينيءَ جي نالي سان سڃاتو ويندڙ… وار ڊگها، شايد پونيٽيل ٿيل، شيو وڌيل، جيستائين ياد ٿو اچيم ته ٽي شرٽ ۽ جينز ۾ ملبوس، گرم جوش ۽ دوستاڻو لهجو، پر اکيون ڪنهن ريگستان جي واريءَ جيان خشڪ.

اهو 2000ع وارو سال هو، آئون هن کي پنهنجي پهرئين شعري مجموعي “سدا سائر سير ۾” جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شريڪ ٿيڻ جي لاءِ دعوت ڏيڻ ويو هئس، جيڪا هن خوشيءَ سان قبولي. وري ٻيهر 2015ع ۾ هن منهنجي ٽئين شعري مجموعي “کٿوري کيپ کيتر ۾” جي مهورتي تقريب ۾ خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. منهنجي ساڻس آخري ڳالهه ٻولهه فيس بُڪ تي 30 مئي 2020ع تي ٿي، جتي اسان منهنجي هڪ نظم تي ادبي بحث ڪيو جيڪا مون ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فيس بُڪ تي رکي هئي.

ويهن سالن جي عرصي کانپوءِ، غير رسمي ڳالهه ٻولهه، ڳڻپ جيتريون ملاقاتون، ڪلاسيڪي ۽ عصري سنڌي ادب تي خيالن جي ڏي وٺ. ڪافيءَ جي ڪوپ تي اردو ۽ انگريزي شاعريءَ تي ٽيڪا ٽپڻي، ماضيءَ جي ڀَٽَ فقيرن بابت ڳالهه ٻولهه ۽ هاڻوڪي وقت جي ادبي رجحانن تي گفتگو ته اڄ جو شاعر ڪهڙا رجحان اختيار ڪري رهيو آهي.

پيشي جي لحاظ کان هڪ تعليمدان، حُسيني ڪيترن ئي ادبي ادارن ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، جنهن مان هڪ سنڌي ادبي بورڊ آهي جتي هن 93-1992ع تائين سيڪريٽريءَ طور پنهنجا فرض نڀايا ۽ ان سان گڏوگڏ هو سنڌي ادبي بورڊ جي ٽماهي مخزن مهراڻ 79-1977ع تائين جو ايڊيٽر به رهيو. ساڳئي ئي مخزن جو 06-2004ع تائين مئنيجنگ ايڊيٽر به رهيو ۽ ان سان گڏوگڏ ان جي بورڊ جو ميمبر به رهيو. پاڻ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۽ سنڌ الاجي ۾ به خدمتون سر انجام ڏنيون. ان کانسواءِ پاڻ سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي بورڊ آف گورنرز جو ميمبر به رهيو. 1999ع ۾ کيس “نئين زندگي” طرفان بهترين شاعري تي ايوارڊ ڏنو ويو. 2004ع ۾ “سيوڪ فائونڊيشن مبمئي” طرفان کيس “نارائڻ شيام ايوارڊ” ڏنو ويو، 2007ع ۾ کيس “جوش مليح آبادي لائف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ” ڏنو ويو، 2014ع ۾ “اڪيڊمي آف ليٽرز اسلام آباد” طرفان کيس “قومي ادبي ايوارڊ” عطا ڪيو ويو. 2016ع ۾ يو “بي ايل ادبي ايوارڊ” سندس اردو شاعريءَ جي مجموعي “ڌوپ ڪرن” تي کيس ڏنو ويو. 2018ع ۾ “پاڪستان پبلشرز ۽ بُڪ سيلرز” طرفان کيس “لٽرري ڪنٽريبيوشن ايوارڊ” ڏنو ويو. 2003ع ۾ کيس سندس علمي ۽ ادبي خدمتن جي عيوض “پرائڊ آف پرفارمنس ايوارڊ” ڏنو ويو.

شيخ اياز ويهين صديءَ جي ٻئي اڌ جو نمايان سنڌي شاعر، شاهه عبداللطيف جي شاعري کي سندس شاعريءَ کان ڌار ڪري ڏسجي ته سندس شاعري انقلابي روشنيءَ جيان مون جهڙن نون شاعرن جي ذهنن ۽ شاعراڻي اسلوب تي اسي جي پڇاڙڪي ۽ نوي جي اوائلي سالن ۾ اثر ڪيو. مون شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي ٻولي ۽ پيغام کي سمجهڻ لاءِ تمام گهڻي محنت ڪئي ۽ شيخ اياز جا لڳ ڀڳ سڀئي ڪتاب به پڙهيا، جنهن ۾ سندس نثر ۽ شاعري شامل هئا، پر جيئن جيئن وقت گذرندو ويو، شيخ اياز جي شاعري جنهن منهنجي دل ۽ دماغ تي تمام گهڻو اثر ڇڏيو سو پنهنجو اثر وڃائي ويٺي. لطيف جي روشني منهنجي سوچ جي ڇتريءَ مان انيڪتا سان جهاتي پاتي ۽ ڇڻي مون تي اثر ڪيو.

اِهو اُهو دور هو جڏهن مون اياز جي همعصر شاعرن جهڙوڪ: استاد بخاري، تاجل بيوس، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، نياز همايوني، نارائڻ شيام کي تمام گهڻو پڙهيو. مون اياز گل کي به پڙهيو، پر منهنجي جن شاعرن سان آمهون سامهون ملاقاتون ٿيون تن ۾ خاص ذڪر امداد حُسينيءَ جو ڪندس. ان کانسواءِ آسي زميني ۽ وفا ناٿن شاهيءَ سان به ملاقاتون رهيون. پنهنجي وقت جا تمام نفيس شاعر، آسي زميني سان تمام گهڻو ملڻ جلڻ ٿيو. جيتوڻيڪ حُسينيءَ سان 2000 تائين گهٽ مليس. 2014ع کان ساڻس حقيقي ميل جول شروع ٿيو.

اهيcircles  جيڪي حُسينيءَ جي شاعريءَ کي اصل مقام نٿا ڏين انهن کيس “بزمِ شاعر” (اهو شاعر جيڪو ٺلهو اسٽيج تي پرفارم ڪري جيئن ڪيترائي اردو شاعر آهن) جو لقب ڏنو. جڏهن ته ساڻس محبت ۽ انسيت رکندڙ کيس سنجيده شاعر سمجهن ٿا ۽ اهي کيس ورسٽائل شاعر سڏين ٿا جيڪو گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان لکندو ٿو اچي.

جڏهن مون سندس اوائلي شاعريءَ جو مطالعو ڪيو، مون کي سندس شاعريءَ ۾ هڪ انفرادي آواز نظر آيو، پوءِ اهو آواز ارادي يا غير ارادي هو جنهن ۾ هو انهن شاعرن کان سوال ٿو ڪري جيڪي پاڻ کي قوم جو علمبردار سمجهن ٿا. سندس شاعراڻو انداز سندس وقت جي انهن انقلابي شاعرن کان ڌار آهي جيڪي سوشلزم کان تمام گهڻو متاثر هئا، جيئن شيخ اياز اهو به انهن مان هڪ هو ۽ انهيءَ ساڳي جذبي سان سرشار ماڻهن جي تلاءُ جو تارُو هو. جيئن نگهبان، ڏاها، نبي ۽ دانشور رهنما جيڪي هجومن جي اڳواڻي ڪندا آهن، انهن لاءِ ڄڻ ته اهي سڀ ماڻهو ڪم عقل هوندا آهن. مستقبل کان بي خبر انهن جو نصيب اهو هوندو آهي ته اهي اهڙن علمبردار شاعرن جي نقش قدم تي هلن. چئي سگهجي ٿو ته اهو ننڍي کنڊ جو ان وقت جو جديديت پسنديءَ جو هڪ لاڙو/رواج هو. بنا وڌاءُ جي اهو چئي سگهجي ٿو ته ان جو انت وڃي يورپ ۽ آمريڪا ۾ ٿيو، جنهن کي عرف عام ۾ اتي“late modernism”  سڏيو ويو.

حسيني پنهنجي سفر ۾ نوان تجربا ڪندو آيو ۽ نيون ريتون جوڙيائين ۽ ان گهڻو ڪري هن ريت ۾ پنهنجو پاڻ کي شامل ٿيڻ کان بچايو جيڪا ان وقت جي روايت بڻيل هئي.

اهو دور هو سندس جذباتي خيالن جي اظهار جو ۽ گهري دانشمندانه سوچ جو، شاعراڻي حساسيت ۽ اڻمئي اظهار جي طاقت جو. اچو ته سندس نظم “حملو” مان ڪجهه سٽون پڙهي ڏسون:

حملو!

وقت راتاهو هڻي ٻاٽ جو زهري خنجر

دهر جي سينهءِ بيدار ۾ قبضي تائين

حسب معمول هنيو صَرف ڪري سڀ طاقت

روئي ۽ چُپ ٿي وئي گنبدِ مسجد ۾ اذان

مورتي ٻُڌ جي ميوزم ۾ هئي اونڌي مُنهن

بانسري ٽڪرا هئي چُپ هئا نوحا نغمه

زهر کي پي ويو يونان جو ڏاهو انسان

هڪڙي مائي اچي دروازهءِ گرجا جي اڳيان

ڪن ڪچري ۾ ڇڏي وئي نئون ڄاول ٻار!

شهر جي لاش تان پئجي وئي ڪاري چادر

۽ وڪوڙي وئي هر روح کي تاريڪي قبر

هر طرف ڪاهي پيا درد ۽ تنهائيءَ جا ديو

۽ گهٽين کي ايئن ويساهه وسوڙل سمجهي

آيا ويرانيءَ جا ڌاڙيل ۽ خاموشيءَ جا چور

سرد ۽ تيز هوائن ٿي ڪڙا کڙڪايا

ته ڪو انسان به ٿئي شهر جي ماتم ۾ شريڪ

ته ڪي چيخون به هجن جشنِ جهنم ۾ شريڪ

در ۽ ديوار جي خاموشيءَ کي ٽوڙڻ خاطر

صرف ٽاور جي ٺڪائن ٿي مٿو ٽڪرايو

بيواهه چو واٽي تي بيٺا رهيا انڌا سگنلز

پنهنجو ئي ماس پٽيندا رهيا پاڳل ڪتا!

۽ الائي ڪٿي پيرن جا سمهي پيا آواز.

هيءُ نظم (حملو) جذبن سان ٽمٽار آهي، هڪ جوان شاعر موج ۾ آهي. هڪ حساس ڪَنُ، هڪ چڀندڙ اک، جيڪا ان ٽڙيل پکڙيل طاقتور قوتن جي دنيا کي للڪاري ٿي، جنهن نا انصافي ۽ ناجائز پڻي جو ڄار پکيڙيو آهي. ان جو موضوع اهم ناهي، پر ان نظم ۾ جذبن جي اظهار جي شدت مون کي آڳاٽي شاعر سيميوئل ٽيلر ڪالرج جي نظم جي ياد ٿي ڏياري.

انگلش نظم

In sighs their sickly breath was spent; each gleam

Of Hope had ceas’d the long long day to cheer;

Or if delusive, in some flitting dream,

It gave them to their friends and children dear

Awaked by lordly Insult’s sound

To all the doubled horrors round,

Oft shrunk they from Oppression’s band

While Anguish rais’d the desperate hand

For silent death; or lost the mind’s controll,

Thro’ every burning vein would tides of Frenzy roll.

ايس. ٽي ڪالرج جو هيءَ نظم جيڪو هن 1789ع ۾ لکيو هو، ان اميد جي منظر ڪشي ٿو ڪري جيڪا هن فرانس جي انقلاب سان لاڳو ڪئي هئي، اهو تبديليءَ جو خواب هو. اهو رومانوي دور کان پهرين لکيل نظم آهي. (ڪن جي لاءِ وري رومانوي دور جي آهي، ڇو ته دورن جي تشريح هڪ ملڪ جي نقاد جي ٻئي ملڪ جي نقاد کان مختلف آهي) حسيني جو نظم عنوان جي لحاظ کان مختلف آهي ۽ يقينن اهو اُن دور (20 صديءَ) جي پيداوار آهي. عام طور تي سندس شروعاتي دور واري شاعري ان وقت سنڌ، پاڪستان ۽ دنيا جي سماجي ۽ ثقافتي حالتن ۽ ماحول جي وسيع عڪاسي ٿي ڪري. اها ڄڻ ته هڪ جدوجهد هجي، سچ جي ڳولائو انهن مقامي ماڻهن جي انهن لڱ ڪانڊاريندڙ خونن خلاف يا انهن غلام قومن جي جدوجهد جو آواز هجي پنهنجن حقن ۽ آزاديءَ لاءِ يا سماجي حقن لاءِ آواز هجي انهن آفريقي آمريڪين جو وغيره وغيره.

اچو ته هن نظم تي هڪ نظر وجهون:

هڪڙي ويران گهر کي ڏسي

نظم

آئون اهڙي جاءِ آهيان

جنهن جا در دريون ڪڏهوڪا

جهاڙ ۽ فانوس

پردا ۽ ڪٻٽ

آرسيون

۽ آرسين جا اولڙا

وچ چوڪ تي وڪجي چڪا

آئون اهڙي جاءِ آهيان

جنهن جي رهواسين جي ردي خواهشن

ڪنهن خزاني جي حوس ۾

فرش جي سِر سِر اُٿوڙي

درز درز آهي اُکوڙي

هاڻ ڇا هي؟

ڇت تي چمڙا ٽنگيل

هاڻ هر ديوار تي ڇيڻا ٿُڦيل.

هي نظم حُسينيءَ جي ڪتاب “ڪرڻي جهڙو پل 2012” ۾ ڇپيو جنهن جي ماڊرن ازم جي مڌرتا جي گونجار اڄ به ٻڌڻ ۾ اچي ٿي. هيءُ نظم سيميوئل بيڪيٽ جي خيال، بي معنويت، مٿاڇرائپ، بيهودگي، مذهبن جي انڪار ۽ شهري ويڳاڻائپ ۽ اجنبيت تي ٻڌل آهي وغيره.

جيئن جيئن هڪ شاعر جي حيثيت ۾ هو وقت جي لاهن ۽ چاڙهن مان گذرندو ويو ته ڪوبه سندس ڪم ۾ آيل تبديليءَ کي محسوس ڪري سگهي ٿو ته ڪيئن سندس جوانيءَ ۾ جذبن جو جوش ۽ ولولو پالش ٿيل هنر ۾ تبديل ٿي ويا. اهو سڀ فطري آهي، ڄڻ ساڳيو آهي. ان سڄي سفر ۾ جيڪڏهن ڪو سندس تازي شاعري جيئن مٿي ساڳيو رومانوي هڪ نظم ڏنل آهي، توهان جي ياد کي تازو ڪندو ته هي اهو ئي امداد حُسيني آهي. مثال طور اسان سندس هڪ نظم “وڇوڙو” سندس تازي شايع ٿيل ڪتاب “هوءَ” مان کڻون ٿا جيڪو 2016ع ۾ شايع ٿيو. جيڪو محبوب جي پوتر عشق جي سڪ کي اظهاري ٿو:

وڇوڙو!

سي هوائون تنهنجي ڀنڀن ۾ جي وچڙيون سچڙيون

اهي شامون جي ستارا کڻي آيون تو لئه

راتيون چنڊ جو جهومر هڻي آيون تو لئه

صبح جيڪي تنهنجي چهري مان اکيون مهٽي اٿيا

اهي راهون جي هيون پنهنجون کليل ڄڻ ٻانهون

لوڪ ورثي جي ميوزيم جو اهو هال ۽ پاڻ

هال ڄڻ پاڻ کي ڀاڪر ۾ ڀري ٿي ورتو

تون وسارڻ به جي چاهين ته وساري ڇڏجانءِ

ڇو ته سارڻ سان سري ڪجهه به نٿو سور سواءِ.

جيئن ته هيءُ ايڪيهين صديءَ جو نظم آهي، جنهن جو خيال انساني جبلت جي عڪاسي ڪري ٿو ۽ انسان جي تاريخ جي رڪارڊ ۾ ڪٿي به ڏسي سگهجي ٿو. منهنجو ذهن رابرٽ برائوننگ جي پاسي ٿو ڊوڙي“The “Last Ride Together” لارڊ بائرن جيWhen We Parted  ۽ جان ڊون جي “A valediction Forbidding Mourning” مان هتي وڌيڪ بيان ڏيڻ کان بغير سندس نظم مان ڪجهه سٽون اوهان سان ونڊيان ٿو. ڪجهه سٽون سندس ڪتاب “هوا جي سامهون” (2000) مان:

لُڙڪُ جو لفظ ۾ آهي

سو ٽشو پيپر سان

ڪو اُگهي آهي سگهيو،

جو اگهندو!

سُورُ جو سِٽُ ۾ آهي

سو سڃاڻي نه سگهيو آهي ڪو

ته دوا ڪهڙي ڪندو!

زخم جو نظم ۾ آهي

اهو ڪنهن کي به نظر ڪونه اچي ٿو

ته پَهو ڇا رکندو!

سندس ساڳئي ڪتاب مان ڪوبه پڙهندڙ سندس هن نظم “ايڪيهين صديءَ” کي به انجواءِ ڪري سگهي ٿو.

سگريٽ سان ٿو ڏينهن دکي

سگريٽ سان ٿي رات اجهامي

لائيٽر جو شعلو

جيئن ڪو ڪٿي ڏيئو ٻري

جيئن ڪو ڪٿي ڏيئو وسامي

ڪوئي آهي جيڪو منهنجي

اندر ويٺو پڄري کامي

دونهون دونهون آ جيون

ڄڻ ٿي پنهنجي رک اڏامي

اسي ورهين جي ڄمار جو اتساهيندڙ ڪردار جنهن جو پنهنجو هڪ خاص انداز آهي، جيڪو اتساهه ۽ حياتي جو جام فراهم ڪري ٿو. کيس ڏسندي دل مان واهه واهه نڪريو وڃي. لڳي ٿو عمر سندس جسماني صحت ياداشت، سندس شاعري ۽ سماجي رابطن تي ڪوبه اثر ناهي ڪيو. هڪ سنهڙو ماڻهو جيڪو صحت ۾ فٽ آهي، جنهن کي ڳالهه ڳالهه تي ڪاوڙ ڪانه ٿي اچي. سندس تازو شاعريءَ جو مجموعو “هوءَ” جيڪو سندس رومانوي چونڊ شاعري آهي، سندس جواني واري احساسن جو عڪس آهي، جيڪا شاعري هو سٺ يا ستر جي عمر ۾ ڪندو ٿي آيو. مون کي هو هندستاني اداڪار اميتاڀ بچن جيان لڳندو آهي. حُسيني به سڀني ادبي پروگرامن ۾ شرڪت ڪندو آهي ۽ سندس موجودگيءَ کي هر جاءِ تي محسوس ڪري سگهجي ٿو.

امداد حُسيني جي هڪ وڏي صلاحيت سندس ڪم سان ڪمٽمينٽ آهي. مان خاص ڪري ڏسان ته جڏهن به ڪوئي کيس پنهنجي ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ گهرائي ٿو يا ڪتاب تي ادبي تنقيد لاءِ چوي ٿو ته هو ان کي انتهائي سچائي سان پورو ڪري ٿو. جيڪڏهن ڪنهن ڪتاب تي ڳالهائڻ لاءِ هو راضپو ڏيکاري ٿو ته توهان کيس ڳالهائيندڙن جي پهرين قطار ۾ ويٺل ڏسندا جيڪو سچ پچ ته پنهنجو وقت سيڙائي ان ڪتاب جو مطالعو هڪ پروفيشنل انداز ۾ تياري ڪري آيل هوندو آهي، هو ان ڪتاب جو مجموعي تجزيو ڪرڻ سان گڏوگڏ اتي ويٺل ماڻهن کي ان ڪتاب متعلق سٺيءَ ريت معلومات فراهم ڪندو آهي.

سندس شخصيت جي ٻين خوبين سان گڏوگڏ اها به هڪ خوبي آهي جيڪا کيس ٻين عام همعصرن کان ڌار ڪري ٿي بيهاري جيڪي شهرت حاصل ڪرڻ کانپوءِ پنهنجين خلوت گاهن ۾ رهڻ پسند ڪندا آهن ۽ پاڻ کان گهٽ درجي جي ليکڪن ۽ شاعرن سان سندن ڪوبه رابطو ناهي هوندو.

حُسينيءَ جو روح سنڌ جي روايتن سان ڳنڍيل پاڙن ۾ پيوست آهي. هو پنهنجي ڌرتيءَ سان تمام گهڻو پيار ڪري ٿو، جيڪو سندس ڪم ۾ جهلڪي ٿو.

هئه هئه ڙي ساڻيهه، دوست نڪي داناءَ مليئي

ڏوري ڏوري ڏيهه، ڍونڍي آيا ڍونڍ کي-

 (امداد حُسيني)

سندس شاعريءَ جو گُرو ٻيو ڪوبه ناهي سواءِ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي، جيڪو سنڌ جو عظيم شاعر ڪري ليکيو وڃي ٿو. حُسينيءَ لاءِ شاعريءَ جو معيار شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شاعري آهي. ائين نه ته هو مون جهڙن ماڻهن وانگر جيڪي ادب جي بهترين لڏي کي جيئن روسي ادب مان، فرينچ جرمن، يوناني، ايراني ادب پڙهن ٿا ۽ ان مان متاثر ٿين ٿا، هو سنڌيءَ ۾ شايع ٿيندڙ لڳ ڀڳ شاعريءَ جو هر ڪتاب پڙهي ٿو. ان جو ڇا مقصد آهي؟ هڪ ڀيري هن ٻڌايو ته هو هن وقت ٿيندڙ سنڌي شاعري جي نبض تي پنهنجو هٿ رکڻ ٿو چاهي. هو اهو ڪم سالن کان ڪندو اچي ته جيئن وٽس ايتري صلاحيت هجي جو هو دور حاضر ۾ ٿيندڙ شاعري تي فيصلو ڏئي سگهي.

هن دور جي جڳ مشهور سنڌي ٻوليءَ جي شاعرن ۾ امداد حُسيني هڪ اڻ ورچ، محنتي، ڦڙتيلو ٻين کي فيض رسائيندڙ، حساس ۽ ساڳئي وقت هڪ ننڍڙي ٻار جهڙي معصوم دل رکندڙ انسان آهي، جيڪو زندگي ننڍن ننڍن حصن ۾ جيئندو آيو آهي. آئون اڄ به ان امداد حُسينيءَ کي پنهنجي دماغ جي اک سان ڏسي سگهان ٿو جنهن جي هٿ ۾ ڪجهه ڪارا ننڍڙا پٿر آهن جن کي هٿ سان مهٽي به رهيو آهي ته وري هوا ۾ اڏاري جهپي به رهيو آهي ۽ انهن ڪارن پٿرن مان هڪ سان روڊ جي ڀر ۾ هو پنهنجي مخصوص انداز ۾ ڪجهه لکي رهيو آهي.

(13 سيپٽمبر 2020 تي انگريزي اخبار ڊان ۾ شايع ٿيو)

***