بلاگ

اوطاقون: سنڌ جي ثقافت جو جوهر! : عبدالغني شر

اوطاقن جو تصور ايندي ئي ماڻھو سوچ ويچار جي پنڌ ۾ ڀٽڪڻ لڳندو آھي. پل پل اندر ۾ اهو احساس جاڳي ٿو ته اها ڪهڙي اوطاق آھي جنهن جو مرشد لطيف پنهنجي شاعري ۾ ذڪر ڪيو آھيٖ؟ هڪ ڳوٺاڻي اوطاق ٻي اندر جي اوطاق.

اندر جي اوطاق پيار جي پهرين نهار ۾ گهايل بڻجي مرڪن جي مهمانن سان وسڻ لڳندي آھي. دل جي دنيا پرڪيف هوائن جي هڳاءُ وانگي محسوس ٿيندي آھي. خواب کٿوري لڳندا آھن! انهن خوابن ۾ محبوبي ادائن جي معصوميت جي پڪار هوندي آھي. جيون جو پل پل خوشين جي ڪھڪشائن ڏانهن اڏرڻ لڳندو آھي. اندر جي آباد اوطاق کي فطرت جو هر دلڪش منظر موهي ڇڏيندو آهي. ڪڪرن جا رسيلا رنگ سانوڻي مند جا مينهن بڻجي وسڻ جا ويس ڪري ايندا آھن، ٿر ڪاڇي ڪوهستان ماڻھو توڙي پکي پکڻ مٺين ٻولين سان ملهاري مند جا گيت آلاپي نه ٿڪبا آھن. ايئن محبتن جي مسافرن اوطاقن ۾ وصل جون هوائون هير بڻجي گهلنديون آھن. اندر جي آباد اوطاق ۾ پل پل پنهنجي پيار جي ڪٿا جو تذڪرو هوندو آھي، حساس احساسن سلهاڙيل ڪومل ڪلين جهڙي پيار جون ڳالهيون ريتن روايتن ۾ گھٽجي گهٽجي ساهه کڻندڙ وجودن جي درد ڪٿا، انائن جي صليب تي لٽڪيل ڳڀرو جوانين جا اڌما ٺڪرايل محبتن جا ٺڪرن وانگي، ڇڙوڇڙ ٿيل جذبن جي ڳوڙھن سندي بياني اڻپورا احساس، مسافر اکين جي کن پل جون نهارن جا تذڪرا، ڪنهن جي ڀنل اکين تي وسندڙ جدائي جا مرثيا پڙھندي وقت گذرندي وير ئي نٿو ڪري. اهي به اندر جون اوطاقون آھن. محبوبيت جي مراد من ۾ سجائي الفي انگ تي ويڙھي جوڳي بڻجي در در ڀٽڪن ٿيون! ڪٿ درگاهن جي درن تي پنهنجي پاڻ کي سڪون جي ڳولها ۾ لهندي اندر جي اوطاق کي آباد ڪن ٿيون، ڪٿ جواني پرينءَ جي پسڻ لئه مانگ من ۾ سجائي ميران جي سرندي جي تارن وانگي سڪون ڳولين ٿيون. ڪٿ پيڙا جي پنڌ ۾ ڀلجي ڀٽڪي ڪٿ درگاهن ۾ پنهنجي پيار جي پناهگاهه ڳولهي ٿي ته ڪٿ دارون جي دنيا ۾ دل جي درد جي دوا ڳولهي ٿي ته ڪٿ پيار جي پنڌ ۾ پاڻ کي ماري انوکو احتجاج رڪارڊ ڪرائي ٿي..!

سڀ اوطاقون پيڙا جي پنڌن جي پهرين آسيس آھن! چاهي اها اندر جي هجي يا اسان جي ڳوٺاڻي هجي. اندر جي اوطاق ۾ پنهنجا سور پيار ونڊين دلين ونڊبا آھن. ڳوٺاڻي اوطاق تي دل گهرين دوستن سان درد ونڊ ڪيا ويندا آھن. کل ڀوڳ مذاق مشڪري ۽ اندر اڌمن کي دل گهرين دوستن سان اپٽار ڪبي آھي، ڪي دل گهريا دوست سچائي جو ساٿ ڏيندي پيار پاٻوهه سان اندر جي احساسن کي نئين معنيٰ ملندي آهي. ڪڏھن وري ڪٿ دوستي جو سفر وقت سان گڏ دڳ مٽائي ڇڏيندو آھي! اندر جي احساسن کان اڻ واقف ٿي ٽھڪ ڏئي ٽوڪون ڪيون وينديون وقت جي ورقن ۾ اڪثر اهڙيون دوستيون جلد وڃائجي وينديون آھن، الائي ڇو..!

زندگي جي پنڌ ۾ هلندي آسپاس جي ماحول کي ڏسندي من جي محسوسات اها سوچ سمايل آھي، جيئن اسان پنهنجي ذات کي اهميت ڏيندي ناتن رشتن سان عجيب نموني جي لاتعلقي جوڙي ڇڏي آھي. جنهن جي ڪري رت جي رشتن ۾ گھاريون پئجي ويون آھن. اهڙي طرح سنڌ جون اڪثر مهمانوازي مثال بڻيل اوطاقون جيڪي اسان جي وقت جون طلبگار آھن، جيڪي اسان جون ڳوٺ جون پارليامينٽ آھن! جنهن جو اسپيڪر ڳوٺ جو نيڪ مرد هجي ٿو اسان تنهن ايوان ۾ ڏک سک اوريندي صدين جو سفر ڪيو آهي. ڪکائين اوطاق کان وٺي ڀلوڙ بنگلن تائين اسان جون اوطاقون ثقافت جي سونهن رهيون آھن. غريب غربي کان وٺي اميرن تي احسان جا وڙ اوطاق جي ڪلچر اسان کي سيکاريا آھن. علائقي جي ڪنهن لڪل فرد جي فن کي اوطاق ئي اپٽار ڪيو آھي. اهڙيون اوطاقون ورلي ڪٿي هاڻي نج سونهن جو سبب وڃي رهيون آھن. جيڪي مثالي قدرن سان موجود آھن، نه ته سڀ ڪجهه وقت جي تيز وهڪري ۾ وهي ويندو. اهي روايتون هاڻي گُهٽجي گُهٽجي ساهه کڻي رهيون آھن! جيئن اسان جي اندر اوطاقن کي روايتي ساوڙلي سوچ ۽ پنهنجي مفادن انائن جي آبياري پٺيان اڏوهي جيان کائي رهيون آھن. اسان پيار کان گهڻو پري پنهنجي ۾ جيئندي دوستي جا دڳ ڀلجي ويا آھيون. محبتن جي معيار کي ملاوٽ جي ماپن توري ڇڏيو آھي، اهڙيءَ طرح صدين کان سنڌ جي سونهن بڻيل اسان جون اوطاقون جيڪي اسان جي وقت ۽ ڌيان جون گهرجائو آھن. اهي مهمانن لاءِ اوپريون بڻجي ويون آھن اچو ته وري نئين نسل کي اهڙيون اوطاقون اڏي ڏيون جنهن جي لاٽڻ کي وقت جي اڏوهي نه کائي سگهي نه ڪي هٿ ٺوڪيون رسمون ان کي ڪيرائي سگهن. اهي اوطاقون سنڌ جي ثقافت ۽ سونهن جو جوهر آھن.